ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مذهبي ڪارڊ ۽ عمران نيازيءَ جا ارادا

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

عمران خان نيازي نه رڳو مذهب جي ڪارڊ کي چونڊن کان اڳ استعمال ڪندو رهيو پر جڏهن هو وزير اعظم ٿي ويو هو ته ان ڪارد کي تڏهن به هن استعمال ڪيو ۽ هاڻ جڏهن هو اقتدار وڃائي ويٺُو آهي ته وري به مذهبي ڪارڊ کي استعمال ڪري رهيو آهي. جڏهن سياست ۾ مذهب کي رڳو ذاتي مفاد ۽ عوام جي جذبن کي ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته پوءِ ان جا اثر هر پاسي کان تباهي آڻيندڙ هوندا آهن. اهو ڪارڊ رڳو پنهنجن مخالفن تائين محدود نه رهندو آهي پر اهو منتر ان سياستدان تي ڦري گهري وري ٺڪاءُ ٿي لڳندو آهي، جيئن هينئر عمران خان نيازيءَ سان ٿي رهيو آهي. هو لاڳيتو مذهبي ڪارڊ کي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي خلاف استعمال ڪندو رهيو، هاڻ اهو ساڳيو ئي ڪارڊ هن جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي، جيڪا سياست جي غلط ۽ غير مهذب روايت آهي. جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ ڪنهن سان ويڙهه به سياسي بنيادن تي هجڻ گهرجي. اها ڪنهن به ريت مذهبي اٽڪلن وسيلي نه هجڻ گهرجي.
تازو سعودي عرب ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وزير اعظم شهباز شريف ۽ ان سان گڏ ويل وفد خلاف جيڪو تماشو ڪيو، اهو نه رڳو هڪ غير اخلاقي عمل هو پر ان کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ مذهب کي بنياد بڻائي ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، ان سان اهو تصور جڙي رهيو آهي ته هي سياسي انتقام جي تياري ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ ملڪي سياست کي ايترو ته گندو ڪيو آهي جو ان گند کي صاف ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت لڳي ويندو ۽ ان سڄي گند کي پکيڙڻ جو سڀ کان وڏو ذميوار عمران خان نيازي آهي، جنهن سياست ۾ اهڙيون اهڙيون روايتون متعارف ڪرايون آهن، جيڪي ان کان اڳ ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي پاران متعارف ڪونه ڪرايون ويون هيون. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ سياسي اختلاف هوندا هئا پر اهي ٻئي پارٽيون ذاتي حملن کان پري رهيون. عمران خان نيازي پاران جيڪي ڪجهه نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ خلاف ٿيندو رهيو آهي، اهو غير اخلاقي ۽ غير سياسي ئي سهي پر نواز ليگ پاران ان خلاف مذهبي ڪارڊ استعمال ڪرڻ به نامناسب آهي.
عمران خان نيازي اڃا تائين به اهو سمجهي رهيو آهي ته سندس حڪومت ٻاهرين قوتون ختم ڪرائي آهي، ڇاڪاڻ ته کيس لڳي ٿو ته هڪ وڏي سازش ڪري کيس اقتدار تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته سندس حڪومت هٽائڻ جا سبب اندروني آهن. پي ٽي آءِ پنهنجي سڄي حڪومتي دور ۾ ڪوبه اهڙُو ڪم نه ڪري سگهي، جنهن سان ملڪ ۽ عوام جو ڀلو ٿي سگهي ها. ان کان سواءِ اها اهي وعدا به پاڙي نه سگهي، جيڪي عمران خان نيازي هر تقرير ۾ ڪندو رهندو هو. ان کان به اهم ترين مسئلو فوج جي اداري کي تڪراري بڻائڻ هو. اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد سان عمران خان جي ويجهڙائي سندس حڪومت لاءِ پريشانيءَ جو سبب ٿي وئي ۽ جهڙي ريت هو پنهنجي پاڻ کي انقلابي اڳواڻ سمجهڻ لڳو هو ۽ کيس لڳو ته هو ڪنهن سپر پاور ملڪ جو وزير اعظم آهي ۽ دنيا سندس هڪ اشاري تي اٿلي سگهي ٿي، اهڙين خوشفهمين به سندس اقتدار جو زوال آندو.
پاڪستان سياست جي حوالي سان هڪ ڏکيو ملڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هتي ڪنهن به پارٽيءَ کي اقتدار ته ملي ويندو آهي پر اصل ڳالهه اختيار جي هوندي آهي، هر وزير اعظم محدود اختيارن ۾ رهي ڪم ڪندو آهي، جڏهن اهو پنهنجي دائري کان ٻاهر نڪرندو آهي ته کيس دائري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وري ايترو ته دٻاءُ وڌو ويندو آهي جو مجبور ٿي ويندو آهي. عمران خان نيازيءَ جو اقتدار ۾ اچڻ ڪو معجزو ته نه هو پر ٺڳي ضرور هئي. 2018ع وارين چونڊن کي نه رڳو ملڪي مبصر پر عالمي مبصر به تڪراري قرار ڏيندا رهيا آهن. هڪ هائبرڊ نظام جو تجربو جيڪو “ڪمپني بهادر” ڪيو، اهو گهڻو وقت نه هلڻو هو، ڇاڪاڻ ته سياست جو فن ۽ سياسي معاملا هلائڻ ٻه الڳ الڳ ڳالهيون آهن، ان کان سواءِ ان ڏند ڪٿا کي هوا ڏني وئي ته عمران خان نيازي هڪ ايماندار ماڻهو آهي، سندس ايمانداريءَ جا قصا هاڻ ظاهر ٿي رهيا آهن، جنهن جو تازو مثال فرح خان آهي، جنهن تي نيب هاڻي ڪيس هلائڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان کان سواءِ سندس نجي هائوسنگ اسڪيم کي پڻ بند ڪيو ويو آهي. بس ايترو ٿيڻ جي دير هئي جو عمران خان نيازي فرح خان جي بچاءُ ۾ لهي پيو ۽ هن هڪ پريس ڪانفرنس به ڪئي، جنهن ۾ هو فرح خان کي بي ڏوهي قرار ڏئي رهيو آهي. ان مان اهو تاثر پيو جڙي ته هو فرح خان جو ترجمان ٿي ويو آهي. جيڪڏهن هن ريئل اسٽيٽ ۾ به پنهنجن ذريعن کان وڌيڪ پئسو ڪمايو آهي ته هن خلاف ڪيس ٺهي سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري ناهي ته هن وٽ ڪو عوامي عهدو هجي. اهو ساڳيو سلسلو عمران خان نيازيءَ جي دور ۾ به هلندڙ هو، جڏهن هو سڄي اپوزيشن خلاف ڪيس پيو ڪندو هو ۽ نيب جهڙو تڪراري ادارو هر ان ماڻهو خلاف فائيل کوليو ويٺو هوندو، جيڪو عمران خان نيازي کي پسند ڪونه هوندو هو، پر ان سموري ڪارروائي کان پوءِ به نيب اپوزيشن پارٽين خلاف ڪوبه ڪيس ثابت نه ڪري سگهي.
شهزاد اڪبر کي اپوزيشن کان پيسا اوڳاڙي لاءِ رکيو ويو پر هو به رڳو صفايون ڏيندو رهيو. تنهنڪري هاڻ جيڪي ڪجهه عمران خان نيازي ۽ پي ٽي آءِ خلاف ٿي رهيو آهي، ان جي سڄي ذميواري عمران خان نيازيءَ تي اچي رهي آهي، جنهن پنهنجي هٺ ۽ نواز شريف جي ساڙ ۾ سياسي انتقامي ڪارروايون ڪيون. جيڪڏهن نواز ليگ سياسي ڪاررواين بدران رڳو انهن ڪيسن جي حوالي سان ڪم ڪري جيڪي اصولي طور عمران خان نيازي ۽ پي ٽي آءِ خلاف ٺهي سگهن ٿا ته پوءِ ان کي قانوني طريقي سان هلائڻ ڪو ڏوهه ناهي پر جيڪڏهن مذهبي ڪارڊ استعمال ڪيو ويندو ته سياسي ماحول اڃا به خراب ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ معاملا اڃا به خراب ٿيندا. پي ٽي آءِ کي ته اڄ به کير جي ڌوتل پارٽي طور پيش ڪيو پيو وڃي پر ائين ڪرڻ سان پي ٽي آءِ جا پاپ ڏوپجي نٿا سگهن. عمران خان نيازي ويندي ويندي جيڪي ڪجهه ڪري ويو آهي، ان جا اثر به ظاهر ٿيندا رهندا. هن وقت شيخ رشيد جهڙو ماڻهو هن جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڍال طور پيش ڪري رهيو آهي پر وقت اچڻ تي هو به پاسيرو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ جڏهن هو نواز شريف سان هو ته سندس ساراهه جا ڍڪ ڀريندو هو ۽ پوءِ پرويز مشرف هن جو آئيڊيل ٿي ويو.
سياسي عمل وسيلي معاملا وڌيڪ طئي ٿي سگهن ٿا، عمران خان ميڙ جي سياست کي هٿي ڏئي رهيو آهي، سڀاڻي اهو ميڙ هن جي خلاف به استعمال ٿيندي دير نه ڪندو. تنهنڪري سياست ايوانن ۾ رهي ڪجي ته بهتر آهي، جنهن سان سٺا نتيجا به نڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن عمران خان نيازي اهو طئي ڪري ورتو آهي ته ملڪ ۾ هو گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو ته اهو شوق به پورو ڪري ڏسي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button