ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪ کي سريلنڪا ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي؟

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دانشمند بنگالي اڳواڻ ڪامريڊ ايم اين را ذري گهٽ ھڪ سئو سال اڳ لکيو ھو ته ننڍي کنڊ ۾ مغربي جمهوريت وارو نظام اڃا نئون نڪور آهي ۽ برطانوي جمھوري سرشتي جي پاڙ ھتي پختي نه ٿي سگهي آهي تنهن ڪري انگريزن کي تڙ تڪڙ ۾ ھتان لڏپلاڻ ڪري وڃڻ سان سندن ئي پوکيل جمھوريت جو ڪچو ٻوٽو جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سياسي ڀوتارن ھٿان چٿجي چيڀاٽجي ويندو. اقتدار جون واڳون فوري طور اھڙن موقعي پرستن جي حوالي نه ڪرڻ گهرجن. انگريزن کي ننڍي کنڊ يعني سڄي ھندوستان ۾ اڃا وڌيڪ عرصي تائين حڪمراني ڪرڻ کپي ته جيئن جمھوري نظام جون پاڙون برطانيا ۽ آمريڪا جيان مضبوط ٿي وڃن. منھنجي ذاتي خيال مطابق ھي تجويز ڏيئي عوام دوست ليڊر ايم اين را ھڪ تير سان ٽي شڪار ڪرڻ جو خواهشمند ھو.
جناب ايم اين راءِ ورھاڱي کان ٻارھن سال اڳ 1935 ۾ “انڊپينڊنٽ انڊيا ” نالي انگريزي اخبار ۾ ھن سلسلي ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا. ھڪ ڀيري راءِ صاحب لکيو ته ھندوستاني ماڻھن تعليم جي گھٽتائي جي ڪري مغربي جمھوريت جي روح کي اڃا تائين سمجھيو ئي نه آهي. ھو جنھن جاگيرداري نظام جي پنجوڙ ۾ صدين کان ڦاٿل آهن، ان منجهان نڪرڻ ۾ کين گھڻو وقت لڳندو. انگريز جيڪڏهن ورھاڱو ڪري تڙ تڪڙ ۾ ھندوستان مان لڏي ويندا ته سندن ورھاڱي واري رٿابندي مطابق قائم ٿيندڙ ٻنھي ملڪن يعني ڀارت ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت قائم ٿيڻ بجاءِ فاشزم مڙھجي ويندي.
سندس لکڻين ۾ جيڪا دور انديشي ھئي سا 1947 ۾ ھي ٻه ملڪ ٺهڻ شرط ھن ريت سامھون اچي ويئي ته ڀارت جي اڳواڻن ڪشمير بابت جيڪي معاھدا لکت ۾ ڪيا ھئا، تن تي ھندوستان جي ڪنھن به ليڊر عمل نه ڪيو. ڪشمير جي مقبول عوامي رھنما شيخ عبدالله جا خودمختياري وارا مطالبا مڃڻ بدران کيس جيل اندر واڙي ڇڏيائون جتي سالن جا سال سڙندو رهيو. سندس وفات کان پوءِ شيخ عبدالله جي فرزند فاروق عبدالله کي به ڏٽا ڏيئي اقتدار ۾ آڻي ڀارتي اڳواڻن سمجهيو ته ڪشميرين جي خود اراديت واري مطالبي تان ھو هٿ کڻي ويندو. پر ايئن نه ٿي سگهيو. آخرڪار ڪشميرين جي بنيادي حقن کي لتاڙڻ خاطر پنجن لکن کان مٿي ڀارتي فوجين ڪشمير ۽ ڄمون تي چڙهائي ذريعي قبضو ۽ ڪنٽرول ڪري ورتو. وزير اعظم نريندر موديءَ ته اتي بدترين فاشزم مڙھي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ جنرل اسڪندر مرزا ۽ ان کي گن پوائنٽ تي ھٽائي جنرل ايوب خان جي مڙھيل مارشل لا جو سلسلو جنرل يحيٰ خان، جنرل ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف جي دور تائين نھايت ئي فاشسٽ طور طريقن ذريعي ھلايو ويو.
جيڪا تاريخ مون پڙھي آهي ان مطابق ته جنرل ايوب خان جي مارشل لا ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿيڻ کان گهڻو اڳ ۾ ئي 1940 واري لاھور قرارداد کي سويلين حڪمرانن ئي ڦاڙي ڦٽو ڪيو ھو. ھي جيڪي ھر سال 23 مارچ تي پاڪستان جي ٺهراءُ جا جشن ملهائين ٿا انهن کي خبر ناهي ڇا ته بنگال، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي مڪمل خودمختياريءَ جو ھن ٺھراءُ ۾ جيڪو عھد ڪيو ويو ان کي سڀ کان پهرين سويلين حاڪمن ئي پنهنجن ناپاڪ پيرن ھيٺان لتاڙي، پاڪستان جي بنيادي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڏوھاري کي سزا نه ڏني ويئي. فاشزم جو اصل ٻج ان وقت ئي ڇٽيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر بنگال جي ماڻهن پاڪستان کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ملڪ ٽٽي ٻه ٽڪرا ٿي ويو. اھڙي قسم جي سويلين جمھوري فاشزم ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي تازو ھٽايل وزير اعظم عمران خان جي نام نهاد جمھوريت ۾ پڻ ھزارين مخالف سياسي ڪارڪنن ۽ پارٽي اڳواڻن کي ڀوڳڻي پئجي ويئي. اسان جي عام خلق جي به عجيب نفسيات آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جمھوري حڪومت جي اوٽ ۾ فاشزم مڙھي ويٺو هو پر خدا جي خلق کيس پاپولسٽ ليڊر سمجھي ٿي. ساڳي طرح عمران خان پاڪستان جي آئين، پارليامينٽ، مخالف ڌرين ۽ عدليه کان وٺي اليڪشن ڪميشن تائين ھرھڪ اداري سان جٺيون ڪيون پر اڄ سندس جلسن ۾ شريڪ ٿيندڙ ھزارين ماڻھو کيس مظلوم سمجهن ٿا ۽ ھو پاپولر بڻجي چڪو آهي.
مون ڪجھه ڏينهن اڳ پاڪستان جي سلامتيءَ سان سلهاڙيل ملڪ جي بچاءَ واري ڊفينس ڪميٽي بابت جاري ٿيل موقف پڙھندڙن آڏو پيش ڪيو ھو جنھن ۾ صاف صاف لفظن ۾ چيو ويو ته پرڏيهي سفارتڪار جي انھيءَ خط مان ڪنهن به سازش جو ثبوت نه مليو آهي جيڪو خط پري پري کان ڏيکاري عمران خان تمام جھجھن ماڻهن کي بيوقوف ٺاهي رھيو آهي. انھيءَ وضاحت بعد نئين وزير اعظم شهباز شريف ڊفينس ڪميٽي جي گڏجاڻيءَ ۾ به ڏاڍي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ته جيڪڏهن عمران حڪومت خلاف ڪنهن به سازش جو ڪوبه ثبوت مليو ته عوام جي آڏو آڻي رکنداسون. پر جبل کوٽڻ کانپوءِ کين ڪوئي يا ڪوئو به ھٿ نه آيو. ھاڻي عمران خان جي خواھش کي پورو ڪرڻ خاطر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ به انھي ھٿ ٺوڪي سازش جي تحقيقات ڪرائي ته نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو خط لکڻ واري سفارتڪار پاڻ چيو آهي ته، “مون کي سازش ڪرڻ جي ڪابه گھرج نه آھي ۽ نه ئي منهنجي اھڙي نيت آهي.”
ھن جملي جو مقصد اهو ٿيو ته جڏهن اڳوڻي وزير اعظم کي سندس پنھنجا پارٽي ميمبر ۽ اتحادي جماعتن وارا ئي ڇڏي ويا ته ان سياسي ڏيوالپڻي جي صورتحال ۾ ڇا ڪنھن به عالمي سازش جي ضرورت ھئي؟
اڳوڻو وزير اعظم ھاڻي مايوسي وچان ملڪ اندر انارڪي ڦهلائي جيڪڏهن خانه جنگيءَ جا خواب ڏسي پيو ته اھا سندس خطرناڪ ڀل آهي. ھا، عمران خان جو اھو مطالبو مڃڻ جوڳو آهي ته ملڪ ۾ نئين سر عام چونڊون ڪرايو. پي ڊي ايم جي سرواڻ مولانا فضل الرحمان به سندس انھيءَ مطالبي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
آخر ۾ منھنجي ھي تجويز آهي ته ٽيھن سالن کان پاڪستان تي راڄ ڪندڙ سويلين توڙي مارشل لا حڪومت جا ذميوار يعني شريف فيملي، آصف زرداري، جنرل مشرف، ايم ڪيو ايم، اڳوڻو وزير اعظم شوڪت عزيز، رٽائرڊ جنرل ۽ ٻيا گڙنگ ڪامورا ھن ملڪ مان ڦريل لٽيل دولت رضا خوشيءَ سان واپس قومي خزاني ۾ جمع ڪرائين. عمران خان به سرڪاري مال خاني مان جيڪي قيمتي گاڏيون، گھڙيون ۽ ٻيون سوکڙيون پنھنجو ذاتي وکر سمجھي ڀڳڙن مُٺ عيوض کڻي ويا سي امانتون واپس موٽائي ڏين يا انهن جو اصل ملھه ڀرين ته جيئن انٽرنيشنل مالياتي ادارن ۽ عالمي بئنڪن جا قرض لاهي، پاڪستان کي اھڙي ڏيوالي کان بچائي سگھجي جيڪو سري لنڪا جا مسڪين ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن. پاڪستان جا به ھوائي اڏا، سرڪاري عمارتون، موٽر وي ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان اڳ ۾ ئي گروي رکيل آهن. جيڪڏهن ھن اشرافيا جيڪڏهن پنهنجي ملڪ مان ڪمايل ڌن دولت جي قرباني ڏيئي ملڪ کي نه بچايو ته اسان جي حالت زمبابوي ۽ وينزويلا کان به تمام بڇڙي ٿي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button