ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حادثن جو شڪار ٿيندڙ حيدرآباد جا پورهيت

Editorial

أحيدرآباد ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي کان گهڻن ماڙ عمارتن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. انهن عمارتن ۾ گهڻيون اهڙيون آهن، جيڪي رهائشي استعمال لاءِ جوڙيون پيون وڃن ته ٻيون اهڙيون آهن، جيڪي ڪاروباري مقصدن لاءِ اڏيون پيون وڃن. انهن عمارتن جي ڪري نه رڳو شهر جو انفرااسٽرڪچر متاثر ٿيو آهي پر شهري آبادي به ڳتجي وئي آهي. پر تنهن هوندي به جتي جتي اهڙيون عمارتون اڏيون پيون وڃن. اهڙين عمارتن جو اڏڻ مجبوري پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي پر ان سان گڏوگڏ اهو به لازمي آهي ته پارڪن ۽ راندين جي ميدانن لاءِ جاءِ ضرور ڇڏي وڃي پر انهن جاين تي به عمارتون کڙيون ڪيون وينديون آهن. عمارتن جي اڏاوت دوران جو به ڪم ڪندڙ عملو هوندو آهي، اهو ڪنهن به قسم جا حفاظتي اپاءُ استعمال نه ڪندو آهي، انهن کي ڪي سيفٽي ڪٽون نه هونديون آهن نه ڪي خاص قسم جون ٽوپيون ۽ نه ئي ماسڪ وغيره پاتل هوندا آهن. پر تنهن هوندي به اهي ڪم ڪندي نظر پيا ايندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اهي حادثن جو شڪار ٿي پنهنجون حياتيون پيا وڃائيندا آهن. ڪالهه به اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب هڪ پورهيت پنهنجي حياتي وڃائي چڪو آهي.
خبر موجب حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ هڪ گهڻ ماڙ پلازه تي تعميراتي ڪم دوران رسو ٽٽڻ دوران 30 ورهين پورهيت لالو ٺاڪر فوت ٿي ويو، ڀٽائي نگر پوليس اطلاع تي واقعي واري ھنڌ تي پھچي لاش سول اسپتال پھچايو ويو، پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پورهيت قاسم آباد جي ڪچي آبادي ۾ رهندو هو. تعميراتي ڪم جي مزدوري ڪري زال ۽ ٻارن جو پيٽ پاليندو هو. ان ڏس ۾ تعميراتي مزدور اڳواڻ نبي بخش رابطو ڪرڻ تي ٻِڌايو ته حيدرآباد ۾ مزدورن جون زندگيون دا تي لڳل آهن، بلڊر طرفان ڪابه سيفٽي مليل ناهي، تعميراتي پلازائن تي غير قانوني ڪم ورتو پيو وڃي. 8 کان 10 منزل تي بيلٽ کانسوا مزدور ڪم ڪن ٿا. هن چيو ته حيدرآباد ۾ 25 مزدور پلازائن تان ڪري فوت ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي پورهيت ڪري زخمي ٿيڻ کان پوءِ اپاهج بڻجي ويا آهن. 2 سال اڳ آٽُو ڀان روڊ تي گهڻ ماڙ عمارت تان ناصر آرائين ڪري فوت ٿي ويو هو. جيڪو 22 ڏينهن ڪوما ۾ هو. سندس هڪ ڀاءُ پڻ ساڳئي پلازه تان ڪري زخمي ٿي اپاهج ٿي ويو. هڪ پلازه تان پنهل ابڙو ڪري فوت ٿيو. تازو عبدالله مال مان رحيم يار خان واسي مزدور ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جو 3 ڏينهن لاش به پيل رهيو. 2 سال اڳ امام دين ٻرڙي جي نوجوان پٽ پڻ ڪري فوت ٿي ويو. اڳ ۾ علي سولنگي ڀٽائي ٽائون ۾ پلازه تان ڪري فوت ٿي ويو. هن چيو ته رازن ۽ مزدون جي زندگي ڏکي ٿي وئي آهي. بلڊر فوتين کي معاوضو به نٿا ڏين.
هي يقينن ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙين ڏکين حالتن ۾ جڏهن پورهيت ڪم ڪن ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهي پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏين ٿا. بلڊر مافيا انهن کان مقرر وقت کان وڌيڪ ڪم وٺڻ لاءِ آتي هوندي آهي پر انهن لاءِ ڪي به حفاظتي انتظام ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي، جنهن جي ڪري اهي سدائين موت جي منهن ۾ هوندا آهن. حيدرآباد ۾ هن وقت تائين وڏي انگ ۾ مزدور مري چڪا آهن پر تنهن هوندي به اڃا تائين ڪي به حفاظتي اپاءَ نه ورتا ويا آهن. اهڙي ريت حادثن جو سلسلو هلندڙ آهي. جڏهن ته ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي ضرور نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ انهن کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته اهي مزدورن جي حفاظت لاءِ گهربل انتظام ڪن. ڇاڪاڻ ته هڪ مزدور جي حياتي به قيمتي آهي. تنهنڪري ان جي زندگيءَ کي ائين زيان نه ٿيڻ گهرجي.
اسين سمجهون ٿا ته حيدرآباد شهر ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جو جتي جتي به ڪم هلي رهيو آهي. ان جو جائزو بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ کي وٺڻ گهرجي ته انهن بلڊنگ جا ٺيڪيدار ڪهڙي ريت پورهيتن کي بي يارو مددگار ڪري کين موت جي منهن ۾ اڇلائي رهيا آهن. مٿي ڄاڻايل مزدور جي حادثي جو ڪيس به ان بلڊر خلاف داخل ڪرڻ گهرجي، جنهن ان لاءِ ڪي به حفاظتي اپاءَ نه ورتا آهن. ان کانسواءِ نه رڳو حيدرآباد پر سڄي ملڪ ۾ جتي به پورهيت ڪم ڪن ٿا، انهن کي هر صورت ۾ حفاظتي ڪٽون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي حادثن کان بچي سگهن ۽ انهن کي اهڙيون ٽريننگون به ڪرايون وڃن جو اهي جڏهن ڪنهن حادثي جو شڪار ٿيڻ وارا هجن ته پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button