پي ٽي آءِ جي حڪومت هوندي ملڪي معيشت ڪڏهن به پاڻڀري نه ٿي سگهي. حڪومت رڳو انگن اکرن جي راند ڪندي رهي، ان پنهنجا ڪيترائي معاشي ماهر تبديل ڪيا ۽ ان کان سواءِ ڪيترائي تجربا ڪيا پر تنهن هوندي به ملڪي معيشت بهتر نه ٿي سگهي. جيتوڻيڪ هاڻ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي پر تنهن هوندي به ملڪي معيشت جي حالت ڪا گهڻي بهتر نظر نٿي اچي. ان جو هڪ سبب ته اڳوڻي حڪومت جا معيشت لاءِ بهتر اپاءَ نه وٺڻ آهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان ۽ سندس ٽيم معيشت جي معاملي ۾ مڪمل طور ناڪام نظر آيا. جڏهن به انهن کي اهو ياد ڏياريو ويندو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ معيشت سٺي ڪانه پئي ٿئي ته حڪومت جو جواب هوندو ته اهو گذريل حڪومتن جي ڪري آهي. پر حقيقت اها هئي ته پي ٽي آءِ حڪومت وٽ ايتري اهليت ئي ڪانه هئي، جو اها ملڪي معيشت کي بهتر ڪري سگهي ها. تنهنڪري اها ان حوالي سان پنهنجي ناڪامي قبولڻ لاءِ به تيار ناهي. تازو ئي عالمي بينڪ جي رپورٽ آئي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي آهي.
عالمي بينڪ موجب عالمي منڊي ۾ تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان معيشت کي وڏا خطرا درپيش آهن، جڏهن ته ڪورونا جي نئين لهر سبب چرپر تي پابندي به لڳي سگهي ٿي. عالمي بينڪ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي تازي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قرضن جي ادائيگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت کي مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سياسي غيريقيني ميڪرو اڪنامڪ عدم توازن پيدا ڪري سگهي ٿي. عالمي بينڪ اسٽرڪچرل چيلينجز کي پاڪستان جي پائيدار معاشي ترقيءَ لاءِ وڏا خطرا قرار ڏنو آهي. جڏهن ته گهٽ سرمائيڪاري، برآمد ۽ پيداوار ۾ گهٽتائي، معاشي بحالي لاءِ خطرو قرار ڏني وئي آهي. اهو به چيو آهي ته سياسي هلچل ۽ سڌارن جو عمل متاثر ٿيڻ سان معيشت کي خطرو آهي. عالمي بينڪ موجب جولاءِ کان ڊسمبر 2021ع دوران معاشي سرگرمين جو تسلسل جاري رهيو، عالمي منڊي ۾ جنسن جي قيمت ۾ واڌ ۽ طلب سبب مهانگائي وڌي آهي، جنهن جي ڪري درآمدي بل ۾ واڌ ٿي ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي.
عالمي بينڪ موجب شين جي عالمي قيمتن ۾ واڌ ۽ درآمد وڌڻ سان مهانگائي وڌي، هاڻُوڪي مالي سال ۾ گروٿ ريٽ 4 ڏهائي 3 ۽ ايندڙ سال 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. 2024ع ۾ معاشي ترقيءَ جي رفتار 4 ڏهائي 2 سيڪڙو ٿي ويندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، سال 2020ع ۾ غربت 37 سيڪڙو جڏهن ته 2021ع ۾ 34 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، خوراڪ ۽ توانائيءَ جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري عوام جي قوت خريد ۾ گهٽتائي متوقع آهي. عالمي بينڪ چيو آهي ته ڪورونا کان بحالي پاڪستان جي چيلينجر کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿيو. عالمي بينڪ مالي خساري تي قابو پائڻ لاءِ زور ڏيندي حڪومت کي لچڪدار ايڪسچينج ريٽ پاليسي برقرار رکڻ جي به تجويز ڏني آهي.
ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڳالهيون ته گهڻيون ڪيون وينديون آهن پر ڪي به عملي اپاءَ نظر نه ايندا آهن، جنهن جي ڪري نه ته معيشت بهتر نظر اچي ٿي ۽ نه ئي عام ماڻهو جي حالت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي. اسان جو ملڪي زرعي ملڪ آهي پر هتان جي ايگرو اڪانامي به ڪا بهتر ناهي. جيڪڏهن ان کي بهتر ڪيو وڃي ته گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو. اڄ به اسين زراعت ۾ پراڻا طريقا استعمال ڪري رهيا آهيون. ان ۾ جدت ڪونه آڻي سگهيا آهيون. ان کان سواءِ حڪومت جو سڄو زور درآمد تي هوندو آهي. جڏهن ته اسان کي ڪي اهڙيون مارڪيٽيون ڳولڻيون پونديون جن وسيلي اسين هتي ٺاهيل شيون موڪلي سگهون، جنهن سان به اسين سٺو ناڻو ڪمائي سگهون ٿا. اسان جو نوجوان نسل به هنرمند ناهي، جيڪو رڳو پڙهي ٿو پر ڪو هنر نٿو سگهي. ان کي هنرمند ڪري بهتر معاشي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. پر اهو سڄو نسل اسان وٽ واندو ويٺو آهي. ملڪ ۾ ايڪو ٽوئرزم لاءِ به بهترين ماحول آهي. پر اهو پاسو به اسان وٽ خالي لڳو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٽوئرزم وسيلي به ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي ته جيئن اسين ان وسيلي به معيشت کي بهتر ڪري سگهون.