
ايشين ريسلنگ چيمپيئن شپ جي مقابلن ۾ پاڪستان جي ريسلر انعام بٽ کي بھ شڪست اچي وئي آهي. ميڊيا مطابق منگوليا ۾ جاري ريسلنگ جي مقابلن واري ڪوارٽر فائنل ۾ ڪرغستان جي ريسلر پاڪستان جي ريسلر انعام بٽ کي شڪست ڏني آهي. جڏهن تھ ريسلر انعام بٽ کي شڪست ملڻ بعد چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جو سفر ختم ٿي ويو آهي. ان کان اڳ پاڪستاني ريسلر عنايت اللھ ۽ محمد بلال تھ ڪواليفائنگ رائونڊ بھ کٽي نھ سگهيا، جنهن سبب ملڪ خاطر ميڊل کٽڻ جي اميد پوري نھ ٿي سگهي آهي.