پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ سراپا احتجاج آهي. اهو پهريون ڀيرو به ناهي جو سنڌ سخت گرميءَ ۾ پاڻيءَ جي لاءِ پڪاريندي هجي. ڇا اهو الميو ناهي؟ ڇا اهو تاريخ جو طعنو ناهي؟ ڇا اهو هن ديس مٿان ڌاڙو ناهي؟ ته جنهن ڀونءِ جو نالو نديءَ جي نالي سان سلهاڙيل هجي. جيڪا ڌرتي پنهنجي درياهه جي حوالي سان سڃاتي ويندي هجي. ان ڌرتيءَ کي پاڻيءَ کان محروم بڻايو وڃي. اهو ته ائين آهي جيئن آبي حيات کي سامونڊن ۽ درياهن مان بي دخل ڪيو وڃي ۽ انهن کي چيو وڃي ته هاڻي انهن کي جياپي جو ڪوئي ٻيو رستو تلاش ڪرڻو پوندو. اها آبي حيات ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ اها ڪيئن ٿي جي سگهي؟ جنهن جو جنم جل ۾ ٿيو هجي. جنهن جي جسم ۽ جنهن جي آتما ۾ صرف هڪڙي ئي پڪار هجي “پاڻي…پاڻي…پاڻي…!!” ان حيات جي لاءِ آب ئي اصل بنياد آهي. آب کان سواءِ اها حيات جيئري رهي نه ٿي سگهي. جڏهن ته پاڻي هڪ اهڙي وٿ آهي، جنهن کان سواءِ آبي حيات ته ڇا پر ڪائي به حيات پنهنجي جياپي جو تصور به نه ٿي ڪري سگهي. ممڪن آهي ته هن ڪائنات ۾ زندگيءَ جون ڪي اهڙيون صورتون به هجن، جيڪي پاڻيءَ کان سواءِ پنهنجو وجود برقرار رکي سگهنديون هجن پر هن ڌرتيءَ تي اهڙي ڪا به حياتي ناهي، جنهن جو گذران پاڻيءَ کانسواءِ ڪنهن به طرح ممڪن هجي. ڌرتي هن ڪاري خلا ۾ اها نيري جل پري آهي، جنهن ۾ پاڻي مٽيءَ ۽ پٿرن کان وڌيڪ آهي. جنهن سياري جي جوڙجڪ ئي جل سان ٿي هجي، ان سياري تي جيون جو ڪو به خيال پاڻيءَ کان خالي نه ٿو ٿي سگهي. پر اها به حقيقت آهي ته هن ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا ديس به آهن، جن جو گهٽ پاڻيءَ تي به گذران ٿي وڃي ٿو. پر ڪجهه ديس ته پاڻيءَ کان سواءِ هڪ دم به رهي نه ٿا سگهن.
سنڌ به هڪ اهڙو ديس آهي. سنڌ جيڪا “سنڌونديءَ” جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. اڄ جڏهن هيءَ ڌرتي پنهنجي درياهه کان دور ڪئي پئي وڃي ته اها ڪيئن نه پڪاريندي؟ اها ڪيئن نه دانهيندي؟ هي ديس پاڻيءَ جي لاءِ هڪ دانهن بڻجي ويو آهي. ڇو ته هن ديس کان درياهه کسيو پيو وڃي. ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو انياءُ ٿي سگهي ٿو ته جڏهن اونهارو اوج تي هجي. جڏهن لڪون لڳنديون هجن. جڏهن ڪاري اس ۾ ڪانوَ جي اک نڪري. جڏهن هر پور پگهر ۾ آلو هجي. جڏهن ٽامي جهڙو سج تپي چانديءَ وانگر چمڪڻ لڳي. تڏهن پاڻي نه هجي. پاڻيءَ جنهن لاءِ هر جيءَ پڪاريندو آهي. صرف آسمان مان وسندڙ آب جي حوالي سان لطيف لکيو آهي:
“سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهون
آڙيون ابر آساري، تاڙا تنوارين
سپون جي سمونڊ جون، نئين سج نهارين”
پر ڇا پاڻيءَ جي لاءِ انسان، جانور ۽ پکي ماندا هجن ٿا؟ پاڻيءَ جي لاءِ ته هر وڻ پنهنجي ٽاريءَ جي ٻانهن لوڏي احتجاج ڪري ٿو. جانورن، پکين ۽ انسانن کي ته کاڌو به کپي. پر وڻن کي ته صرف پاڻي گهربو آهي. جيڪڏهن پاڻي نه هوندو ته وڻن جو وجود به نه هوندو ۽ جيڪڏهن وڻن جو وجود نه هوندو ته زندگيءَ جو پورو سسٽم سڪي سڙي ختم ٿي ويندو.
هن وقت سنڌ جي صورتحال ڪهڙي آهي؟ هن وقت سنڌ ۾ صرف ٻنيون سڪل ناهن پر انسان به پاڻيءَ جي لاءِ ٻاڪارين ٿا. ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ٿو ملي. هي سوشل ميڊيا جو دور آهي ۽ سچ هر هٿ جي حوالي آهي. هن وقت سنڌ جا ماڻهو، سنڌو نديءَ جي تهذيب جا وارث گپ وارو ڪڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. هن مهل سنڌ جي سرزمين جا چپ ڦٽي ڦاڪون ٿي رهيا آهن. ڇو ته هن مند ۾ به پاڻي ناهي. پاڻي ڇو ناهي؟ ڇو ته پنجاب سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي ۽ پنهنجن ٻنين جي پياس پوري ڪري بچيو سچيو پاڻي سنڌ طرف اماڻي ٿو ۽ سنڌ ۾ اهو پاڻي اچڻ شرط سرڪاري ۽ سياسي طاقت جا مالڪ ٿوري پاڻيءَ کي پنهنجي طرف موڙي ڇڏين ٿا. ان جي نتيجي ۾ اهي انسان اڃيا رهجي وڃن ٿا ۽ انهن جا کيت کورا ٿي وڃن ٿا، جن وٽ پنهنجي حصي جو حق وٺڻ جي طاقت ناهي. جن وٽ صرف دانهن آهي. جن کي جديد طريقن سان پاڻيءَ کان محروم بڻايو ويو آهي. انهن فردن ۽ انهن طبقن جي لاءِ جياپي جو گس صرف فصلن مان نه ٿو گذري. انهن وٽ تمام گهڻا ڪاروبار آهن. انهن وٽ دولت آهي ۽ ايتري دولت آهي جو انهن کي اها دولت ڳڻڻ ۽ ان جي محفوظ ڪرڻ لاءِ ملازم رکيا آهن. پر حرص جو پيٽ ڪڏهن به ڀرجي نه ٿو سگهي. ان ڪري هو پاڻيءَ جي مٿان به ڌاڙو هڻي باقي هارين، نارين ۽ ننڍن آبادگارن کي پنهنجي حق کان پري رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. جڏهن ته انهن جي ڪاميابي سچ جي ناڪامي بڻجي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ جڏهن به مند جو پاڻي ايندو آهي ته ان جي هر لهر شاهدي ڏيندي آهي ته ان کي شديد طرح سان قابو ڪيو ويو هو. سنڌ جي پاڻيءَ کي پنجاب سرڪاري سينازوريءَ سان چوري ڪندو رهيو آهي. اها ايتري ته عالم آشڪار ڳالهه آهي جو ان تي ڪنهن جي شاهدي يا ڪنهن ثبوت جي به ضرورت ناهي. پنجاب پاڻيءَ سان پنهنجا رڻ پٽ به آباد ڪيا آهن. جڏهن ته اهڙي عمل سبب سنڌ جا کيت به رڻ وانگر رڙن ٿا. جيڪي ڳوٺ ساوا هوندا هئا. جن وسندين ۾ سائي سونهن جوڀن جي رت وانگر ڇوليون هڻندي هئي. اهي وستيون هاڻي بکايل جوانيءَ وانگر اجڙيل آهن. ان جي نتيجي ۾ سنڌ جو اهو عام انسان جيڪو صدين کان وٺي پوکيءَ تي گذر ڪندو رهيو آهي، هن مهل اهو تمام گهڻي اذيت جو شڪار آهي. هن جي حصي ۾ ايتري ته پيڙا آيل آهي جو هو ان کي مڪمل طور تي پيش به نه ٿو ڪري سگهي. هڪ آسودو ديس جڏهن ايترو غريب ٿي وڃي ته پوءِ ان جي پويان ڪي ته سبب هوندا؟
ڇا هن ملڪ جا مالڪ صرف ان هڪ سوال جو جواب ڏيڻ پسند ڪندا ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ خوشحالي وڌيڪ آئي آهي يا هتي بدحاليءَ جا پاڇا گهڻا پيا آهن؟ ماڻهو تاريخ کي تبديل ڇو ڪندا آهن؟ ماڻهو پنهنجي جاگرافيءَ ۾ تبديلي ڇو آڻيندا آهن؟ ماڻهو آخر پنهنجي تاريخي تعارف ۾ ڦيرگهير ڇو ٿا ڪن؟ صرف ان جي ڪري ته انهن سان وقت ڪي واعدا ڪندو آهي ۽ اهي واعدا جڏهن وفا نه ٿين ۽ نه صرف وفا نه ٿين پر انهن واعدن جي ابتڙ جڏهن سکن جي بدران ڏک ملن ۽ جڏهن خوشحالين بدران بدحاليون مقدر بڻجي وڃن ته انهن ماڻهن جا احساس ڪهڙا هوندا؟ هڪ ڦريل ۽ لٽيل قوم جي دل مان ڪهڙي دانهن نڪرندي؟ پنجاب کي پاڪستان سمجهڻ وارا حڪمران ڪجهه ته سوچين. ڪجهه ته احساس ڪن. ٻچا صرف انهن جي قوم جا ناهن. سنڌي ٻارن کي به پيٽ ڀري ماني کائڻ ۽ صاف پاڻي پيئڻ، تعليم پرائڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو حق آهي. جڏهن سنڌ کان پاڻي کسيو وڃي ٿو ته سنڌ جو ماڻهو انهن سمورن انساني حقن کان محروم ٿي وڃي ٿو، جيڪي انساني حق صرف هن ملڪ جي آئين ۾ لکيل ناهن. پر اهي انساني حق عالمي آئين ۾ به تحرير ٿيل آهن. ڇا سنڌ کي اهي حق ملن ٿا؟
اهي حق جيڪي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۾ درج آهن. ان پڌرنامي ۾ ته اهو به لکيل آهي ته هر انسان کي خوش رهڻ جو حق حاصل آهي؟ ڇا سنڌ کان ندي کسي سنڌ کي خوش رکي سگهجي ٿو؟ سنڌ پنهنجي درياهه کان سواءِ درد باهه ۾ سڙڻ لڳي ٿي. ڇو ته هن ڌرتيءَ جي سموري جيوت جو بنياد ان پاڻيءَ جي مٿان آهي، جنهن پاڻيءَ کي پهريان پنجاب چوري ٿو ڪري ۽ پوءِ ان سان اسان جو حڪمران طبقو زوري ٿو ڪري. اهو پاڻي جيڪو اڳواٽ لٽيل لٽايل آهي. ان پاڻيءَ کي هٿرادو ۽ غيرقانوني ڊيمن ۾ قابو ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي ڪچي ۾ ٻيلا وڍي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري غيرقانوني آباديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ جيڪي آباديون اڳ ۾ آهن، انهن جي حصي ۾ هٿرادو برباديون اچن ٿيون. سنڌ جا حڪمران طبقا منڍ کان وٺي پنهنجين ٻنين جي پوري اڃ اجهائي باقي قوم کي احتجاج جي رستي سان لڳائي آرام سان ويهي رهن ٿا. جيڪڏهن انهن کي سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي پاڻيءَ جي حق لاءِ جدوجهد ڪرڻي هجي ته اها ناممڪن به ناهي پر سوال آهي ته ڪرسيءَ تان هٿ ڪير کڻي؟
سنڌ جي حڪمرانن جي مخصوص منافقت سبب سنڌ جو هاري تمام گهڻي اذيت جو شڪار آهي. هن جي لاءِ هن وقت پوک هڪ اهڙو پيارو خواب آهي، جنهنجو ڪوئي تعبير ڪنهن تدبير سان هن جي پلئه نه ٿو پوي. هو سوچي ٿو هن کي هر رستو سڃو ۽ سياهه نظر اچي ٿو. هڪ وقت هو جڏهن سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ حقيقي ويڙهه به هوندي هئي. جيتوڻيڪ اها ويڙهه وڏي نه هئي. پر هئي ته سهي. هاڻي ته سنڌ وٽ هڪ مڪار ۽ عيار سياست کان سواءِ ڪجهه ناهي. ڇا سنڌ کي اها سياست پنهنجا تاريخي حق وٺي ڏيندي؟ اها سياست جيڪا سنڌ جا حق ڦٻائڻ جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. اها سياست جيڪا پاڻ ڏوهاري آهي، اها سياست هن ڏيهه کي خوشيءَ سان هم آهنگ ڪيئن ڪندي؟
سنڌ پاڻيءَ جي لاءِ پڪاري ٿي ۽ ان وقت کي ساري ٿي، جڏهن سنڌ ۾ سک هئا. جڏهن سنڌ هڪ سائو ديس هو. جڏهن سنڌ ۾ ڏڌ مکڻ هر ڏيري ۾ هو. سائو وڻ هر ڏيري ۾ هو. هاڻي ته ان وقت جي سار به ناهي، جنهن وقت سنڌ جي سنسار ۾ سونهن ورونهن جا جادو جاڳندا هئا. هن وقت هڪ نڀاڳي ننڊ پوري ديس کي بيهوشيءَ وانگر وڪوڙي وئي آهي ۽ ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر هن غلاميءَ جي لاهيءَ مان چاڙهي چڙهي پنهنجي انساني آزادي ڪيئن حاصل ڪجي؟ آزادي ته وڏي نعمت هوندي آهي. آزادي ته وڏي مسرت هوندي آهي. پر جڏهن جياپي جي لاءِ جاکوڙ مشڪل نظر اچي ته پوءِ مسرتن جي تمنا ڪير ٿو ڪري سگهي؟
سنڌ جي لاءِ سک ساوڪ ۾ آهي. ساوڪ کان سواءِ سلو به ساهه کڻي نه ٿو سگهي. ڇو ته صرف انسانن، جانورن ۽ پکين جو نه پر پن پن جو پساهه پاڻيءَ ۾ آهي!!