انساني تاريخ ۾ ڪي اهڙا واقعا به پيش آيا آهن جن سڄي انسانيت تي پنهنجا اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن. انسانيت اڄ به انهن جي اثرن کان پاڻ کي آجو نه ڪري سگهي آهي. جيتوڻيڪ انسانيت جي بدخواهه قوتن جي اها گهڻي ڪوشش رهي ته اهڙن واقعن جي ياد کي انسان جي ذهن جي ڦرهي تان ميساري ڇڏجي، پر انهن جو اثرر ايڏو ته دائمي ۽ جٽادار رهيو آهي جو هزار ڪوششن باوجود انهن جي ياد ذهن تان نه ميسارجي سگهي آهي. تاريخ ۾ يقينن اهڙا واقعا تمام گهٽ رهيا آهن. جيڪي هاڪاري ۽ تعميري به هجن ته دائمي پڻ، جيڪي انسانيت جي اجتماعي يادداشت جو حصو بڻجي ويا هجن. ڪا به شئي جڏهن اجتماعي يادداشت جو حصو ٿي ويندي آهي ته ان کي ميسارڻ به بنهه ڏکيو ٿي پوندو آهي. ۽ دنيا جي هر حڪمران طبقي ۽ ان جي رياست جي اها ڪوشش هوندي آهي ته ڪو اهڙو واقعو، جيڪو مجموعي طور استحصالي طبقن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي علامت ٿيڻ جو امڪان رکندو هجي، ان کي ڪنهن به نموني اجتماعي يادداشت جو حصو نه ٿيڻ ڏجي. تنهنڪري، حڪمران طبقن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هر اهڙو واقعو جيڪو انسانيت جي اجتماعي يادداشت جو حصو بڻجڻ جي سگهه رکندو هجي ان خلاف ايتري ته زهريلي پروپئگنڊا ڪجي جو اهو ڄڻ فريب ڄاپي. اهڙو ئي حشر 9 مئي تي سرخ فوج هٿان نازي جرمني جي شڪست جي عظيم الشان واقعي سان ڪرڻ جي ڪوشش به ٿيندي رهي آهي. اولهه جا سامراجي ملڪ هر صورت ۾ فتح برلن جو ڪريڊٽ پاڻ ڏانهن ڪري، سوويت يونين، ان جي عظيم انقلابي قيادت ۽ سرخ فوج جي قربانين کي بي وقعت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن. ڪلهه اهو ڏينهن هو. اهو 9 مئي، جنهن سڄي انسانيت جي مقدر کي تبديل ڪري، دنيا جو نقشو ئي ڦيرائي ڇڏيو.
يقينن انساني تاريخ ۾ ڪي ڳاڻ ڳڻيا واقعا اڳ ۾ به پيش آيا آهن، جن دنيا جي نئين سر تشڪيل ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو. پر انهن واقعن ۾ آڪٽُوبر انقلاب ۽ خاص ڪري سوويت يونين هٿان نازي جرمني کي مليل شڪست اهڙا واقعا هئا جن جو پڙاڏو اڄ به سڄي دنيا ۾ گونجي ٿو ۽ ان کان خوف کائيندڙ دنيا جا حڪمران طبقا ان جو اثر گهٽائڻ لا اڄ به وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪن ٿا، نازي جرمني جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪندڙ اسٽالن جهڙن انقلابين کي هڪ سفاڪ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته جيئن انهن واقعن کي اجتماعي يادداشت جو حصو ٿيڻ کان روڪي سگهجي. 9 مئي تي نازي فوجين پاران سرخ فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارو ڏينهن پوري انسانيت لا ان ڪري به اهميت رکي ٿو جو ان ڏينهن نازي هٽلر جو سڄي دنيا تي قبضي يا جيڪڏهن قبضو نٿي سگهي ته ان کي شمشان گهاٽ ۾ بدلائڻ وارو خواب اڻپورو رهجي ويو. آڪٽوبر انقلاب جو واقعو انساني تاريخ ۾ هڪ فيصلائتو موڙ ثابت ٿيو، جڏهن ته فتح برلن وري دنيا لا آزادي ۽ انقلاب جا نوان گس کوليا. ان ڏينهن جي عظمتن کي سمجهڻو هجي ته ڪو هندستان جي عظيم ڪميونسٽ شاعر ڪيفي اعظمي جو “فتح برلن” جي عنوان سان نظم پڙهي ڏسي. ان نظم جا ڪجهه بند ملاحظه ڪيو:
خنجرون ڪي باڙهه، تيغون ڪي رواني ختم هي
رهزني، غارتگري، ايذا رساني ختم هي
آندهيون ڪي، زلزلون ڪي قهرماني ختم هي
زندگي پر حادثون ڪي حڪمراني ختم هي
ڍل گئي شب، صبح عشرت ڪا پيام آ هي گيا
آفتاب ماسڪو بالائي بام آ هي گيا
فتح ڪا شعله لچک کر پهول برساني لگا
سرخ پرچم سينئه برلن په لهراني لگا
ذره ذره مست هو کر رقص فرماني لگا
چهچها اڻهي فضا، سارا جهان گاني لگا
پهينک کر فاشزم کا بار نحوست شان سي
آج لي دنيا ني پوري سانس اطمينان سي
خارو خس کو تهي هوس بڙهه کر گل تر توڙ لين
جان بلب مورو ملخ شاهين کا شهپر توڙ لين
کهوکهلي تاريکيان اور ماه و اختر توڙ لين
روند کر دشمن ڪي کشتي اور دريا بڙهه گيا
جرمني پر والگا ڪا سرخ پاني چڙهه گيا
هان مبارک هو انهين يه کامراني يه بهار
کر ديا فاشزم کا پرچم جنهون ني تار تار
ان دليرون ڪي گلي مين ڊال دو ڦهولون ڪي هار
بڙهه گيا جن ڪي عمل سي آدميت ڪا وقار
اي عروس دهر کهل کر گنگنا لي جهوم لي
روح گيتي بڙهه ڪي اسٽالن ڪي بازو چوم لي
کهيتون کو، خرمنون کو، گلستانون کو سلام
تج ديا سب ڪچهه جنهون ني ان کسانون کو سلام
ٽينکون، گولون، جهازون، بادبانون کو سلام
جن مين بم ڍالي گئي ان کارخانون کو سلام
اب کبهي ناکاميون کا زخم بهر سکتا نهين
اس طرح کچلا گيا فتنه ابهر سکتا نهين
کهه دو جهو مين باغ و صحرا، گنگنائين آبشار
اب نه لهرائين گي شعلي، اب نه برسين گي شرار
مٽ گيا نازي لٽيرون کا دو روزه اقتدار
دوڙ جا جهلسي هوئي کهيتون په اي رنگ بهار
ساتهه اپني فتنه گر فتنون ڪي دنيا لي گئي
جو شگوفون کو کچلتي تهي کچل ڊالي گئي
کهه دو ڌو ڊالين وه مائين مسکرا ڪر دل ڪي داغ
جل گئي تهي جن ڪي خرمن، لٽ گئي تهي جن ڪي باغ
کهه دو اب اڻهه کر جلائين ديويان گهي ڪي چراغ
مٽ گئي جو توڙتي پهرتي تهي عصمت ڪي اياغ
زندگي پائي اجل پر جبه سائي کر چکي
اهرمن ڪي نسل دنيا پر خدائي کر چکي
کهه دو اهل علم پهر ذوق نظر پيدا کرين
پهر ادب ڪي پهول، حکمت ڪي گهر پيدا کرين
تيرگي ڪي بطن سي نور سحر پيدا کرين
خامشي سي نغمه، نغمون سي شرر پيدا کرين
جن کو چڙهه تهي علم و حکمت سي، ادب سي، راگ سي
هو گئي ٺنڊي الجهه کر زندگي ڪي آگ سي.
اهو واقعو هاڻي دنيا جي مظلومن جي اجتماعي يادداشت جو حصو بڻجي چڪو آهي. جيتوڻيڪ اولهه جي سامراجي ميڊيا ۾ ان کي ڪا ڪوريج نٿي ملي. جيڪڏهن ملي به ته بنهه منفي پيرائي ۾! پر دنيا جي محڪومن ۽ مظلومن لا ان ڏينهن جي اهميت اڄ به اوتري ئي آهي جيتري فتح برلن وقت هئي.