اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

10 ڪلو اٽو 400 ۽ کنڊ في ڪلو 70 رپيا مقرر ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف روزيدارن جي لاءِ وڏي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪندي عيد تائين 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 550 مان گهٽ ڪري پنجاب ۾ 400 رپيا ۽ رمضان بازار ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته باقي صوبا به اهي قيمتون مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. هن هدايت ڪئي ته پنجاب اٽي ۽ کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي امداد ڪري. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضرورت موجب بلوچستان کي اضافي ادائيگي ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button