عمر قاضي
معين اختر کان پوءِ ڪراچيءَ جو مشهور ڪاميڊين آرٽسٽ عمر شريف جرمنيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو جيڪو علاج جي لاءِ سنڌ سرڪار جي سهائتا سان آمريڪا وڃي رهيو هو ته هن جي طبيعت رستي ۾ ئي تمام خراب ٿي وئي. ان ڪري هن کي جرمنيءَ ۾ ترسائڻو پيو. ڊاڪٽرن جو خيال هو ته هن جي صحت ۾ سڌارو اچي ته هن کي آمريڪا اماڻجي پر آمريڪا ۾ علاج جي حسرت دل ۾ سانڍي هو هن دنيا مان هليو ويو، هيءَ دنيا جنهن کي هن سڄي عمر کلايو. هن ۾ مزاح جو فطري آرٽ هو. هن جي زندگيءَ جي ننڍي ڪٿا پڙهڻ سان ئي محسوس ٿئي ٿو ته هن پنهنجي زندگي غربت مان شروع ڪئي ۽ هن پنهنجي ڏات کي پنهنجو روزگار بڻايو. عمر شريف جي لاءِ چون ٿا ته هو ننڍي هوندي کان وٺي مزاحيا فنڪار منور ظريف جو تمام گهڻو پرستار هو. هو کيس پنهنجو روحاني استاد به ڪوٺيندو هو. هن بنا ڪنهن تربيت ۽ فن جي تعليم جي جيڪو به آرٽ پيش ڪيو، اهو مثالي هو. هو عام طور تي پوري پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچيءَ جو تمام مشهور ڪاميڊين هو.
عمر شريف جي ڪاميڊيءَ ۾ شهري رنگ تمام گهڻو ڇانيل هوندو هو. هو گهڻو ڪري ڪراچيءَ جي مڊل ڪلاس جي حوالي سان مزاح ڪندو هو. هن ڪراچيءَ ۾ مزاحيه ٿئيٽر ۾ ٻيهر زندگي وڌي ۽ هو اهڙو آرٽسٽ ثابت ٿيو، جنهن جو نالو ڪنهن به شو جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندو هو. هو ڪراچيءَ جي گهٽين مان نڪري دبئي تائين پهتو ۽ ڀارتي شوز ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو. هن جي فنڪاريءَ کي تمام گهڻو داد مليو. هن کي تمام گهڻي محبت ملي. هن جي شهرت ملڪي سرحدون به ڪراس ڪري وئي. پر هن جو انجام پوءِ به اهو ٿيو، جيڪو دنيا ۾ اڪثر آرٽسٽن جو ٿيندو آهي. هو بيماريءَ جي ڪشمڪش ۾ هو ۽ هن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو مواد ايندو رهيو. هن جي باري ۾ اهڙيون ڳالهيون به آهن، جيڪي هن مهل نه ڪرڻ گهرجن. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته آخر آرٽسٽ به هڪ انسان هوندو آهي ۽ هن ۾ به انساني ڪمزوريون هونديون آهن ۽ هو به ڪمزور ٿي سگهي ٿو.
عمر شريف جي ٻولي اردو هئي ۽ پر هن کي سنڌي ماڻهو به تمام گهڻو پسند ڪندا هئا. هن جي مزاح جو اصل ڪمال اهو هو ته هو بنا ولگرٽيءَ جي ماڻهن کي کلائي سگهندو هو. جيڪو ماڻهو انسانن کي کلائي ٿو، اهو ماڻهو عزت جي لائق آهي. ڇو ته هن دنيا ۾ درد ۽ دک تمام گهڻا آهن. هن دنيا ۾ پيڙائون ۽ پريشانيون بيحد آهن. ان ڪري جيڪو انسانن کان ڪجهه پلن جي لاءِ ئي سهي پر پريشاني کسي ٿو، اهو ماڻهو سٺو سمجهڻ گهرجي. اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اسان جا سياسي نظريا ڪهڙا به هجن پر اسان کي ادب ۽ آرٽ جي باري ۾ ڪڏهن به تنگ دلي ۽ تنگ نظريءَ جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار هن جي مدد ڪئي ته اهو سٺو ڪم ٿيو ۽ جيڪڏهن هن جي مدد ڪجهه اڳ ۾ ٿئي ها ته ممڪن آهي هو ڪجهه ڏينهن وڌيڪ زنده رهي سگهي ها. انسان جي حياتي هڪ تمام مشڪل سوال آهي. پر اها ڳالهه سٺي هئي ته هن جي مزاح ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف نفرت ۽ تعصب جي بوءِ نه هئي ۽ اها تمام وڏي ڳالهه آهي. ڇو ته اڪثر فنڪار سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان راهه تي به هليا ويندا آهن، جيڪا انهن جي لاءِ ٺيڪ نه هوندي آهي. هو پنهنجي مرضيءَ جي خلاف به ڪڏهن غلط رستن جا راهي ٿي ويندا آهن. پر عمر شريف ۾ ان قسم جو عيب نه رهيو. هو هڪ فنڪار هو ۽ پنهنجي فن سان سچو رهيو. هن ڪڏهن به فن ۾ هيراڦيريءَ کان ڪم نه ورتو. هن جي شهرت ۽ هن جي صلاحيت کي سياسي طور تي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش به ٿي پر هو ڪنهن نسل پرستيءَ جو حصو نه ٿيو.
عمر شريف جي باري ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. ڇو ته هن ايترا گهڻا ڪردار ادا ڪيا ۽ ايترا گهڻا مزاحيا ڊراما ڪيا ۽ ايترا موضوع مزاح جي زمري ۾ آندا جو انهن جو صرف ذڪر به ٿي وڃي ته ڳالهه تمام ڊگهي ٿي ويندي. هو شهري مزاج جي مزاح جو ماهر هو ۽ هن ڪڏهن به ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي تنقيد جو نشانو نه بنايو. هن ڪراچيءَ جي مختلف طبقن جي وچ ۾ موجود فرق کي اجاگر به ڪيو. هن انساني ڪمزورين کي لطف جو موضوع بڻائي ماڻهن کي کلايو. هن جي باري ۾ اسان کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اهو ٺيڪ ناهي ته اسان صرف ٻوليءَ جي فرق سبب هن ماڻهوءَ جي آرٽ کي تسليم نه ڪريون ۽ هن جي آرٽسٽ قد ڪاٺ کي تنقيد جو نشانو بڻايون ۽ هن جي باري ۾ ابتي راءِ رکون. اسان جي لاءِ سوشل ميڊيا تمام گهڻي مصيبت جو موضوع بڻجي ويو آهي. اسانجي لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال منفي به ٿيڻ لڳو آهي. ان حوالي سان مون عمر شريف جي باري ۾ ڪجهه پوسٽون پڙهيون ته مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ڇو ته مون هن کي سدائين هڪ فنڪار جي طور تي ڏٺو ۽ هو اصل ۾ فنڪار هو. هڪ هو اهڙو فنڪار هو، جنهن کي قومي ۽ لساني سرحدن ۾ قيد ڪري نه ٿو سگهجي. ڇو ته هو پاڻ جنهن فنڪار کي پنهنجو روحاني استاد چوندو هو، اهو به ته ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ نه هو. منور ظريف سان غيرمشروط پيار ڪرڻ وارو شخص پاڻ ڪيئن تعصبي ٿي سگهي ٿو؟ اسان کي فن جي باري ۾ پنهنجي دل ڪشادي ڪرڻ گهرجي. ڇو ته فن هونءَ به وڏي دل ڪرڻ جو ذريعو رهيو آهي. اهو آرٽ ۽ فن ئي آهي، جيڪو اسان ۾ اها اميد پيدا ڪندو رهيو آهي ته اسان ڪنهن به طرح سان پاڻ ۾ گڏجون ۽ اسان ۾ جيڪي به ويڇا آهن، انهن جو انت آڻيون. اسان جڏهن به فن کي تعصب ۽ نفرت جو هٿيار بڻايون ٿا ته اسان دنيا جو تمام وڏو ڏوهه ڪريون ٿا. جيڪڏهن اسان اڄ به شيخ اياز کي ياد ڪريون ته هن ڪڏهن به فن ۽ فڪر جي سلسلي ۾ ٻوليءَ کي ٻيائيءَ جو ذريعو نه بڻايو هو. هن هر ٻوليءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ مان ڏنو هو ۽ اها هن جي مهانتا هئا. اها مهانتا هن جي ادبي قد ڪاٺ جي اوچائيءَ جو باعث بڻي ۽ هو پهريان کان وڌيڪ اوچو شاعر بڻجي دنيا آڏو پيش ٿيو. اسان کي ادب ۽ آرٽ جي باري ۾ شيخ اياز کان اها اخلاقيات سکڻ گهرجي، جيڪا مهذب قومن جي سڃاڻ هوندي آهي.
مهذب ۽ تهذيب واريون قومون ڪڏهن به فن کي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي تفريق جي سزا نه ڏينديون آهن. اهي ڪڏهن به فن کي قيد نه ڪنديون آهن ۽ اهي ڪڏهن به فن کي سوڙهو ڪري ان کي سسائي ۽ ان جو ساهه نه ڪڍنديون آهن. هي فن کي آزادي ڏينديون آهن ۽ فنڪارن کي مڃتا ڏئي انهن کي پهريان کان وڏو بڻائي پاڻ کي مهذب ثابت ڪنديون آهن. اسان سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور تي مهذب آهيون ۽ اسان کي دنيا جي سمورن آرٽسٽن جو قدر ڪرڻ گهرجي. عمر شريف ته اسان جو هو. هن جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. هو سنڌ جي فضائن ۾ بلند ٿيو. هن کي غيرسنڌي نه سمجهڻ گهرجي. جڏهن ته اسان کي غير سنڌي هجڻ سان به متعصب نه هجڻ گهرجي پر عمر شريف ته قومي ۽ ثقافتي وصفن جي حساب سان سنڌ جو اولاد هو. جيتوڻيڪ هن جي ٻولي اردو هئي پر هو سنڌ جو ڄائو هو ۽ هن جي باري ۾ غير واري سوچ رکڻ هڪ سياسي ۽ سماجي ڏوهه آهي. ان ڪري اسان کي اطمينان ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت هن جي مدد ڪئي ته اهو هن هڪ سٺو ڪم ڪيو ۽ ان جي باري ۾ اسان کي سڪون محسوس ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته اسان عمر شريف کي هڪ آرٽسٽ ۽ اهو به پنهنجي آرٽسٽ واري مڃتا ڏيون ۽ هن جي باري ۾ جيڪو به منفيت جو شڪار ٿئي ٿو، تنهن کي سمجهايون ته هو اهڙي راهه نه وٺي، جنهن راهه تي ويندڙ ماڻهو قوم جي خدمت ڪرڻ جي نالي ۾ قوم کي نقصان رسائيندا آهن. قوم جي اصل خدمت اها آهي ته قومي حوالي سان پنهنجي دل کي وڏو ڪجي ۽ اهو عمل نه ڪجي، جنهن سان قوم جي مٿان حرف اچي.