پر افسانوي ادب ۾ جادوئي حقيقت نگاريءَ جا پيرا اسان کي گهڻو اڳ کان ئي ملن ٿا، جهڙوڪر روسي ليکڪ نڪولائي گگول، فرانسيسي ليکڪ جرارڊ ڊي نروال کان ويندي مختلف ملڪن جي لوڪ داستانن ۽ قصن ۾ ملن ٿا. جادوئي حقيقت نگاري اسان کي شين، نظرين ۽ سوچن جي پهرين ۽ ٻين رخ کان اڳيان وٺي وڃي شين جو ٽيون رخ به ڏيکاريندي آهي. هن قسم جو ادب اسان کي نئين انداز ۾ سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي. ٻئي پاسي وري مارڪسي فلسفي سان جڙيل نقادن جو خيال آهي ته هن قسم جو ادب فراريت پيدا ڪري ٿو، ماڻهن کي حقيقي مسئلن کان ڏور رکي ٿو ۽ ڪجهه نقادن جو اهو به خيال آهي ته حقيقت نگاريءَ جي ڀيٽ ۾ جادوئي حقيقت نگاري سرمائيدارن جي سازش آهي، جنهن جي وسيلي ماڻهن کي حقيقتن کان گمراهه رکيو وڃي ٿو. پر هاڻي جادوئي حقيقت نگاري ڪنهن مخصوص خطي يا ملڪ تائين محدود نه رهي آهي ۽ سموري دنيا جي ادب ۾ ان جا نشان ملن ٿا. اسان کي سنڌي ادب ۾ به هاڻي ڪجهه ڪجهه جادوئي حقيقت نگاري جا مثال ملن ٿا، جهڙوڪر زبيده ميتلو جي ڪهاڻين جي ڪتاب “يارم پيارم” جي هڪ ڪهاڻي “ليٽ اٽ گو” ۾ هڪ ڪردار سُمنگ چارڻ مان ملي ٿو. هو مک ڪردار شيري جي گهر ڀرسان رهندو هو. هو سُمنگ ڌاڙيل جي نالي سان به مشهور هو ته وري چارڻ ڌاڙيل جي نالي سان به…. هن بابت ماڻهن اهو مشهور هو ته هو هڪ زبري قسم جو ڌاڙيل هو. ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي حوالن سان مشهور هو پر ڪنهن کي به پڪ نه هئي ته هو اصل ۾ ڪير هو، ڪي ماڻهو هن کي ازغيبي سرڪار سمجهندا هئا ته ڪي وري ڌاڙيلن جو سردار. ڪن ماڻهن جو خيال هو ته چارڻ هڪ افواهه هو ۽ حقيقت ۾ هن جو ڪو وجود ئي نه هو يا وري ڪن جو خيال هو ته هو وڏو عرصو گمناميءَ ۾ رهي اوچتو ظاهر ٿي پوندو هو، هو اڪثر ڪارو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ عربي نسل جي ڀلي گهوڙي تي سواري ڪندو هو. ڳوٺاڻا هن جي حوالي سان تجسس ڀريا طلسماتي قصا پيا ڪندا هئا. انهن جو خيال هو ته چارڻ جي وس ۾ هڪ چاري، جاسوس پکي هو، جنهن جي مدد سان هن کي ترت تر ۾ چوري ٿيل مال جي خبر پئجي ويندي هئي ۽ انهي چاري جي مدد سان هو مال ورائي ايندو هو. جڏهن به ڪو ڌاڙو يا کاٽ لڳندو هو ته چاري اڏامي وڃي چورن جو پيڇو ڪندي مال جا پار پتا جانچي ايندو هو ۽ اهڙي ريت مال جي واپسي ترت ئي ٿي ويندي هئي. هن ڪهاڻيءَ جي هن ڪردار جي حوالي سان جادوئي حقيقت نگاري جا ٽي چار اهم جز جهڙوڪر حقيقي دنيا ۾ سيٽنگ، ڪردار جي حوالي سان مبهم ڄاڻ ۽ هن جي قابو ۾ هڪ جاسوس پکي جو هجڻ ۽ اوچتو اوچتو گم ٿي وڃڻ پڙهڻ لا ملن ٿا.
اهڙي ريت سنڌي ادب ۾ جادوئي حقيقت نگاري جو هڪ ٻيو حوالو نصرت چانڊيو جي ڪهاڻي “پُل جي پار” ۾ ڪجهه هن ريت پڙهڻ لا ملي ٿو. جڏهن معشوق ڀنگ پيڻ لا اوتاري تي وڃي ٿو ۽ اتي کيس هڪ همراهه ملي ٿو جيڪو هن سان ڏاچيءَ جو راز ڳولي لهڻ لا شرط رکي ٿو ۽ پو هن کي ان ڏاچي جي حوالي سان قصو ٻڌائي ٿو ته هو جهل مگسي کان آيو ٿي جو اوچتو هن اکين جي آڏو هڪ ڏاچي اچي وئي جنهن جو بلا جو قد هو، وڏي ڳچي هيس وغيره، ان همراهه کي ڄاڻ وٺڻ تي خبر پئي ته سالن کان اها ڏاچي ماڻهن کي نظر ايندي آهي ۽ وري گم ٿي ويندي آهي، ڪجهه ماڻهن جو اهو به خيال هو ته اها ڏاچي نه پر غيبات هئي، جيڪا ماڻهن کي چڪمو ڏئي ٻيلي ڏانهن وٺي ويندي هئي ۽ پو ماڻهو گم ٿي ويندو هو وري ڪڏهن به نه موٽندو هو. اتان جي ماڻهن هن کي اهو به ٻڌايو هو ته ڪيترن ئي مڙسن ان ڏاچي جو راز ڳولي لهڻ لاءِ شرطون به هنيون هيون ۽ انهن مان ڪو به نه موٽيو هو. مستو ويهه هزار روپين جي شرط قبولي ان ڏاچي جو راز ڳولڻ نڪري پئي ٿو ۽ ان پل وٽ اچي ٿو، جتي اڪثر اها ڏاچي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هن کي ڏاچي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، هو ان ڏانهن وڌي ٿو، ان مان کيس انساني حاجت جي ڌپ اچي ٿي، هو آڱر هڻي ان حاجت کي جاچڻ لڳي ٿو ته کيس پنهنجو وڃائجي ويل ڀا دلبر نظر اچي ٿو ۽ پو سندس ڳچيءَ ۾ رسو پئجي وڃي ٿو، جيڪو هن کي پاڻي ڏانهن ڇڪي ٿو. نصرت چانڊيو هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪمال مهارت سان جادوئي حقيقت نگاري جو استعمال ڪيو آهي. اهڙي ريت جادوئي حقيقت نگاري جا ٻيا به ڪجهه حوالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
ڪتاب جرني ٽو دي اورينٽ:
هي ڪتاب جڳ مشهور فرانسيسي ليکڪ جرارڊ جي عرب دنيا جي پسمنظر ۾ لکيل آهي جنهن جو انگريزي ترجمو مائيڪل هيگ سال 1972ع ۾ ڪيو. هن ڪتاب ۾ نروال جي ايشيا جي سفر مان چونڊ لکڻيون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيون ويون آهن. جڏهن ته هن سفر جو سمورو احوال نروال لڳ ڀڳ 700 صفحن تي لکيو. هن ڪتاب ۾ ٽي ناوليٽ ڏنل آهن، پهريون زيتنبه ان ۾ 16 باب ڏنل آهن، ٻيو ٽيل آف ڪيلف حاڪم جنهن ۾ 7 باب ڏنل آهن، ۽ ٽيون دي ٽيل آف ڪوئن آف مارنگ اينڊ سلومون دي پرنس آف جني، جنهن ۾ 13 باب ڏنل آهن. هنن ٽنهي ناوليٽن ۾ جادوئي حقيقت نگاري ۽ سررئيلزم واري ٽيڪنيڪ استعمال ٿيل آهي ۽ انهن کي اوريٽنٽلزم جي حوالي سان بهترين ڪم سمجهيو وڃي ٿو. اورينٽلزم جي سمجهاڻي ڏيندي جڳ مشهور نقاد ايڊورڊ سعيد لکيو آهي ته لفظ اورينٽلزم برطانيا ۽ فرانس جي اورينٽ جي ويجهڙائي مان نڪتو آهي. 19هين صدي تائين ان جو مطلب هندستان سان گڏ اهي عرب ملڪ جن جو ذڪر بائيبل ۾ ٿيل آهي جن کي تهذيب، ثقافت ۽ علم جي ڄاڻ هئي، ڇو ته 19هين صدي کان ويندي ٻين عالمي جنگ فرانس ۽ برطانيا جو انهن علائقن تي قبضو هو. ان عرصي دوران دنيا جي هن حصي تي يورپين ڪيترائي ڪتاب، افسانا ۽ ناول لکيا. اورينٽلزم جي وصف جوڙڻ ۾ وليم بيڪفورڊ، بائرن، گوئٽي، ۽ وڪٽر هوگو جهڙن ليکڪن جي ڪلا اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته هو نروال جي حوالي سان لکي ٿو ته اورينٽلزم کي سمجهڻ لا ان جي بانيڪارن جهڙوڪر وليم جونز سان گڏ عظيم ليکڪن نروال ۽ فلبرٽ جي لکڻين کي سمجهڻو پوندو. جڏهن ته هڪ انٽرويو ۾ هن اهو به چيو ته هن موضوع تي هن کي ڪم ڪرڻ جو شوق نروال جو ڪتاب “جرني ٽو دي اورينٽ” پڙهڻ کانپو ئي ٿيو.
اهڙي ريت وري ضيا دين سردار اورينٽلزم جي سمجهاڻي ڏيندي لکيو آهي ته:
“The Orient, the land to the east of the west, is a realm of stories. Its actuality has always been encapsulated in forms of storytelling as fact, fiction and fable. It invites the imagination.”
نروال جي هن ڪتاب ۾ ڏنل پهريون ناوليٽ زيتنبيه ضمير متڪلم ۾ لکيل آهي، جڏهن ته هن ۾ جرارڊ مک ڪردار کي پنهنجو ئي نالو ڏنو آهي، جنهن جي ڪري اسان هن کي آتم ڪٿائي ناوليٽ به چئي سگهون ٿا. جڏهن ته ڪجهه نقادن هن کي سفرنامو به چيو آهي، ٻين نقادن جو اهو خيال آهي ته ان حصي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايل آهن، جيڪي افسانوي ٿيون ڀائنجن ان ڪري ان کي ناوليٽن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. هن ناوليٽ ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته جرارڊ مصر پهچي ٿو، هو اتان جي تهذيب ۽ ثقافت کي سمجهڻ لا آيو آهي، پر ان کي ٻولي جي حوالي سان ڏکائي ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجي هڪ دوست عبدالله سان غلامن جي بازار وڃي ان مان آفريڪي نسل جي عورت زيتنبيه کي بازار مان وٺي اچي ٿو، جنهن جا هن کي 625 فرينڪس ڀرڻا پون ٿا. هو ان عورت کي بيان ڪندي لکي ٿو:
“هو ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ مون بنا ڪنهن هٻڪ جي هن جي ڀريل جسم جي تعريف ڪئي. هن جون اکيون چمڪيليون هيون ۽ ڏند اڇا هيس، جڏهن ته وڏا ڪارا وار هيس. مون ارادو ڪيو ته مان 500 فرينڪس ۾ غلام وٺي ايندس، پر جڏهن ان خوبصورت مائي کي ڏٺم ته سوچيم ان لا اهي پيسا به ٿورا آهن، ٻيو اهو ته ترڪيءَ جي واپارين وٽ هڪ اگهه هوندو آهي.”
هوريان هوريان اهي ٻئي پاڻ ۾ ويجها ٿيڻ لڳن ٿا، جرارڊ هن کان عربي ۽ کيس فرانسيسي ٻولي سيکاري ٿو. ان وچ ۾ هو عربن جي حوالي سان ڪيترائي اهڙا قصا ٻڌندو رهي ٿو، جن کي هو غيرمنطقي سمجهي ٿو، جيئن ٽيهن درويشن جو نچندي نچندي هڪ ٿي وڃڻ، رات جو روحن جا آواز ٻڌڻ وارا قصا وغيره اچيو وڃن. انهن منظرن کي هن ڪمال مهارت سان لکيو آهي.
اهڙي ريت ٻيو ناوليٽ “دي ٽيل آف ڪيلف حاڪم” قائره جي هڪ خليفي جو داستان آهي، هڪ رات جو روڌا ٻيٽ جي هڪ شراب خاني ۾ ٻه همراهه اچن ٿا، هڪڙو ملاح آهي يوسف ۽ ٻيو ويڳاڻو آهي، جيڪو اصل ۾ خليفو حاڪم آهي ۽ ويس مٽائي شراب خاني ۾ پهتو آهي. يوسف هن کي چرس چکڻ جي آڇ ڪري ٿو. اول ته هو اهو چئي ته اسلام ۾ هر قسم جو نشو حرام آهي ۽ ان کان منع ڪري ٿو، پر پو يوسف جي اسرار تي هو چرس جي سائي ليپ چکي ٿو ۽ هڪ مسرت ڀري عجيب دنيا ۾ هلي وڃي ٿو. ان دوران يوسف هن کي هڪ عجيب قصو ٻڌائي ٿو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته هو جڏهن به هتان نڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نيل درياهه ۾ اڌ تائين ويندو آهي ته هڪ خواب ڏسندو آهي ته ڪا آسماني مخلوق يا پري هن جي سامهون اچي وئي آهي، هن جي حسن جي تعريف ڪرڻ ممڪن ئي ناهي هڪ ڀيري جڏهن هو هن جي ٻيڙي ۾ چڙهي ته ان جو تختو هيرن جو ٿي ويو ۽ نيل جو پاڻي چاندي ٿي ويو ۽ جڏهن ان کيس ڀاڪر پاتو ته هن جي پاسراٽين مان ٺڪا نڪري ويا. )هلندڙ)