ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻيءَ ڏڪار سان ديانتدار انسانن جو ڏڪار؟

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

دستگير ڀٽي
خدا جو شڪر آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آخرڪار اھا خبر پئجي ويئي آهي ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ماڻھن جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. اسان چيف منسٽر صاحب جا وڌيڪ شڪرانا بجا آڻينداسين جيڪڏهن ھو ٿرپارڪر، بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي ڪروڙين ماڻهن جي حال تي به رحم فرمائي رڳو با اثر پاڻي چورن جي چوريءَ کي ٻنجو هڻي ڇڏي ته جيئن غريب مسڪين ماڻهن کي فصلن لاءِ نه سھي، پر رڳو پيئڻ واسطي پاڻي ڏياري سگهي. وزير اعليٰ جو بنيادي فرض آهي ته اصل پاڻي چور مافيائن جو ڳاٽو ڀڃي ڇڏي ۽ پنجن ستن سالن کان اڃايل لاڙ جي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي پھچائڻ سان گڏ اھو به انتظام ڪري ڇڏي ته جڏهن ڪوبه سنڌ واسي وفات ڪري وڃي ته سندس جنازي کي وھنجارڻ جيترو پاڻي ھرھڪ ڳوٺ تائين رسائي سگهي.
پر لڳي ٿو ته وڏي وزير کي سنڌ جي اصل حاڪم آصف علي زرداريءَ جو حڪم مليل آهي ته پنهنجو ڌيان رڳو ڪراچيءَ تي ڌريو ته جيئن ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ اسٽيبلشمينٽ جي سھڪار سان پنهنجو ميئر يعني ناظم اعليٰ چونڊائي، شهر جي سموري ترقياتي بجيٽ پنھنجي ڪنٽرول ۾ ڪري سگهي ۽ متحده قومي موومينٽ وارن جي يخي ۽ بڪ بڪ بند ڪرائي ڇڏجي.
ڪراچيءَ کان ٻاهر جيڪا سنڌ آهي سا ته زرداري خاندان جي مفتوحه سرزمين آهي جتي کين ڪابه لھر يا لوڏو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.
اسان مڃون ٿا ته مينھن جا وسڪارا نه ٿيڻ ڪري درياهن ۾ پاڻيءَ جي تمام گهڻي اڻاٺ آهي پر ٽي ڏينهن اڳ وزير اعظم شھباز شريف پاران ارسا کي ھدايت ملڻ شرط سنڌ کي ملندڙ 35 ھزار ڪيوسڪ پاڻيءَ کي سٺ ھزار ڪيوسڪ تائين وڌايو ويو آهي ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته اھو واڌو پاڻي ڪيڏانهن گم ٿيو وڃي؟ ڪير آهن اھي غيباتي جناتي جيڪي بس ڪنڊڪٽرن ۽ پرائمري اسڪول جي استادن جا پٽ ھئا، سي گذريل چوڏھن سالن جي ڪرشماتي دؤر ۾ ھزارين ايڪڙن جا مالڪ ٿي اسان جي آڏو آيا ۽ وڏي فخر سان سدائين اھو چوندا آهن ته ھي ٻني اسان جي ڏاڏن پڙڏاڏن جي ملڪيت آهي!
اسان ھاڻي رڳو اخباري سرخين کي پڙھندڙ ساٿين تائين پهچائي سنڌ جي وڏي وزير کان سوال ٿو ڪريان ته سنڌ جي ھيٺين سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڳوٺاڻن جي ھنن احتجاجن جو به ھو سنجيدگيءَ سان نبيرو ڪندو يا اڃا به وفاقي سرڪار جي وزير اعظم شھباز شريف کي ڏوھه ڏيندو رھندو ته پنجاب جا زميندار سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن. انھي حقيقت کي آئون مڃان ٿو ته پاڻيءَ جي ورڇ ۾ پنجاب جي حڪمرانن سدائين سنڌ سان بيواجبي ۽ نا انصافي ڪئي آهي پر سنڌ کي پنهنجي حصي کان جيڪو گھٽ پاڻي ملي ٿو، ان پاڻيءَ تي ڌاڙو ھڻندڙ بااثر وڏيرن، سياسي اڳواڻن ۽ وزيرن ڪبيرن کي سنڌ سرڪار عوام آڏو بي نقاب ڪرڻ کان ڇو ٿي لنوائي؟
ھرھڪ اخبار پڙھندڙ اھو ضرور پڙهيو هوندو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ٽيونجاھه سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي جنهن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ ھاڃو سنڌ ۽ پاڪستان جي پڇڙيءَ وارن ضلعن يعني لاڙ جي ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، بدين ۽ ٺٽي ضلعن سان گڏوگڏ ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي آبادگارن ۽ ھارين نارين کي پھتو آھي.سکر بئراج وٽ پاڻيءَ جي کوٽ کان وڌيڪ ڪوٽڙي بئراج ۾ 59 سيڪڙو معنيٰ ته ذري گهٽ سٺ سيڪڙو پاڻي ھن سال گھٽ پھتو آھي پر انھيءَ خوفناڪ گھٽتائي واري حالت ۾ به آبپاشي کاتي جي انجنيئرن ۽ چيف انجنيئرن کان وٺي داروغن تائين سمورن عملدارن جنھن نموني پئسن عيوض سرنديءَ وارن زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪيو آهي، ان جو مثال ھلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ بنھه گھٽ ملي ٿو. سوال آهي ته آخر اھڙي انڌير نگريءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ بي سھارا ۽ بي پھچ ماڻھن جو پاڻي ڪير ٿو چوري ڪري؟ انهن سوالن جو جواب متاثر ٿيل ماڻهن جي فقط ھڪ ئي مطالبي مان ملي ٿو؛ سندن اھو مطالبو آهي ته واھن، ڪينالن ۽ ڊسٽريز تان آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي ھٽائي، سنڌ رينجرس کي بيھاريو ڇاڪاڻ ته پوليس آفيسر به ظالم زميندارن جا ڇاڙتا آهن. ڳوٺاڻا اھوبه چون ٿا ته سنڌ سرڪار جا اصل ڌڻي ھيڏي وڏي آبپاشي نظام کي ھلائڻ لاءِ آخر گذريل ڏهن سالن کان ڪو صوبائي وزير آبپاشي ڇو نه ٿا مقرر ڪن؟ اھو سوال ته بلين ڊالرز جو آهي ته آخر ڪھڙي ڪارڻ سنڌ جي ماڻهن کي آبپاشيءَ جي ماھر وزير ۽ ھڪ عدد ڀلي ساک وارو سيڪريٽري ايريگيشن ميرٽ تي مقرر ڪرڻ کان ڇو ٿو ڪيٻائي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه؟
آخر ڪنھن روڪيو اٿئي شاهه صاحب؟ سنڌ جي ڪروڙين زراعت پيشه انسانن کي آبپاشيءَ جي وزير کان سالن جا سال محروم رکڻ جو آخر اوھان وٽ ڪھڙو قانوني، سياسي يا اخلاقي جواز آهي؟!

لطيف سائينءَ فرمايو آهي ته،
حقيقت ھن حال جي، جي ظاھر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مروئن کي، ڏونگر پون ڏري،
جي ھا، پڙھندڙ ساٿيو، سنڌ جا ڪيترائي سرڪاري ڊپارٽمينٽ ظاهري طرح ته چيف منسٽر وٽ آهن پر انھن ڊپارٽمينٽس جي بدلين، مقررين کان وٺي اربن کربن روپين جي بجيٽ بابت فيصلا ڪرڻ جو اختيار ان ھڪڙي اڻ پڙهيل شخص کي مليل آهي جنهن بابت اھا حقيقت مشهور آهي ته سال 2010 واري مھاٻوڏ جي تباهيءَ کان سنڌ جي مسڪين ماڻهن کي بچائڻ خاطر ھڪ عالمي اداري ڇهھ عدد آٽوميٽڪ ايمبولينس گاڏيون عطيو ڪري ڏنيون ته جيئن ٻوڏ ۾ لڙهندڙ ٻارڙن ۽ سندن مائرن ڀينرن کي ٿڏي تي ئي طبي واھر ڪري، اسپتالن تائين رسائڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ انساني حياتيون بچائي سگھجن. ھي ايمبولينس گاڏيون سيد قائم علي شاهه جي حڪومت ان وقت جي حاڪم صدر آصف علي زرداريءَ جي حڪم تي سندس ھڪڙي نوڪر حوالي ڪري ڇڏيون جنهن ھنن ڇھن ئي گاڏين مان آڪسيجن ۽ رت سپلائي ڪندڙ اوزارن کي ڪڍرائي ھي ڇھه ايمبولينس دادو مورو روٽ تي سواريون کڻڻ لاءِ استعمال ڪري ڇڏيون. ٻوڏ ۾ سوين انسان بي يارو مددگار لڙھي فنا ٿي ويا ۽ ھي ڦٽفٽي وڪڻي ڪروڙين رپين جي گاڏيءَ تي چڙھيو. زرداري صاحب پنهنجن گھاٽن يارن کي چيو ته ھي کير وڪڻڻ وارو ته تمام وڏو سائنسي دماغ رکي ٿو ڇاڪاڻ ته اھڙا سولا ڪم ته اسان به نه ڪري سگهياسين. جڏهن صدر آصف علي زرداري پنهنجا پنج سال پورا ڪري، ايوان صدر اسلام آباد مان نڪتو ته نئين وزير اعظم نواز شريف جي حڪم تي ھن شخص جي گهر تي رينجرز وارن ڇاپو ھنيو ۽ ڇهھ ئي ايمبولينس گاڏيون چورائيندڙ شخص کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون پر ھو اتان ڀڄي ويو ۽ وڃي ھائي ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ورتائين.
اھو سنڌ جي آبپاشي کاتي جو گذريل ڏهن سالن کان گهوسٽ منسٽر آهي ۽ سندس بي لغام بادشاهيءَ ۾ ھزارين ايڪڙن جا مالڪ اصلوڪا انگريزن جا نسل در نسل زميندار ھاڻي پنهنجن فصلن جي پوک واسطي پاڻي کان ڏھه سال وانجھيل ھجڻ ڪري اول ته زمينون کپائين پيا زرداري جي ماڻهن کي يا مٽيءَ مان سرون ٺاهيندڙ بدمعاش ٺيڪيدارن کي چيڪي مٽي وڪڻي ٻچڙن جو پيٽ پالين ٿا. اوھان ٽنڊو ڄام کان گلاب لغاري ۽ چمبڙ کان ٽنڊو باگو تائين مون سان گڏ ھلو ۽ ڏسو ته صدين کان آباد ٿيندڙ ٻنيون ھاڻي پوٺا بڻجي ٿرپارڪر جي دڙن جو ڏيک ڏين ٿيون يا نه؟

سوال ھڪڙو ٻيو به آهي ته آخر سنڌ جا ساڍا ڇھه ڪروڙ ڌرتيءَ ڌڻي اھڙن وزيرن ۽ مشيرن جي حاڪميت کي ڇو قبول ڪن جيڪي ڇھن ستن اربن جي ڪرپشن ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل ھجن. اھو سوال ان وقت به اٿاريو ويو هو جڏهن عمران خان جي مخالف سياسي جماعتن جي گڏيل محاذ، پي ڊي ايم شھباز شريف کي ملڪ جو وزيراعظم ۽ سندس پٽ حمزه شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪيو جيڪي ٻيئي پيءُ پٽ اربن کربن جي چوريءَ ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل ھئا آصف زرداري ۽ سندس ساٿارين وانگر.
جيڪو سوال آزاد ميڊيا پاران اٿاريو ويو سو بنھه سادو سودو ھو ته پي ڊي ايم جي 178 ميمبرن ۾ ڪوبه ھڪ بي داغ ۽ ديانتدار شخص نه هو جنهن کي پاڪستان جو وزيراعظم چونڊي سگهن ھا؟ ساڳيءَ ريت ٻيو سوال به شاندار ھو ته ڇا وزير اعظم جو فرزند حمزه شهباز ئي لائق فائق ۽ اڪيلو ڏاھپ جو ڀنڊار ھو جنھن کي 13 ڪروڙ آبادي واري پنجاب جو وزير اعليٰ ٺاھڻ ضروري سمجهيو ويو؟
مون کي لڳي ٿو ته ڪو لڪل ٺاھه ضرور ٿيو آهي جنهن ۾ گھڻن ئي سگھارن آفيسرن کي سلامتيءَ سان ٻاهر نڪري وڃڻ جو دڳ ڏنو ويو آهي. ڪمال اھو آھي ته انھن سمورن تڙ تڪڙ ۾ ڪيل ٺاھن جا ضامن آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان آهن جن جو پنهنجو سمورو سياسي ڪردار ۽ سرڪاري رڪارڊ داغيل، ڪاراٺيل ۽ Questionable آهي؟ ڇا سنڌ ۾ اربين روپين جي بجيٽ وارو اطلاعات کاتو ۽ کربن روپين وارو ٽرانسپورٽ کاتو شرجيل ميمڻ کي ڏيڻ ضروري ھو جيڪو اڃا تائين مقدمن مان آجو نه ٿي سگهيو آهي؟ ڇا سنڌ جي بجيٽ کي سدائين وزيرن حوالي ڪري، سنڌي قوم کي غريبي مفلسي ۽ پنڻ واري حالت ۾ ڌڪڻ جو پ پ سرڪار ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟
جيڪڏهن ملڪ لاءِ ڪو ديانتدار وزير اعظم نه پيو ملي ته ٻڌايو سنڌ ۾ به انسان دوست، باضمير ۽ ايماندار وزيرن جو ڏڪار پئجي ويو آهي ڇا پاڻيءَ ۽ اٽي جي ڏڪار جيان؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button