ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرڪاري اسڪولن ۾ چوريءَ جا واقعا

Editorial

سنڌ ۾ تعليم کاتي جو حال پورو سارو آهي. سرڪاري سطح تي تعليم جي حالت کي جڏهن ڏسجي ٿو ته ان ۾ ڪئين خاميون نظر اچن ٿيون، ڪٿي اسڪول ڪونه آهن، ڪٿي استادن جي کوٽ آهي ته ڪٿي وري اسڪول ۽ استاد آهن ته اتي اسڪول سان لاڳاپيل ٻين شين جي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري اهو مسئلو جيئن جو تيئن جاري رهندو پيو اچي. هر اسڪول ۾ ڪي مخصوص جايون هونديون آهن، جن کي خالي نٿو ڇڏي سگهجي. مثال طور چوڪيدار، پٽيوالو يا مالهي وغيره اهڙا عهدا آهن، جيڪي هر اسڪول ۾ هجڻ گهرجن پر تنهن هوندي به هزارين اسڪول هوندا، جن ۾ ڪٿي چوڪيدار نه هوندو، پٽيوالو ڪونه نظر ايندو ۽ نه ئي مالهي هوندو. سنڌ ۾ گهڻا اسڪول ته اهڙا آهن، جيڪي هڪ ڪمري جا اسڪول آهن ۽ باقي چوديواري ڏنل هوندي آهي، جڏهن ته اسڪول ۾ راند جي ميدان کان وٺي ڇٻر ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه هجڻ لازمي هوندو آهي. اتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت هجڻ گهرجي، واش روم جي سهولت هجي ۽ ان کان سواءِ راندين جو ميدان به لازمي هجڻ گهرجي پر ڪيترائي اسڪول انهن سهولتن کان محروم لڳا پيا هوندا آهن. ڪالهه جيڪا رپورٽ آئي آهي، اها به افسوس جوڳي آهي، جنهن موجب جوهي جي هڪ اسڪول مان چوري ڪئي وئي آهي.
خبر موجب جوهي گورنمينٽ پرائمري اسڪول بلاڪ ون ۾ نامعلوم چورن رات دير سان تالا ٽوڙي سولر پليٽون، پکا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، جنهن خلاف استادن ۽ شاگردن محمد امين لغاري، ممتاز ڀرڳڙي، امين جمالي، ڇٽل لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاڪ ون مان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي استادن چيو ته اسڪول ۾ چوڪيدار نه هجڻ ڪري اسڪول مان چوريون روز جو معمول بڻجي ويون، پر اعليٰ اختياريون چوڪيدار مقرر نه ڪري رهيون آهن، اسڪول مان اڳ ۾ به ٽي ڀيرا چوريون ٿي چڪيون آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي. اسڪول مان چوري ٿيڻ جو هي پهريون واقعو ناهي. پر ان واقعي جي ذميواري ڪوبه قبولڻ لاءِ تيار ناهي. هجڻ ته ائين گهرجي جو جنهن به شهر جي اسڪول مان چوري ٿئي ته ان جو ذميوار اتان جو ٿاڻي جو ايس ايڇ او کي قرار ڏنو وڃي. ان جي ذميواري هجي ته هو اها چوري موٽائي ڏئي، ڇاڪاڻ ته پوليس کان چور ڳجها ڪين هوندا آهن ۽ ان کي خبر هوندي آهي ته اهي وارداتون ڪهڙا ماڻهو ڪٿي ڪندا رهندا آهن. تنهنڪري جوهيءَ جي اسڪول جي چوريءَ جو پتو لڳائڻ لاءِ اتان جي ايس ايڇ تي زور ڀريو وڃي ته هو ان حوالي سان تحرڪ وٺي ۽ جيڪي به ذميوار آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ٿعليم کاتي جي ذميواري آهي ته جن اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، انهن کي اهي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ڇو ته سنڌ جي هر ٻار جو اهو حق آهي ته هو جتي تعليم پرائي ٿو، اتي ان کي هر قسم جي سهولت مليل هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٻار جڏهن اسڪول وڃن ٿا ته اهي اهو سمجهي ويندا آهن ته اتي کين پيئڻ جو صاف پاڻي ملندو، اتي انهن کي جسماني سرگرميءَ لاءِ راند جو ميدان مليل هوندو ۽ اتي ان کي واش روم جي به سهولت مليل هوندي. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا سوين اسڪول آهن، جتي ٻارن جي حياتين کي خطرو هوندو آهي، ڪڏهن ڇتين جا چاپڙ پيا ڪرندا آهن ته ڪڏهن وري ڀتين جي ڪرڻ جا واقعا به ٿيندا رهندا آهن. تنهنڪري نه رڳو اسڪول جي عمارتن کي مضبوط ۽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ان سان گڏ ٻارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ به ضروري آهي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن تعليم کاتو ان پاسي سنجيدگي اختيار ڪندو. ان لاءِ پهرين ته سرڪاري سطح تي هڪ سروي ڪئي وڃي، انگ اکر گڏ ڪيا وڃن ۽ ان کان پوءِ هنگامي بنيادن تي ان تي ڪم شروع ڪيو وڃي ته جيئن انهن سڀني اسڪولن کي بهتر ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اسڪولن جي خراب حالت به ٻارن جي ذهني حالت تي اثرانداز ٿيندي آهي، اهي بهتر نموني پڙهي ڪونه سگهندا آهن ۽ نه ئي انهن جي تعليم سٺي ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري اسڪولن جي حفاظت ڪرڻ به لازمي آهي ۽ ٻارن کي اتي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ به اسڪول اتنظاميه جي ذميواري آهي.
اسڪولن ۾ آيل ايس ايم سي فنڊ گهڻي ڀاڱي اسڪولن تي خرچ ئي ڪونه ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري اسڪولن ۾ نه ته مرمتي ڪم ٿي سگهندو آهي ۽ نه ئي اتي بهتر سهولتون پيدا ٿي سگهنديون آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي هر اسڪول کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جتي جتي به چوريءَ جا واقعا پيش اچن ٿا، اتان جي ايس ايڇ او تي اها ذميواري وڌي وڃي ته هو اسڪول جو چوري ڪيل سامان موٽائي ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button