پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ويڪسينيٽرن جو مظاهرو

ميھڙ: ميهڙ ۾ ڪرونا وبا دوران ڊيوٽي ڪندڙ ويڪسينيٽرن گذريل 6 مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف محمد اويس جتوئي، حنيف ناريجو، اياز کوسو، آزاد شيخ، مسرور ڪولاچي، منصور مهيسر، ميانداد، توفيق ۽ غفار مهيسر جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال جي مک گيٽ آڏو پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ھنن چيو ته اسان روزاني جي بنياد تي اجرت تي ڀرتي ٿيا آهيون، پر گذريل 6 مهينن کان پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جنهن سبب فاقا ڪشي تي مجبور ٿي ويا آهيون، عيد ويجهو اچڻ باوجود پگهارون جاري نه پيون ٿيون آهن. ھنن ڊي جي هيلٿ، ڊي ايڇ او دادو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته پگهارون جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button