
ميھڙ: ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سٽيزن ڪالوني جو رھواسي شاگرد ساحل گهانگهرو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگھيو، جنهن سبب شاگرد جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي. ان حوالي سان شاگرد جي پي اظھر گانگھرو ٻڌايو ته ميھڙ ٿاڻي تي پٽ جي گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو آھي، پر ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه پئجي سگهيو آهي. ٻئي طرف ميھڙ پوليس شاگرد کي اغوا ڪندڙ جوابدار شيراز ابڙو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس موجب مقامي هوٽل کان نوجوان کي اغوا ڪرڻ واري ورتل سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ گرفتار ٿيل شخص کان مليل اهم معلومات جي بنياد تي ڪي اين شاهه ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جي ڀيڻيويي رشيد ڏهر جي گهر تي ڇاپو هنيو آھي، جنهن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آھي، جيڪا جلد ظاهر ڪئي ويندي. پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار شيراز ابڙو ڏوھه جو اعتراف ڪيو آھي، شاگرد کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.