
نئين حڪومت جي چونڊيل وزير اعظم شهباز شريف پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي ۽ هاڻ هن پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪار به شروع ڪري ڏنو آهي. پهرين ڏينهن تي وزير اعظم چونڊجڻ کان پوءِ هن جنهن رليف جو اعلان پنهنجي تقرير ۾ ڪيو هو، ان تي عمل ڪرڻ به لازمي آهي. پر هن وقت ملڪ ٻن اهم ترين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هڪ آهي بدحال معيشت ۽ ٻيو آهي مهانگائي. عوام جهڙي ريت مهانگائيءَ جي ڪري پريشان نظر اچي رهيو آهي. ان جي ڏکن کي اهو ئي ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن جي محدود آمدني هجي ۽ اهو پنهنجي گهر جا خرچ به پورا نه ڪري سگهندو هجي. پر هن صورتحال ۾ عوام اٽي ۾ ٻڌو پيو آهي. اهو اٽي جو ڪلو وٺڻ وقت به سوچي ٿو ڇاڪاڻ ته ان جو اگهه ايترو ته مهانگو ڪيو ويو آهي جو هاڻ عوام لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ اهو به جاچڻ جي ضرورت آهي ته گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪي مهانگائيءَ جا بم ڪيرايا آهن، ان جا عوام تي نفسياتي اثر ڪهڙا پيا آهن ۽ ڪهڙي ريت هو مهانگائي هوندي به حوصلي سان پنهنجو پاڻ کي سنڀاليندو رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي حڪومت کي پنهنجي دور ۾ به مهانگائي نظر ڪانه ايندي هئي، عمران خان هر ڀيري پيٽرول جون قيمتون وڌائي اهو چوندو رهندو هو ته دنيا جو سستو ترين پيٽرول پاڪستان ۾ ملي رهيو آهي. ذري گهٽ پيٽرول 200 روپيا ليٽر تي وڃي پهتو هو. پر تنهن هوندي به عمران خان اها ڳالهه قبولڻ لاءِ تيار نه هو ته ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو اسم ٿي چڪو آهي.
هن وقت ملڪي معيشت جي حالت ڪا بهتر ناهي، قومي خزاني ۾ به گهڻو پئسو ناهي تنهنڪري حڪومت لاءِ اهو به هڪ وڏو چيلينج آهي ته اها ڪهڙي ريت ملڪي معيشت کي بهتر ڪندي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ حڪومت معيشت جي اهڙي ڀينگ ڪري وئي آهي جو ان کي بهتر ڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويندو. تنهنڪري هاڻوڪي وزير اعظم کي پنهنجي معاشي ٽيم وڌيڪ بهتر رکڻي پوندي. معيشت جي بهتريءَ لاءِ ڪي اهڙي تڪڙا ۽ اثرائتا اپاءَ وٺڻا پوندا، جن جا اثر عملي طور نظر به اچن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ريت هاڻ وڌيڪ بگڙيل معيشت کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري وزير اعظم شهباز شريف معاشي بهتري لاءِ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن جو اهم ترين ڪم ملڪ جي معاشي معاملن کي بهتر ڪرڻ هوندو. هن وقت پاڪستان ۾ ڪابه اهڙي ٻاهرين سيڙپڪاري ڪانهي، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿين يا وري ملڪ ۾ ڪي ترقياتي ڪم شروع ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته سي پيڪ جي ڪم کي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان روڪرائي ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري اهو پروجيڪٽ رولڙي جو شڪار ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ چين به ان پروجيڪٽ جي حوالي سان دلچسپي گهٽائي ڇڏي هئي. پر هاڻ ان پروجيڪٽ کي شروع ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن ان سان هڪ ڀيرو وري ملڪي معيشت کي هٿي ملي سگهي. ظاهر آهي شهباز شريف کي سندس معاشي ماهر ڪارائتا مشورا ڏيندا. پر انهن صلاحن ۾ هڪ اهم ڳالهه به شامل ٿيڻ گهرجي ته پاڙيسري ملڪن سان سمورن تڪرارن باوجود جيڪڏهن واپاري سلسلو شروع ڪري سگهجي ٿو ته ان کان نه ڪيٻايو وڃي. دنيا ۾ ڪيئن اهڙا ملڪ آهن، جن جا پاڻ ۾ سرحدي تڪرار هوندا آهن پر تنهن هوندي به اهي پنهنجون واپاريون سرگرميون جاري رکندا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومت کي پهرين فرصت ۾ مهانگائي گهٽائڻ گهرجي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي ۽ اهو گهٽ ۾ گهٽ سک جو ساهه ته کڻي سگهي. تنهنڪري کاڌي پيتي جي شين جا اگهه ترت گهٽايا وڃن ۽ ان کان سواءِ پيٽرول اسمن کي گهٽايو وڃي.