غداري جا الزام هن ملڪ ۾ سياسي جماعتن کان رياستي ادارن تائين پنهنجي مخالفن جي مٿان غداري جو الزام هڻڻ هڪ عام رواجي تنقيد تصور ٿيندي رهي آهي تاريخ جو ڪو به اهڙو دور ناهي رهيو جنهن ۾ پنهنجي مخالف کي عوامي سطح تي رسوا ڪرڻ جي لاءِ اهو الزام ناهي هنيو ويو پر هن وقت تائين اهو الزام لڳائيندڙن جي وڏي اڪثريت انهن جي رهي آهي جن غداري جا الزام به لڳايا آهن ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ جڏهن انهن ۾ اختلافن جي شدت گھٽ ٿيندي آهي ته وري پنهنجو پاڻ ۾ ڀاڪرين پئجي ويندا آهن اهي غداريءَ جا الزام آيا ويا ۽ عام رواجي تنقيد جيان نظر انداز ٿي ويندا آهن ڪهڙي سياسي جماعت اها دعويٰ ڪري سگهي ٿي ته هن پنهنجي مخالفن تي ملڪ دشمني ۽ غداريءَ الزام ناهن لڳايا جيڪڏهن انهن غداري جي الزامن ۾ ملڪ دشمني شامل نه هوندي ته عوام دشمني لازم شامل هوندي، اها پريڪٽس مسلسل هلندي هن وقت تائين ان ئي انداز سان جاري و ساري آهي مثال موجوده حالتن ۾ اسان کي هي پيو نظر اچي ته ڪجهھ ڏينهن پهريان بي اعتمادي رٿ کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ عمران خان انهيءَ رٿ کي نه رڳو غير ملڪي سازش سڏيو پر پنهنجن مخالفن تي مير جعفر ۽ مير صادق جا داغ ۽ لقب ڏيڻ به شروع ڪيا، ساڳئي وقت پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ عمران خان پنهنجي پوري ٽيم صدر ۽ گورنر سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سان گڏ آئين جي انحرافيءَ جو جيڪو مظاهرو ڪيو اهو تاريخ ۾ ياد رهندو.
موجوده اتحادين جي حڪومت غداري جي ان جواب ۾ هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته هو عمران خان، صدر علوي، اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل ڇھه تحت سنگين غداريءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ جي لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ هو پورو مواد ڪٺو پئي ڪري. پاڻ ڏسنداسين ته اهو ڪيس داخل ٿئي ٿو يا اها ڌمڪي هوندي اهو عمل به ڏسنداسين پر پاڻ کي هي به تعجب جي حد تائين حيرت ناڪي انداز ۾ نظر پيو اچي ته جڏهن عمران خان خاص ڪري شريف برادران مٿان يعني نواز شريف ۽ شهباز شريف جي مٿان مير جعفر ۽ مير صادق جا تهمتي غداري الزام لڳائيندي مسلسل ورجاءُ ڪري رهيو آهي ته پوري ن ليگ پارٽي انهيءَ جو جواب ڏيڻ بجاءِ تنقيدي وار ڪندي ته نظر اچي ٿي پر هڪ به درخواست ڪنهن ڪورٽ ۾ داخل ناهي ڪرائي وئي ته هڪ پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزير اعظم اسان مٿان انتهائي حقارتي غداريءَ جا الزام پيو لڳائي. هاڻي ڪورٽ ۾ يا ته هو غداري ثابت ڪري يا غلط الزام لڳائڻ جي سزا کيس ڏني وڃي، هيترا سارا وڪيل جيڪي ن ليگ جي ليگل فورم جو حصو آهن، اهي به خاموش آهن ته اسان جون بار ڪائونسلون سڀ جو سڀ ان نقطي تي ائين خاموش آهن ڄڻ هو اهو سڀ ڪجھه عام رواجي انداز سان ٻڌڻ جا عادي هجن پوري دنيا جي اندر ڪنهن به سماج ۾ جيڪڏهن مشترڪ ڪو هڪ نفرف جوڳو الزام آهي ته اهو صرف ۽ صرف قوم ۽ وطن سان غداريءَ جو الزام آهي، ڪنهن به سماج ۾ ان الزام کي برداشت ناهي ڪيو ويندو جنهن تي الزام لڳندو آهي ته اهو اها ئي ڪوشش ڪندو آهي ته هو ان الزام کان آجو ٿي يا ان الزام جي کيس سزا ملي، تنهن ڪري جديد دنيا جي اخلاق قدرن ۾ سياسي تنقيد جا ڪهڙا به لفظ استعمال ڪيا ويندا هجن پر غداري جو الزام نه برداشت ڪيو ويندو آهي ۽ نه وري روز مره جي زندگي ۾ هڪ ٻئي تي لڳائيندا آهن هن ملڪ جي بيهوده روين ۾ اهو رويو عام جام آهي ته اسان مخالف کي انتها درجي جي حقارت واري حد تائين پهچائڻ ۽ تنقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.
ساڳئي انداز ۾ اسان وٽ جنوني ۽ انتها پسند ڌريون مذهبي عقيدن ۾ ڪجهھ اختلافن جي بنيادن تي هڪ ٻئي کي عقيدن جو غدار ۽ ڪافر قرار ڏنو ويندو آهي هن پوري خطي جي تاريخ جو اهو منظر تسلسل سان نظر اچي ٿو. ماضي ۽ حال ساڳئي سفر ۾ پيا نظر اچن ماضي ۾ هتان جي اشرافيا ڪلاس جي هڪ وڏي اڪثريت غير ملڪي حملا آورن لاءِ نه رڳو سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، هنن کي طاقتور ڪرڻ جي لاءِ هر هر ممڪن مدد ڪئي ۽ جنهن جي عيوض کين تمام وڏيون مراعتون جن ۾ جاگيران ۽ حڪومتي عهدا مليا تاريخ ۾ رڳو مير جعفر، مير صادق يا نائون مل اهو اعزاز ماڻيندڙ ناهي پر هزارين ڪردار انهيءَ طبقي جا موجود آهن اسان کي پنهجي تاريخ ۾ هي منظر به نظر پيو اچي ته پوري هن خطي جي آزادي کان پوءِ يعني هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن ۾ انگريز حڪمرانن طرفان مليل جاگيرون ۽ مراعتون ساڳي ئي صورت ۾ برقرار رکن ها ٿورو گھڻو فرق يعني زمينن جي حد تائين ڪجھه زرعي اصلاح آيا اهو به هن ملڪ جي اندر هڪ اهڙي ڊرامائي انداز سان ڪيا ويا جو صرف کاتن جو پيٽ ڀريو ويو پر عملي طرح سان اڪثريتي جاگيرون ساڳئي انداز سان برقرار رهيون هن وقت تائين تاريخ جي اندر انگريزن جي طرفان ڏنل اعزاز “خان بهادر” ۽ “راءِ بهادر” جا اعزاز اڃان تائين انهن جي تصورن تي ته برقرار آهن پر قبرن جي ڪتبن تي به اهو اعزاز وڏي فخر سان لکيل نظر ايندو ڪنهن به دور ۾ ڪنهن به حڪومت ان طرف سوچيو ئي ناهي ته تاريخ جي غدارن کي جيڪڏهن سزا نٿا ڏئي سگھون ته گھٽ ۾ گھٽ انهن کي غداري جي عيوض مليل انعام ۽ اڪرام ضبط ڪجن پر هتي ته اسان کي هي به نظر اچي ٿو جو انگريزن جي طرفان جن کي وظيفا جاسوسي ۽ غداريءَ جي بنيادن تي ملندا هئا آزاد ملڪ جي حڪمرانن اهي به وڏي ادب ۽ احترام سان جاري رکيا جنهن جي نتيجي ۾ انگريزن جو مشهور جاسوس اڪبر خان جنهن پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان کي گولي هنئي هئي هو مرڻ گھڙي تائين برطانيه حڪومت طرفان جاسوسي جي عيوض وظيفو کڻندو هو ڇو ته آزاديءَ کان پوءِ برطانيه حڪومت پاڪستان حڪومت کي پابند ڪيو هو ته هو جاسوس اڪبر خان کي وظيفو ڏيندا رهندا ۽ هتان جي حڪمرانن سر تسليم خم ڪندي انهيءَ تي عمل ڪيو. هن ملڪ جو تاريخدان هن ملڪ جي هڪ اجتماعي “غدارن جي تاريخ” لکڻ جي ڪوشش ڪري اسان وٽ سياسي روين ۾ مراعتن جي خاطر ملڪ دشمني ۽ عوام دشمني ڪڏهن به حقارتي ۽ عظيم گناھه تصور ناهي ٿيندو ۽ نه وري ڪڏهن انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ انهن گناهن جي ڏوھه ۾ آندو ويو آهي، انهيءَ جو صاف ۽ چٽو آسانيءَ سان جواب اهوئي آهي ته هن ملڪ جو اشرافيا ڪلاس 99.9 سيڪڙو انهيءَ اعزازن سان نوازيل آهي ۽ ان جو پورو پورو بينيفشري رهيو آهي، ظاهر آهي ته هو پنهنجي دولت ۽ مراعتون ڪڏهن به ختم نه ڪندا بلڪ پنهنجي ابن ڏاڏن تي حقارتي الزام هڻڻ تي به تيار نه ٿيندا، تنهن ڪري موجوده وقت ۾ جيڪڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ٻئي جي مٿان غداري جا الزام هڻي ٿي ته اها عام ڌمالي ڌمچڪر واري تنقيد ئي آهي انهيءَ کان وڌيڪ انهيءَ کي نه سمجھڻ گھرجي ۽ نه وٺڻ گھرجي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جنرل مشرف تي آئين سان غداري جو ڪيس هليو ۽ هو ڪهڙي طريقي سان عدالتي پنجوڙ مان پنهنجو پورو وجود آجو ڪري اڏامي ٻاهرين ملڪ هليو ويو ۽ پوري رياست ۽ سياست هن کي تڪيندي رهندي پر انهن چاهيو به ٿي ته ائين ٿئي ڇو ته سزا جي حق ۾ نه هئا جيڪڏهن اها سياست جيڪا مشرف جي خلاف هئي ان مان ڪنهن هڪ پارٽي به هن وقت تائين مشرف جي واپسي جي لاءِ نه ڪو احتجاج ڪيو آهي نه سنجيدگي سان ان خلاف ڪا ثابت قدمي ظاهر ڪئي آهي ها باقي بيان بازيون ۽ بليم اهي روز جو معمول رهندا بلڪل اهڙي طرح هي سياست جا سورما غداريءَ جا الزام هڻندا به ۽ سهندا به، ڇو ته هن ملڪ ۾ غداري بليم گيم شٽل ڪاڪ گيم جيان کيڏي ويندي آهي.