ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عيد جون خوشيون ۽ ذميواري جو احساس

Editorial

اڄ سڄي دنيا ۾ عيد الفطر ملهائجي رهي آهي. هي هڪ اهڙو ڏهاڙو آهي، جنهن کي هڪ تهوار طور سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. رمضان جو مهينو ختم ٿيڻ کان پوءِ عيد جي تهوار کي هڪ خوشيءَ جي تهوار طور ملهايو ويندو آهي. هاڻ عيد هر ملڪ جي ثقافت جو حصو بڻجي وئي آهي. ان جو سبب هن ڏينهن جو اهم هجڻ آهي. پر هر سال ٿيندڙ عيد کي رڳو عيد ڪري ملهائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين رڳو خوشين کي پنهنجي گهر تائين محدود نه ڪريون بلڪه انهن جو دائرو وڌايون ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو خوشين ۾ شامل ٿي سگهن.
عيد جهڙي موقعي تي اسين اهو وساري ويهندا آهيون ته اسان جي ڀرپاسي ۾ ڪئين اهڙا ڪٽنب به هوندا آهن، جيڪي سچ پچ مستحق هوندا آهن، اهي نه رڳو مالي مدد جا مستحق هوندا آهن پر اسان جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جا مستحق به هوندا آهن، پر گهڻو ڪري اهي نظر انداز ڪيا ويندا آهن. جنهن جي ڪري اهي خوشين کي اهڙي ريت ملهائي نه سگهندا آهن، جيئن ڪي سرنديءَ وارا ماڻهو ملهائيندا آهن. تنهنڪري اسان کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ هاڻوڪي عيد تي هر ماڻهو اهو انجام به ڪري سگهي ٿو ته هو پنهنجي وس آهر ڪنهن هڪ نياڻيءَ کي اسڪول تائين پهچائيندو، ان جو تعليمي خرچ ڀريندو ۽ ان کي زندگيءَ ۾ ڪنهن مقام تي ضرور پهچائيندو. ڇاڪاڻ ته ڇوڪرين جي تعليم بنهه گهڻي ضروري آهي.
اسين سمجهون ٿا ته عيد جو ڏهاڙو جتي اسان کي خوشيون بخشي ٿو، اتي اسان کي ذميواريءَ جو احساس به ڏياري ٿو ته اسان تي جيڪي ذميواريون رکيل آهن، انهن کي بهتر نموني نڀائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايون ۽ ان کان به وڌيڪ ذميوارين نڀائڻ جي سگهه رکون ٿا ته اهي به نڀايون. اسين پڙهندڙن کي سنڌ ايڪسپريس سٿ پاران عيد جون کوڙ ساريون مبارڪون ڏيون ٿا ۽ اها اميد ڪريون ٿا ته اڄوڪو ڏينهن سک ۽ شانتي سان گذري ويندو.

فريڊم نيٽ ورڪ جي رپورٽ

ڪنهن به ملڪ ۾ اظهار جي ڪيتري آزادي آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته اتي ڪم ڪندڙ صحافي ڪيترا محفوظ آهن. جتي صحافي ۽ صحافتي ادارا محفوظ نه هجن ته پوءِ اتي اظهار جي آزادي به متاثر ٿيندي رهي ٿي. ملڪ ۾ هر سال ڪيترائي صحافي تشدد جو شڪار ٿين ٿا يا وري قتل ٿي ويندا آهن ۽ ان کان سواءِ انهن کي ڌمڪايو به ويندو آهي پر تنهن هوندي به صحافي پنهنجون ذميواريون نڀائيندا رهندا آهن. ان ڪري جو انهن کي خبرون دنيا تائين پهچائڻيون هونديون آهن ۽ اهي انهن خبرن وسيلي ماڻهن جي ڏيهي توڙي پرڏيهي صورتحال کان آگاهه ڪندا رهندا آهن، پر جيڪڏهن صحافي ذهني دٻاءُ واري ماحول ۾ ڪم ڪندا هجن ته پوءِ حالت بنهه گهڻي خراب ٿي ويندي آهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ فريڊم نيٽ ورڪ پاران شايع ڪئي وئي آهي، ان کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت صحافين کي هراسان ۽ تشدد ڪرڻ جا ڪيس داخل ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ صحافين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ايوارڊ ماڻيندڙ اداري (فريڊم نيٽ ورڪ) جي جاچ رپورٽ مطابق مئي 2021 ۽ اپريل 2022 دوران وچ ۾ ملڪ ۾ ميڊيا ۽ صحافين تي حملن ۽ ڀڃڪڙين جا 86 واقعا ٿيا. فريڊم نيٽ ورڪ جي تحقيقي ۽ تجزيي تي ٻڌل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال صحافين جي حقن جي ڀڃڪڙين جي ڪل رپورٽن ۾ گهٽتائي آئي آهي. جڏهن ته ڊجيٽل ميڊيا لاءِ ڪم ڪندڙ صحافين کي ٽارگيٽ بنائڻ جو لاڙو جاري رهيو. فريڊم نيٽ ورڪ صحافين سان ٿيندڙ ڀڃڪڙين ۽ اظهار جي آزاديءَ تي حملن تي مسلسل بنيادن تي نظر رکي ٿو. 3 مئي تي عالمي سطح تي ملهايو ويندڙ پريس فريڊم ڊي جي حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پاران ڊرامائي انداز ۾ وڌندڙ جبر جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ صحافين لاءِ رياستي عنصر بدستور سڀ کان وڏو خطرو بڻيل رهيا. جنهن جا نتيجا تشدد، قانوني ڪيس، اغوا حراست ۽ ڌمڪين جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. فريڊم نيٽ ورڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اقبال خٽڪ چيو ته جهڙوڪ ڊجيٽل ميڊيا پاڪستان ۾ هڪ نئون منظرنامو آهي، ان لاءِ حڪومت آن لائن آزادي تي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بيچين آهي ۽ ڊجيٽل ميڊيا سان لاڳاپيل صحافين کي حراسان ڪرڻ، غلط ورتاءُ ۽ قانوني ڌمڪين جو منظم حدف آهن پر اسان کي بارڊرز کان سواءِ پنهنجي ان آن لائن آزادي جي حفاطٽ ڪرڻ گهرجي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چئني صوبن، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوبه هنڌ صحافين لاءِ محفوظ نه آهي ۽ هرهنڌ صحافين تي حملا ٿي رهيا آهن.
هاڻي هي ڊجيٽل ميڊيا جو دور آهي، جنهن ۾ ڪيترائي صحافي اهڙا آهن، جيڪي ٽي وي چينلن کي ڇڏي پنهنجا ذاتي يوٽيوب چينل هلائي رهيا آهن، جتي اهي وڌيڪ آزاديءَ سان ڳالهائي سگهن ٿا. ان ڪري اهي تشدد جو نشانو به بڻجن ٿا. اسين سمجهون ٿا ته هي صورتحال صحافين لاءِ ڪا گهڻي بهتر ناهي. جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومتي سطح تي صحافين کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪو اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي جو جيڪڏهن اهي ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جو شڪار ٿين ٿا ته انهن سان ترت انصاف ڪيو وڃي. صحافين کي جيترو تحفظ حاصل هوندو، اهي اوترو ئي پرسڪون ماحول ۾ ڪم ڪري سگهندا. تنهنڪري ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهي بهتر نموني صحافتي ذميواريون نڀائي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button