ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رياست جي بحران مان فائدو وٺندڙ قوتون

عمران خان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ جن اهي اڳڪٿيون ڪيون پئي ته هو روڊن ۽ رستن تي وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو، اهي جيڪي کيس هشيون ڏئي رهيا هئا، هاڻ آهستي آهستي منظر تان غائب ٿي رهيا آهن، پر عمران خان جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي. بحراني صورتحال دوران چيو پيو وڃي ته ممڪن آهي ته عمران خان ۽ ان جي ڪجهه ساٿين خلاف غداريءَ جو ڪيس داخل ٿي وڃي. عمران خان جي اڳيان پٺيان جيڪي گهمندا هئا، اهي هڪ هڪ ٿي ملڪ ڇڏي رهيا آهن، جنهن سان اڳوڻن حڪمرانن جي ويڳاڻپ ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. پهرين شهزاد اڪبر، پوءِ فرح خان ۽ هاڻ شهباز گِل هليو ويو آهي. ذلفي بخاري ۽ ٻيا به رهيل ڪسر پوري ڪرڻ وارا آهن. پهرين عمران خان جي مخالفن جي بقول اي ٽي ايم سندس ساٿ ڇڏي ويا، هاڻ ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪندڙ به ان کان پرڀرا ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ان دوران رياستي ادارن ڪنهن ڪارروائي جي هدايت ڪئي ته ڳالهه پري تائين ويندي.
اهي جيڪي موجوده حڪمرانن کي آئين جي آرٽيڪل ڇهه جي استعمال جا مشورا ڏئي رهيا آهن، اهي به ڪا سٺي صلاح نه پيا ڏين. سياسي معاملن کي سياسي انداز سان ئي حل ٿيڻ گهرجي. پنجاب ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿي، ان مان نڪرڻ لاءِ ڀلي ڪو حل به سامهون اڃي وڃي، پر هڪ اداري جي جيڪا تذليل ٿي، ان کي زم زم جي پاڻي سان ڌوتو وڃي، ان جي باوجود ازالو ٿيڻو ناهي. جيستائين سياسي معاملن ۾ عدالتن کي ملوث ڪيو ويندو، ان نوعيت جا واقعا سامهون ايندا رهندا.
موجوده حڪومت کي جيڪڏهن پنهنجو مستقبل ٺاهڻو آهي ته ان کي پنهنجن اوليتن کي طئي ڪرڻو پوندو. هي ڏسڻو پوندو ته اهڙا ڪهڙا ڪم آهي، جيڪي پهرين ڪرڻا آهن، اتحادي حڪومت سنئين رستي تي ته نظر اچي پئي، پر ڪي حلقا، انهن کي عمران خان يا اڳوڻن حڪمرانن سان الجهائڻ گهرن ٿا. هن ملڪ ۾ ٻه چار عوام اشوز آهن، انهن کي پهرين حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزير اعظم شهباز شريف پهرين ئي پيٽروليم شين جي اگهن واري سمري کي رد ڪيو آهي، جيڪو واکاڻ جوڳو قدم آهي. ان سان گڏ بجليءَ جو بحران حل ڪرڻ لاءِ بند پيل 27 مان 20 بجلي گهرن کي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ممڪن آهي ته لوڊشيڊنگ جو خاتمو نه به ٿئي پر ان ۾ گهٽتائي ضرور ٿي سگهي ٿي. مهانگائي رمضان شريف دوران جنهن تيزي سان وڌندي آهي، ان رفتار سان ته نه وڌي آهي، پر عوام کي ڪو رليف به نه مليو آهي. عام ماڻهو اتحادي حڪومت مان آس لڳائي ويٺو آهي ته اها ڪجهه قدم کڻندي، جنهن سان سندن زندگي آسان ٿيندي. ان حوالي سان پرڏيهي فرنٽ تان به رليف وٺي سگهجي ٿو، جنهن جا امڪان آهن. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چئي چڪو آهي ته هو سياسي يا غير سياسي قوتن کي قانون هٿن ۾ کڻڻ نه ڏيندا، ان جي باوجود اهو چوڻ ڪافي ناهي. ان حوالي سان ڪجهه قوتون پر سوئي رهيون آهن، ان سلسلي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪيل آپگهاتي حملو به خطري جي گهٽني کان گهٽ ناهي. هي اهڙا واقعا آهن، جنهن جو ڪنهن کي به اندازو ناهي، نه ئي وري ادارا ايترا الرٽ آهن، جو اڳواٽ اهڙن واقعن کي ٻنجو ڏئي سگهن، اها ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته جنهن ملڪ ۾ سياسي بحران هوندو آهي، اتي غير امڪاني ڪارروايون ٿينديون آهن، جنهن جو مثال آپگهاتي حملو آهي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آپگهاتي حملي ۾ ٽن چيني شهرين سميت چئن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي تي ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ انڪشاف ڪيو ته کين امڪاني حملي جو اطلاع پهرين ئي هو، پر هي خبر نه هئي ته حملو ڪا عورت ڪري سگهي ٿي. ان سان گڏ هي چوڻ ته آپگهاتي بمبار عورت کي ڌماڪيدار مواد يونيورسٽي اندران مليو. ممڪن آهي ته هي ڌماڪيدار مواد يونيورسٽيءَ جي ڪنهن هاسٽل ۾ رکيو ويو هجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڌماڪيدار مواد ڪنهن جهادي تنظيم جو هجي، جيڪو ڊگهي عرصي کان سانڍي رکيو ويو هجي. جيڪڏهن بقول ڪراچي پوليس چيف جي ڌماڪيدار مواد يونيورسٽي اندران فراهم ڪيو ويو ته ان سان ڪيترائي سوال به پيدا ٿين ٿا. ان حوالي سان يونيورسٽين جي اندر جنهن قسم جون سرگرميون ٿينديون رهيون آهن، انهن جا پيرا کڻڻ به ضروري آهن. اها ڳالهه انٽيليجنس ادارن جي ريڪارڊ تي موجود آهي ته اهڙي نوعيت جي سرگرمين ۾ گهڻو ڪري جهادي عنصر ملوث رهيا آهن. جيڪڏهن ائين آهي ته ڇا حڪومت اهڙين خطرناڪ سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ڪي قدم کنيا آهن؟ ڇا ڪراچي پوليس يا ڪنهن ٻئي اداري ان حوالي سان ڪا رپورٽ تيار ڪئي آهي؟ ڇا ڌماڪيدار مواد رکندڙ جهادي يا ويڙهاڪ فقط يونيورسٽين تائين محدود آهن؟ يا انهن جا واسطا ڏيهه ۽ پرڏيهه جي ٻين حصن سان آهن؟
هينئر تائين عالمي ادارن جون رپورٽون “Jihadi In campus” ته سڀني پڙهيون هونديون. انهن رپورٽن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر شڪيل ۽ ٻين جو ذڪر به اچي ٿو، ان تي الزام هو ته هو جهادي نيٽ ورڪ هلائيندو هو، ان سان گڏ شاگردن ۽ استادن تي ٻڌل نيٽ ورڪ به ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پڪڙيو ويو، جن خلاف هينئر به ڪيس هلندڙ آهن.
فقط ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ئي جهادي نيٽ ورڪ نه پڪڙيو ويو هو، پر نالي وارن ادارن انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريشن، اين اِي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، پنجاب يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف ڄامشورو مان به ساڳي نوعيت جا جهادي پڪڙيا ويا آهن. ڪجهه ڇوڪرين جا بيان به سوشل ميڊيا تي سامهون آيا ۽ انهن اهو به ٻڌايو ته انهن کي ڪيئن عالمي نيٽ ورڪ جو حصو بڻايو ويو.
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سعد عزيز ۽ ان سان لاڳاپيل شهر ۾ سليپنگ سيلز جي باري ۾ به اهم ادارن جي فائلن ۾ گهڻي معلومات موجود آهي. هي گروپ صفوران ڳوٺ بس تي حملو سميت ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن. اهي به رپورٽون آهن ته ڊفينس، گلشن اقبال سميت ڪجهه ٻين علائقن مان ان نوعيت جا ويڙهاڪ پڪڙيا ويا ۽ ڪيترائي هينئر به موجود آهن. ويڙهاڪن جا هن نوعيت جا اڪثر سليپنگ سيلز اولڊ ايريا ۾ به موجود آهن، جن ۾ لياري جي هڪ علائقي ۾ پروفيسر خطيب به مشهور هو، هي ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر هو ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي برين واشنگ ڪري جهادي سرگرمين ۾ شامل ڪندو هو. هن نوعيت جا انتهاپسندن جا گروپ گهڻو ڪري تعليمي ادارن ۾ موجود آهن.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آپگهات واري واقعي کانپوءِ هي خطرو وڌي ويو آهي ته جيڪڏهن انتهاپسندن ۽ ٻين ويڙهاڪن ۾ ڪو ناپاڪ اتحاد قائم ٿي وڃي ٿو ته وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو، بلوچستان مان ڪجهه اهڙيون رپورٽون آهن ته ڪرمنل نيٽ ورڪ جو گڏيل سينڊيڪيٽ آهي. پر ان سينڊيڪيٽ جي ڪنهن به اهم رِنگ ليڊر تي نه ئي سرمچارن حملو ڪيو آهي، نڪي وري ڪنهن ٻئي ان طرف آڱريون کنيون آهن، ڇا ڪراچي پوليس يا ادارا اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪنهن حڪمت عملي تي غور ڪندا؟ يا رات گئي بات گئي، جيان هن نوعيت جي سنگيني کي نظرانداز ڪيو ويندو؟
هن واقعي کي سامهون رکندي، دهشتگردي ڪهڙي به شڪل ۾ هجي، ان کي سموري صورتحال کان الڳ ڏسي نٿو سگهجي. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڄاڻايل نوعيت جي واقعن کي ڪجهه ٻين معاملن سان جوڙي ڏسبو ته مڪمل تصوير نظر اچي سگهي ٿي. هي واقعو ظاهري طور سياسي ڀونچال سان جڙيل آهي يا نه پر حڪومت جي اعتماد کي ڇيهو رسيو آهي. هينئر تائين جيڪي حملا ٿيا آهن، ان جو مرڪز ساڳيو آهي، جيڪڏهن انهن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم نٿا کنيا وڃن ته معاملا هٿن مان نڪري سگهن ٿا. هي واقعا سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ ٿيا، جيڪا اڳ ئي بارود جي ڍير تي آهي. اهي جيڪي اڳ جهاد جي نالي تي پنهنجي فولڊ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، اهي هينئر به سليپنگ سيلز جي صورت ۾ موجود آهن. انهن ڪاررواين ۾ غريب علائقن جا ماڻهو گهٽ پر پوش علائقن جا وڌيڪ ملوث آهن، ان جو اهو مطلب به نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو اولڊ ايرياز محفوظ آهن. انهن علائقن ۾ انتهاپسندن جو نيٽ ورڪ موجود آهي، جيڪو ڪنهن به وقت سرگرم ٿي سگهي ٿو. هينئر سماج جي جنهن طبقي جا ٻار اهڙين سرگرمين ۾ ملوث آهن، اهي جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال به ڄاڻن ٿا ۽ هو پئسي ڏوڪڙ وارا به آهن. ان ڪري وفاقي هجي يا سنڌ سرڪار انهن کي پنهنجن اوليتن ۾ امن جي قيام کي اهميت ڏيڻ گهرجي.
عمران خان هجي يا اهي قوتون جيڪي حڪمرانن جو قبلو نان اشوز ڏانهن موڙڻ گهرن ٿيون، انهن کي نيوٽرلائيزڊ ڪرڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي ته انهن سان سياسي انداز ۾ منهن ڏجي. اهي ادارا جن سان هي ڌريون ٽڪرائڻ گهرن ٿيون، اهي پاڻ انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن، جن ۾ ملڪ جي اعليٰ عدالت يا اليڪشن ڪميشن شامل آهن. هينئر عمران خان کي خطرو به انهن ادارن مان ئي آهي، ان ڪري حڪومت عوامي ڪم ڪري ته جيئن اهو محسوس ڪرائي سگهجي ته نئين ۽ پراڻي پاڪستان ۾ واضح فرق آهي. فقط مديني جي رياست جو نالو استعمال ڪرڻ سان غريب عوام جي اهنجن تي مرهم رکي نٿو سگهجي، ان لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button