ان وقت آصف زرداريءَ جي هٿن ۾ افسوس کان سواءِ باقي ڪجهه به نه بچيو هوندو، جنهن وقت کيس اهو پتو پيو هوندو ته ملڪ جو موجوده صدر عارف علوي ڪيڏانهن ڪو نه پيو وڃي! جيڪڏهن آصف زرداريءَ کي اهو اڳواٽ معلوم هجي ها ته هو ايترو اڳتي ئي نه وڌي ها. هن جي اڳتي وڌڻ سان هن جي سنڌ سرڪار جي عمر گهٽجي وئي. ڇو ته هن مهل سمورو زور نين چونڊن تي آهي. جڏهن ته آصف زرداريءَ جو منڍ کان وٺي اهو موقف رهيو هو ته اسيمبلين کي هر صورت ۾ مدو پورو ڪرڻ گهرجي. آصف زرداري جو اسيمبلائي مدو پورو ٿيڻ ۾ ڪو آئيني يا سياسي انٽريسٽ نه هو. هن صرف اهو ٿي چاهيو ته ڪنهن طرح سان سنڌ ۾ هن جي سرڪار هلندي رهي. هن کي اهو پروٽوڪول ۽ سرڪاري پئسو ملندو رهي جيڪو بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ گذريل 14 سالن تائين پيپلز پارٽيءَ کي بنا پڇڻ ڪڇڻ جي ملندو رهيو آهي. مسلسل اقتدار ۾ رهڻ سبب پيپلز پارٽي هن مهل هڪ اهڙي مڇي بڻجي وئي آهي، جيڪا اقتداري پاڻيءَ کان سواءِ جيئڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي. آصف زرداريءَ کي ان جو پورو پتو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي پاڻ وڻنديءَ سان هلائڻ سبب ان جو داخلي سسٽم ڪيترو نه ڪمزور ٿي ويو آهي؟ پر هو اهو به ڄاڻي ٿو ته جيستائين هن وٽ اقتدار آهي، تيستائين هن وٽ ٻين جو به اختيار آهي.
اقتدار سدائين پاڻ ۾ اضافو چاهيندوآهي. اها اقتدار جي فطرت آهي. ان حوالي سان آصف زرداريءَ جي به خواهش هئي ته هو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان وڌيڪ اقتدار حاصل ڪري ۽ هو جنهن طرح سان سنڌ اندر اقتدار ۾ هوندي به احتساب جي پاڇي کان پاڻ کي پري نه ڪري سگهيو، ان صورت ۾ هن کي شدت سان ياد اچي رهيو هو، اهو وقت جڏهن هو ملڪ جو صدر هو ۽ ملڪ جي صدر هجڻ جي حيثيت سبب هن کي آئين جي اهڙي زرهه پهريل هئي جو ڪنهن به قانون جو تير هن تائين پهچي نه ٿي سگهيو. هن جي شديد خواهش هئي ته هو ڪنهن طرح سان وري ملڪ جو صدر بڻجي وڃي ۽ پنهنجي پٽ بلاول کي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ڏسي ۽ هن جو خاندان وري ايوان صدر ۾ ايبسوليٽ پاور جا مزا ماڻي. پر انسان جي هر خواهش ته پوري ٿي نه ٿي سگهي. هن ڀيري آصف زرداريءَ جو سياسي داءُ نه لڳي سگهيو. اهڙي طرح هن جي سياسي ٽڪساٽ سبب شهباز شريف ته ملڪ جو وزير اعظم بڻجي ويو ۽ هن جو پٽ به پنجاب جي سڀ کان وڏي منصب تي پهچي ويو پر آصف زرداريءَ کي ڇا مليو؟
آصف زرداري پنهنجي سياسي گيم ۾ سوڀارو ٿي نه سگهيو. ڇو ته هو ايوان صدر ۾ داخل نه ٿيو. جڏهن ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ شرط ئي ايوان صدر ۾ تبديلي اچڻ جا چوٻول پاڪستان جي سياسي فضائن ۾ چوٽ چڙهي ويا هئا. جيڪڏهن آصف زرداريءَ کي ٿورو به اندازو هجي ها ته ڪو صورتحال اهڙو پلٽو کائيندي ته هو جيڪر وزارت اعظمي شهباز شريف کي دان نه ڪري ها. هن جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه هجي ها جو هن جو نوجوان پٽ ڪجهه مهينن جي لاءِ ئي سهي پر ملڪ جو وزير اعظم بڻجي ها ۽ هاڻي به هن جي ڪوشش اها هوندي ته بلاول کي ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي پر ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪرسيءَ تي ويهاريو وڃي. پر اهو موجوده سياسي صورتحال ۾ ناممڪن حد تائين مشڪل محسوس ٿي رهيو آهي.
هن وقت چاندي شهباز شريف جي آهي، اهڙي ته هن ڪڏهن خواب ۾ به نه سوچي هئي. هو آصف زرداريءَ جو سدائين احسان مند رهندو ته جيڪو ٺٺ هن کي آصف زرداريءَ ڪرايو آهي، اهڙو ته هن کي پنهنجي سڳي ڀاءَ به نه ڪرايو هو. هن جو اهو سڳو ڀاءُ جيڪو لنڊن ۾ هن مهل به پاڻ مرادي جلاوطنيءَ جي ڪوڙي ڪافي پي رهيو آهي. جڏهن ته هن جي ڌيءَ صرف عمران خان جو سياسي مقابلو ڪرڻ ۾ مصروف آهي. باقي اقتدار ته هن جي چاچي جي گهر جو ملازم بڻيل آهي. موجود صورتحال ۾ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ خوش قسمت ڪوئي آهي ته اهو شهباز شريف آهي ۽ هن جي ايترو ڀڙڪندڙ ڀاڳ هن جي مخالفن ۽ خاص طور تي پيپلز پارٽيءَ وارن کان ته بنهه ڏٺو نه ٿو ٿئي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ ۾ آصف زرداريءَ جي آمريت نه هجي ها ته بلاول هائوس ۾ طوفاني بحث ٿيندا هجن ها. جهڙي طرح آصف زرداريءَ صدارت جي لالچ ۾ پاڻ سميت سنڌ جي وزيرن مشيرن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اقتداري عمر گهٽائي آهي، اهو سور هو ڪڏهن به وساري نه سگهندا.
آصف زرداري پنهنجي سياسي ڀاڳ ۾ ڀنگ وجهڻ جو سبب ان عمران خان کي سمجهي ٿو جنهن سان هن کي سدائين ساڙ رهيو آهي. ڇو ته جيڪي عياشيون عمران خان جي زندگيءَ جي داستان جو حصو رهيون آهن، انهن جا ته آصف زرداريءَ صرف قصا ئي ٻڌا آهن. جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به هو آصف زرداريءَ کان اڄ به جسماني طرح سان سوين ڀيرا فٽ فاٽ ۽ هن کان عمر ۾ وڏو هجڻ جي باوجود به ننڍو نظر اچي ٿو ته هن جو اهو روپ به آصف زرداريءَ جي لاءِ شخصي طور تي آزار جو باعث رهيو آهي. اهو عمران خان ئي آهي، جنهن آصف زرداريءَ جي هن ڀيري واري اسڪيم هيٺ مٿي ڪري ڇڏي. هن جهڙي طرح قومي اسيمبليءَ تان استعفائون ڏئي ملڪ کي آئيني بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ هو جيئن پنهنجي عوامي احتجاج ۾ هر ڏينهن وڌيڪ شدت پيدا ڪري رهيو آهي، ان جي اهڙي عمل سبب آصف زرداريءَ ۽ هن جهڙن اقتدار پرست سياستدانن جي لاءِ مشڪل حالتون پيدا ڪيون ويون آهن.
آصف زرداريءَ کي هن ڀيري به پنجابين جهڙي طرح تعريفون ڪري پنهنجي ڪم آندو، ان گيم جو گهاءُ به پيپلز پارٽي سدائين محسوس ڪندي رهندي. اهي پنجابي سياستدان ۽ صحافي ئي هئا، جيڪي آصف زرداريءَ کي بانس تي چاڙهڻ لاءِ کيس سياست جو “ڊاڪٽر” ڪوٺڻ لڳا هئا ۽ هو مسلسل چوندا رهيا ته هن جي سياست سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن ته هن وقت هو حالتن جي ان رخ تي رڙهي رهيو آهي، جڏهن ڊاڪٽر پاڻ مريض بڻجي وڃي ۽ هن کي احساس ٿيڻ لڳي ته هن سان وڏي ٺڳي ٿي آهي. پنجاب وارن آصف زرداريءَ سان جيڪو سياسي هٿ ڪيو آهي، ان جي ته هو ڪنهن کي دانهن به ڏئي نه ٿو سگهي. هو جيڪو سمجهي رهيو هو ته ملڪ جي سموري گيم هن جي هٿ ۾ آهي، تنهن جا سمورا پتا جڏهن هن جي دوست نما دشمنن جي هٿن ۾ هليا ويا، تڏهن ته هو پنهنجي هار تي خار کائڻ جو حق به وڃائي ويٺو آهي. هن وقت هن وٽ ڇا رهيو آهي؟
آصف زرداريءَ کي شهباز شريف جو محسن ٿي ڇا مليو؟ هن کي سدائين پنهنجن دوستن اها پارت ڪئي آهي ته کيس پنجاب وارن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته هن ڀيري به هو ان ٻر مان ٻيهار به نه پر ٽيهار ڏنگجي ويو، جنهن ٻر جو نالو پنجاب آهي. آصف زرداري جڏهن به پنهنجن اصل مخالفن جو تذڪرو ڪندو ته انهن ۾ سدائين اڪثريت پنجابين جي ئي هوندي. ملڪ جي سابق صدر کي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته سندس هن ڀيري واري راهه ۾ به اهم ترين رڪاوٽ عمران خان ئي بڻيو ۽ هو ڀلي پاڻ کي خان ڪوٺرائي ۽ ڀلي پاڻ کي نسلي پٺاڻ قرار ڏئي پر اصل ۾ هو ايترو ئي پٺاڻ آهي، جيترو بلاول زرداري، ڀٽو آهي. عمران خان اصولي طور تي پٺاڻ نه پر پنجابي آهي. وڏي ۽ اهم ڳالهه ته هو صرف پنهنجي ڊوميسائيل سبب پنجابي ناهي پر پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ به پنجابي آهي. اهو پنجابي جيڪو آصف زرداريءَ سان زوردار ڌڪ ڪري ويو.
عمران خان آصف زرداريءَ سان اهڙي ته پٽي ڪئي آهي، جو هو کيس دل ئي دل ۾ پٽي سگهي ٿو. جيڪڏهن عمران خان ملڪ ۾ بحران نه مچائي ته به ٺيڪ! جيڪڏهن عمران پنهنجي صدر عارف علويءَ کي استعفا ڏيڻ جو چوي ته ان کان وڌيڪ آصف زرداريءَ کي ٻيو ڇا ٿي کپيو؟ جڏهن ته عارف علوي عمران خان تان پنهنجي صدارت قربان ڪرڻ جي لاءِ پهرين ڏينهن کان تيار هو. جيڪڏهن هو تيار نه هجي ها ته شهباز شريف کان وزارت اعظميٰ جو حلف ڇو نه وٺي ها؟ پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ملڪ نه صرف سياسي پر انتظامي بحران جي ور به چڙهي ويو. ان صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن کي اها صلاح ڏني ته هو روڊن ۽ رستن تي نئين چونڊجو مطالبو ڀلي شد مد سان ورجائي پر ايوان صدر واري چيپٽر کي نه ڇيڙي ۽ اهو معاملو ائين هلڻ ڏئي.
صدر عارف علويءَ پاران سنجيده موڊ سان شهباز شريف جي وزيرن کان حلف وٺي هن ته آصف زرداريءَ جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. هاڻي انهن سڀني کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ايوان صدارت واري ڪرسيءَ تي وڙهڻ جو ڪو فائدو ناهي. هونءَ ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ شرط ئي مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداريءَ جو پاڻ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو هو. مولانا فضل الرحمان جو اصرار هو ته صدارت جي منصب تي هن کي ويهاريو وڃي، جڏهن ته آصف زرداري ان قسم جي ڳالهه ٻڌڻ جي پوزيشن ۾ به نه هو. هن کي ان جي تمام گهڻي تڪيلف محسوس ٿي رهي هئي ته آخر هن جي هوندي ايوان صدر طرف ٻيو ڪوئي اک کڻي به ڪيئن ٿو سگهي؟
اهو آصف زرداري هن وقت ڪنهن به طرح سان خوش ناهي، جيڪو ملڪ جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو صدر ٿيندي ٿيندي رهجي ويو. جنهن سمورو سياسي ٽڪساٽ ان ڪري ٺاهيو هو ته هو ملڪ جو صدر بڻجي هڪ ڀيرو ٻيهر پاور جو ڀرپور مزو ماڻي. پر بندي من ۾ هڪڙي، صاحب من ۾ ٻي! پر جڏهن اهو صاحب عمران خان يا عارف علوي هجي ته پوءِ تڪليف جي شدت ۾ توائيءَ جو عنصر وڌي وڃڻ جو عمل به ته فطري آهي.
فطرت جنهن جو مقابلو ڪرڻ جي قوت ڪنهن ۾ ناهي!!