ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آمريڪا جي بدمعاشي ۽ ٽين دُنيا جا ملڪ

Editorial-Article-Abdul Sattar Laghari

ڪجھه تجزيي نگارن جو خيال آهي ته عمران خان پنھنجي حڪومت خلاف عالمي سازش جي حوالي سان جيڪي ڪجهھ چيو، ان جي وڏي اھميت آهي. عمران خان ٻڌايو ھو ته کيس ڌمڪي آميز خط مليو آهي. عمران خان ان سازش جي حوالي سان آمريڪا کي قصور وار قرار ڏنو آهي. ڪجھه صحافي چون ٿا ته آمريڪا ھڪ منظم سازش ڪري عمران خان کي ھٽايو آھي، ڪي وري اھو چون ٿا ته عمران خان کي ھٽائڻ ۾ آمريڪا جي سازش نه آهي.

ٻي طرف اسان ڏسون ٿا ته آمريڪا جي عالمي بدمعاشي جي ھڪ تاريخ رھي آھي. آمريڪا جي مشھور دانشور نوم چومسڪي جيڪو يھودي آمريڪي آھي، آمريڪا کي بدمعاش رياست سڏي ٿو، نوم چومسڪي آمريڪا جي بدمعاشي جي تاريخ به ٻڌائي ٿو. نوم چومسڪي مطابق آمريڪا نه رڳو عالمي سياست کي ڪنٽرول ڪري ٿو پر معيشت به ان جي ھٿ ۾ آھي، ھو جتي به چاھيندو آھي پنھنجي حڪومت قائم ڪندو آهي ۽ ان جي مرضي سان ئي حڪومتون ڊھنديون آھن. سوسن سونٽيگ ھڪ آمريڪي دانشور آھي، ان برطانوي اخبار گارجين ۾ لکيو آهي ته آمريڪا جو بنياد نسل ڪشي تي رکيو ويو آهي، سوسن سونٽيگ جي مضمون شايع ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ ھنگامو ٿيو. آمريڪا جي سياستدانن طرفان سوسن سونٽيگ کي غدار قرار ڏنو ويو. مغربي دنيا جي مشھور دانشور مائيڪل مان پنھنجي مشھور تصنيف ڊارڪ سائيڊ آف ڊيموڪريسي ۾ لکيو آهي ته گورن آمريڪا تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ اٺ کان ڏھه ڪروڙ ماڻھن جو قتل ڪيو، آمريڪا گورن جو نه پر ريڊ انڊينز جو ملڪ آھي پر گورن آمريڪا تي قبضي کانپوءِ اتي موجود ماڻھن جي نسل ڪشي ڪئي ۽ چند ڏھاڪن ۾ ڏھه ڪروڙ ماڻھن کي قتل ڪيو ويو.

مشھور آھي ته فردن ۽ قومن جو آغاز ئي ان جو انجام ھوندو آھي. گورن اٺ کان ڏھه ڪروڙ ريڊ انڊينز جي قتل کانپوءِ پوري دنيا جي ڏي رخ ڪيو ۽ انھن ويھين ۽ ايڪيھين صدي ۾ دنيا ۾ ايتري تباھي ڪئي جنھن جو مثال نه ٿو ملي. آمريڪا ڪوريا جي جنگ ۾ ٽيهھ لک انسانن کي قتل ڪيو، ويٽنام جي جنگ ۾ ڏھن سالن دوران پندرھن لک ماڻھن کي ماريو ويو، آمريڪا دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنھن جاپان تي ٻه ائٽم بم ڪيرايا. آمريڪا جي مشھور دانشور ھاورڊزن پنھنجي تصنيف پيپلز پارٽي آف دي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ۾ لکيو آهي ته ٻي عالمي جنگ جي آخري ڏينهن ۾ آمريڪي فوج جاپاني فوج جا اھي پيغام پڙھي ورتا ھئا، جن ۾ اھو ٻڌايو ويو ھو ته جاپاني فوج آمريڪا سان وڙھڻ جي قابل نه آهي ۽ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جو سوچي رھي آھي پر ان باوجود آمريڪا جاپان تي ائٽمي حملا ڪيا. آمريڪا چاھي ھا ته ائٽمي حملا نه ڪري ھا پر ان کي دنيا ۾ پنھنجي دھشت قائم ڪرڻي ھئي.

آمريڪا ويھين ۽ ايڪيھين صدي ۾ مسلمانن جو وڏي پئماني تي قتل عام ڪيو. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين عراق تي اقتصادي پابنديون لڳايون، اقتصادي پابندين جي ڪري عراق ۾ دوائن ۽ خوراڪ جي سخت قلت ٿي وئي، جنھن جي ڪري پنج لک ٻارن سميت ڏھه لک ماڻھو فوت ٿيا، نه رڳو اھو پر آمريڪا جي اڳوڻي وزير خارجه ميڊلين البرائيٽ مسلمانن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو. کانئس جڏھن ھڪ مغربي صحافي سوال پڇيو ته عراق ۾ پنج لک ٻارن سميت ڏھه لک ماڻھو فوت ٿيا آهن، توھان ڇا ٿا چئو؟ تڏھن ميڊلين البرائيٽ چيو ته اھو اسان لاءِ قابل قبول آھي ۽ صحيح ٿيو آھي. آمريڪا نائين اليون کانپوءِ افغانستان تي حملو ڪيو ۽ ويھن سالن ۾ ٻه لک کان وڌيڪ افغانين کي ماريو ويو. آمريڪا عراق تي حملو ڪيو ۽ آمريڪي جان ھوپڪنز يونيورسٽي مطابق جنگ جي شروعاتي پنجن سالن ۾ ڇھن سالن کان وڌيڪ عراقين کي قتل ڪيو ويو. جيستائين حڪومتن کي ختم ڪرڻ ۽ بدلڻ جو تعلق آهي ته آمريڪا پوري دنيا ۾ ڪيتري ئي عرصي کان پنھنجو ڌاڪو ڄمائي رکيو آھي. آمريڪا 1954ع ۾ ايران جي صدر مصدق جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو. مصدق آمريڪا جي ٽوئن ٽاورز کي نه ڪيرايو ھو ۽ نه ئي وري ھن لنڊن تي حملو ڪيو ھو، ھن جو ڏوھه فقط اھو ھو ته ھن تيل جي ذخيرن کي قومي تحويل ۾ ورتو هو. ان عمل سان آمريڪا ۽ برطانيا جي ڪيترن ئي ملٽي نيشنل ادارن جي مفادن کي نقصان پھتو ھو، تنھنڪري آمريڪا لکين ڊالر خرچ ڪري ايران ۾ مصدق خلاف مظاھرا ڪرايا.

آمريڪا جي مشھور اخبار واشنگٽن پوسٽ جي ھڪ خبر مطابق آمريڪا 1947ع کان 1989ع تائين دنيا جي 72 حڪومتن کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي. انهن سازشن ۾ 66 سازشون لڪل ھيون جڏھن ته 6 سازشون ظاھري طور ڪيون ويون. واشنگٽن پوسٽ موجب آمريڪا جي 66 لڪل سازشن مان 26 ڪامياب ۽ 40 ناڪام ٿيون. آمريڪا مختلف ملڪن جي حڪومتن کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجي بغاوتن جو سھارو ورتو، ان ۾ 14 مان 9 بغاوتون ڪامياب ٿيون. واشنگٽن پوسٽ لکيو آهي ته آمريڪا 16 ملڪن جي چونڊن ۾ پنھنجا من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ خفيه طور تي تمام وڏي رقم خرچ ڪئي، ان عمل ۾ ڪامياب به رھيو. واشنگٽن پوسٽ جي ھڪ ٻي خبر مطابق آمريڪا 1954ع ۾ گوئٽي مالا ۾ جيڪب آرينز جي چونڊيل حڪومت خلاف بغاوت ڪرائي، ان سلسلي ۾ آمريڪي سي آئي اي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. سي آئي اي جي بغاوت جي اھا مھم ايتري موثر ٿي جو جيڪب آرينز پنھنجي اقتدار کي بچائي نه سگھيو. 1981ع ۾ آمريڪي سي آئي اي نڪار گوا جي چونڊيل حڪومت کي اقتدار کان محروم ڪيو ويو. آمريڪا جي فارين پاليسي مئگزين مطابق آمريڪي سي آئي اي ھڪ ڌماڪيدار سگار وسيلي انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو. 1960ع ۾ آمريڪي سي آئي اي ڪانگو جي پھرين چونڊيل وزيراعظم پئٽرس لوامبا کي برطرف ڪرايو، سي آئي اي ان سلسلي ۾ ڪانگو جي صدر جوزف ڪاسابو بوڪو کي استعمال ڪيو. 1963ع ۾ آمريڪا ويٽنام ۾ نگوڊن ڊيم جي حڪومت خلاف فوجي بغاوت ڪرائي وئي. آمريڪا 1964ع ۾ برازيل ۾ جاوا ڪولاٽ جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو. ڪولاٽ جي حڪومت جو ڏوھه اھو ھو ته ھو چين جي ڪميونسٽ انقلاب کان متاثر ھئي ۽ ان مطابق برازيل جي ترقي جي خواھان ھئي.

مسلمان ملڪن ۾ حڪومتون ٺاھڻ ۽ ختم ڪرڻ آمريڪا جي پراڻي راند آھي، شاھه فيصل کي جيتوڻيڪ ان جي ڀائٽي قتل ڪيو پر باخبر ماڻھن جو خيال آهي ته شاھه فيصل جي قتل ۾ آمريڪي سي آئي اي شامل ھئي. ان جو سبب اهو هو ته شاھه فيصل پنھنجن تيل جي ذخيرن کي ھٿيار طور تي استعمال ڪيو ھو، شاھه فيصل جي ان رويي جي ڪري مغربي دنيا ۽ آمريڪا آپي مان نڪري ويا. شاھه فيصل ھڪ ڏينھن آمريڪا جي سفير کي مانجھاندي تي دعوت ڏيئي گھرايو. شاھه فيصل مانجھاندي لاءِ ريگستان ۾ ھڪ خيمو تيار ڪرايو. شاهھ فيصل آمريڪي سفير کي مانجھاندي ۾ ڪجهھ کجور ۽ سليماني چانهھ پيش ڪئي ۽ چيائينس ته اسان جا ابا ڏاڏا انھي خوراڪ تي زندگي گذاريندا هئا ۽ اسان پنھنجن بزرگن جا وارث آهيون. انڪري مغربي دنيا اسان کي اھو چئي نه ڊيڄاري ته ھو اسان جي تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪندي. ان کان پھرين جو اسان جي تيل تي قبضو ڪيو وڃي، اسان تيل کي باهھ ڏيئي ڇڏينداسين، توھان جي اطلاع لاءِ اھو عرض آھي ته اسان کي جن شين جي ضرورت آھي، اھي اسان تيل کان بغير به پيدا ڪري سگھون ٿا، پر مغربي دنيا کي اھو سوچڻ گھرجي ته تيل کان بغير ھنن جو گذارو ڪيئن ٿيندو. شاھه فيصل جي اھا سوچ انقلابي ھئي، آمريڪا ان کي ڪيئن برداشت ڪري ھا. اھا به ھڪ حقيقت آھي ته پاڪستان ۾ اسلامي ملڪن جي سربراھه ڪانفرنس ڪرائڻ ۾ شاھه فيصل جو وڏو ڪردار ھو. تنھن ڪري شاھه فيصل مغرب لاءِ ھڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو هو. ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هو ته اسان گاھه کائي به ائٽم بم ٺاھينداسين. ڀٽو جو خيال هو ته جيڪڏھن پاڪستان جو ائٽم بم ۽ عربن جو پيٽرو ڊالر ملي وڃن ته مسلم دنيا طاقتور بڻجي ويندي. اھو ئي سبب آهي جو آمريڪا جي وزير خارجه ھنري ڪسنجر ڀٽي کي ڌمڪي ڏيندي چيو ھو ته اسان توکي عبرت جو نشانو بڻائينداسين.

اھا ھڪ ناقابلِ ترديد حقيقت آھي ته آمريڪا مصر ۾ صدر مرسي جي حڪومت کي برطرف ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان جو ثبوت اھو آھي آمريڪا جنرل سيسي جي اقتدار تي قبضي کي به تسليم نه ڪيو ۽ پوءِ آمريڪا کي مصر تي پابنديون لڳائڻيون پئجي ويون. ترڪي جي صدر اردگان خلاف فوجي بغاوت به آمريڪا جي سازش ھئي، صدر اردگان چيو ھو ته آمريڪا فتح الله گولن کي ترڪي جي حوالي ڪري.

آمريڪا جي اھا خطرناڪ تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا ھڪ بدمعاش رياست آھي، اھا ڪٿي به ڪيڏي مھل به ڪجھه به ڪري سگھي ٿي.
نوٽ: ھن مضمون جو مواد مختلف ويب سائيٽن تان ورتو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button