ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پوليس جا انسان دشمن عمل

گرميءَ جي مند شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ٻاهه لڳڻ جا واقعا به وقفي وفقي سان ٿي رهيا آهن، اهي واقعا ڪٿي انساني لاپرواهيءَ جي ڪري ٿيا آهن ته ڪٿي وري حادثاتي طور ٿيا آهن. جن ۾ انساني حياتيون به ويون آهن ته مال متاع ۽ ماڻهن جو سامان به سڙيو آهي، پر جيڪڏهن پوليس ڪنهن ڳوٺ کي پاڻ باهه ڏئي ڇڏي ته پوءِ ان کي نه ته حادثو چئي سگهجي ٿو ۽ نه ئي اهو ڪو فطري عمل آهي. سنڌ پوليس اهو اڇو هاٿي آهي، جيڪو پنهنجي مرضيءَ سان جتي چاهي، جيئن چاهي ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. اهو اڇو هاٿي ڪٿي بي گناهن کي پيرن هيٺان چيڀاٽيندو آهي ته ڪٿي وري معصوم ماڻهن کي مارڻ لاءِ آتو هوندو آهي. پوليس پاران ڪنهن به ڳوٺ تي چڙهائي ڪرڻ اسان وٽ عام جام آهي. پوليس کان ڪوبه پڇڻ وارو ڪونه هوندو آهي پر ان قسم جا واقعا وڌي وڃن ته ان جو مطلب اهو آهي ته پوليس ڪنهن به ريت قانون جو احترام ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته پوليس جو ڪم ڪنهن جي گهر کي باهه ڏيڻ نه بلڪه ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ هوندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي گهر کي باهه لڳل آهي ته ان کي وسائڻ ۾ مدد ڪرڻ هوندو آهي، پر اسين ڏسون پيا پوليس پنهنجن ظلمن کي جاري رکندي، جيڪي ڪجهه ڪري رهي آهي، اهو ڪنهن به ريت برداشت جوڳو ناهي. ڪالهه جيڪو واقعو اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي، اهو افسوس جوڳو آهي.
نئون ڀرسان ڳوٺ بيدي لاشاري ۾ روپوش جوابدار جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻي پوليس جي ٻئي ڏينهن به ڪارروائي جاري رکي. جوابدار هٿ نه اچڻ تي پوليس پنج کان وڌيڪ ڪچا گهر ساڙي ڇڏيا. اهلڪارن کي زخمي ڪندڙ 60 ڳوٺاڻن تي دهشتگري ايڪٽ ڪيس داخل ڪيو ويو. خبر موجب نئون ڳوٺ ڀرسان ڪچي واري علائقي ويهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بيدي لاشاري ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي 12 کان وڌيڪ پوليس موبائلن ۽ ٽي بڪتربند گاڏين ۾ سوار وڏن پوليس اٽالن مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار بادل لاشاري کي گرفتاري لاءِ ٻئي ڏينهن به پوليس ڪاروايون جاري رکيون، جڏهن ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو، جنهن بعد پوليس 5 خالي ۽ ڪکائن ٽن گهرن ۽ لوڙهن کي باهيون ڏئي ڇڏيون، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران پوليس سان مزاحمت ڪري پوليس اهلڪارن سان جهيڙو ڪري موبائل جا شيشا ڀڃي 6 اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ واري عمل تي 60 ڳوٺاڻن مٿان پوليس مقابلي ۽ دهشتگردي ايڪٽ جا قلم لڳائي مختلف ٿاڻن ويهڙ، سيهڙ، باڊهه ۽ لاڙڪاڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف متاثر ڳوٺاڻن ٻئي ڏينهن به پوليس ڏاڍاين خلاف ميڊيا اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڪفيل لاشاري ۽ ٻين چيو ته پوليس بادل لاشاري کي گرفتار ڪرڻ جي آڙ ۾ اسان غريبن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، اسان جو چوپايو مال ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ گهرن ۾ پيل لکين رپين جو سامان کڻي وئي آهي. هوڏانهن پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته بادل لاشاري انعام يافتا ڏوهاري آهي، جنهن تي 30 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
خبر مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته ڪهڙي ريت پوليس عوام سان ظلم ڪري رهي آهي، ڇا پوليس جو ادارو ان ڪري قائم ڪيو ويو آهي ته اهو ماڻهن جا ڍور ڪاهي وڃي ۽ انهن جي گهرن ۾ پيل سامان کڻي انهن کي باهه لڳائي ڇڏي. پوليس کي جيڪڏهن ڪنهن جوابدار جي ڳولا به آهي ته ان کي اهو ضرور ڳولڻ گهرجي پر ان کي ڪوبه قانوني حق حاصل ڪونهي ته اها ماڻهن گهرن کي باهه ڏئي، انهن کي بنا ڪنهن جواز جي گرفتار يا وري پنهنجي مرضيءَ سان ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو عمل جاري رکي.
اسين سمجهون ٿا ته ڳوٺ کي باهه ڏيڻ جو عمل ڪنهن به ريت انساني عمل ناهي. انهن ماڻهن کي ضرور گرفتار ڪيو وڃي،جيڪي ڪنهن ڏوهاري سرگرميءَ ۾ ملوث آهن پر بي گناهه ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ظلم ڪرڻ نامناسب عمل آهي. ان ڪري ان وقعي جو نوٽيس آءِ جي پوليس کي وٺڻ گهرجي، جيڪي به پوليس وارا هن ڏوهه ۾ ملوث آهن، انهن خلاف جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن انهن جي ڪوتاهي سامهون اچي ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي چاڪاڻ ته هي انهن ڳوٺاڻن جي حياتين جو سوال آهي، جن کي به جيئڻ جو پورو پورو حق آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button