ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تعليم يافته جوانن جو مستقبل دا تي ڇو؟

دستگير ڀٽي

گادي واري شهر ڪراچي سوڌو جڏهن به سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ اسڪولن، ڪاليجن يا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان ٿين ٿا وري ڪن ادارن ۾ داخلا يا نوڪري لا ٽيسٽ ٿئي ٿي ته اها گهڻو ڪري تڪراري ٿيو وڃي. سوا هڪ اداري جي جنهن جو نالو آ بي اي يونيورسٽي سکر آهي، جتي ڪوڙي ڊگري انهي ڪري ڪنهن حاڪم جي اولاد کي به نه ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته آ بي اي جو بڻ بنياد رکندڙ مرحوم استاد نثار احمد صديقي سنڌ جو هڪڙو ناميارو ايماندار ڪامورو هو، جنهن رٽائرمينٽ کانپو پنهنجي بچيل حياتي کي سنڌ اندر عالمي معيار جي هڪ شاندار درسگاهه قائم ڪرڻ واسطي ارپي ڇڏي. نثار احمد صديقي منهنجو پراڻو پيارو دوست هو، جنهن مون کي ڪئين ڀيرا دعوت ڏني ته ڪڏهن سکر اچي منهنجي اداري کي اکين سان ڏسي وڃي ۽ پو جيڪي وڻيئي سو لکي ڇڏي، منهنجي بدبختي آهي جو مرحوم جو سڏ نه ورنائي سگهيس. اوچتو نثار صديقي صاحب وفات ڪري ويو شايد ڪورونا وائرس جي حملي سبب!
نثار احمد صديقي جهڙي نيڪ نام سربراهه جي اوچتي وفات کانپو سچ پڇو ته هي شاندار درسگاهه به ٻين اعليٰ تعليمي ادارن جيان لاوارث ٿي ويئي آهي. سنڌ سرڪار جي اصل حاڪمن ٽن مهينن تائين آ بي اي ۾ نئون وائيس چانسلر به مقرر نه ڪيو. انتظار ڪندا رهيا ته ڪو “ڪم جو ماڻهو” ملي وڃي ته ان کي هن اداري جو ڪرتا ڌرتا ڪري کيس اهڙو رجسٽرار ڏيون جهڙو خيرپور يونيورسٽي جو رجسٽرار آهي. بهرحال ٽن مهينن کانپو ڪراچي جي هڪ عورت مسز نائيله ڊاڪٽر عاصم کي نامزد ڪيائون، جيڪا بين الاقوامي سطح تي بدنام ٿيل اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرواري هئي. نامزد ڪرڻ وارو به ڊاڪٽر عاصم پاڻ هو، جيڪو نيب جي ڪيسن ۾ حاضريون ڀريندي به گذريل پنجن سالن کان 18هين ترميم جي صدقي ٺهيل صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين آهي. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جا وائيسر چانسلر مقرر ڪرڻ جا اختيار سابق صدر آصف علي زرداري جي هن پڳ مٽ يار وٽ آهن. پو ته سوشل ميڊيا تي ممڻ مچي ويو ۽ فيصلو رد ٿي ويو. منهنجا پڙهندڙ ساٿي مون کان هڪڙو ڏاڍو ڏکيو سوال ڪندا رهن ٿا ته سنڌ جي مقدس درسگاهن اندر ڪرپشن، بي ايماني ۽ پنهنجن کي نوازڻ وارو سلسلو ڪيئن شروع ٿيو آهي؟ ان سوال جو جواب اوهان پاڻ به ڳولهي سگهو ٿا. هونئن به سنڌ ۾ جڏهن به امتحان شروع ٿيندا آهن يا استادن توڙي ٻين سرڪاري ملازمن جي ڀرتي لا اشتهار بازي ٿيندي آهي ته مون کي واٽس ايپ، فيس بوڪ، ٽوئيٽر ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين ذريعن وٽان اها ڄاڻ ملي ويندي آهي ته ڪجهه نوجوانن جا عزيز ۽ استاد پاڻ به ڪاپي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ وارو ڪڌو ڪم ڪندي امتحان يا ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي موبائيل فون ذريعي سوالن جا جواب لکي موڪليندا آهن. حد کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ حقيقت اها به آهي ته امتحان شروع ٿيڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳواٽ هر هڪ سبجيڪٽ جا پيپر نه رڳو پڌرا ٿي ويندا آهن پر انهن جون فوٽو ڪاپيون ڪرائيندڙ همراهن جون ڪمپيوٽر جي دوڪانن تي قطارون بيٺل ڏسندا آهيون؟ يعني امتحان وٺندڙ سيڪنڊري توڙي انٽرميڊيٽ بورڊس ۾ به اهڙا ڏوهاري ذهنيت رکندڙ شخص اهم ۽ حساس عهدن تي ويهاريا ويا آهن جيڪي سنڌي شاگردن جو هٿ وٺي کين اونداهي غار ڏانهن ڌڪي رهيا آهن. سنڌ ۾ تعليم جي بربادي جا جوابدار رڳو گوسڙو ماستر ۽ ماسترياڻيون نه آهن. شاگردن جا مائٽ پاڻ به انهي ڏوهه ۾ برابر حصو وٺن ٿا ته جيئن سندن اولاد ڪنهن نه ڪنهن جڳاڙ وسيلي امتحان يا ٽيسٽ ۾ پاس ٿي وڃي ۽ پو ڪنهن به طريقي سان کيس نوڪري وٺائي ڏجي. يعني ته مٽن مائٽن، ڀائرن ۽ پيئرن جو به اصل ٽارگيٽ هاڻي اهو ئي آهي ته اسان جو فلاڻو پٽ پوليس ۾ سپاهي ٿي سگهي ته ڀلو پر جي ماستر يا تپيدار ٿي وڃي ته ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾؟ سنڌي ماڻهن جي ايتري ننڍڙي ۽ خسيس پڻي واري عام سوچ تي اسان ڏاڍا ڏکويل آهيون ته هي نڀاڳي سوچ عام ماڻهن جي رڳن ۾ وهندڙ رت اندر ڪيئن ۽ ڇو شامل ٿي چڪي آهي؟ ظاهر آهي ته ان لا اصل جوابدار سنڌ اندر جنرل ضيا جي اونداهي مارشل لا راڄ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين قائم دائم بدترين حڪمراني آهي. اهڙي حاڪميت جنهن ۾ ميرٽ جي لتاڙ به رشوت وانگر عام جام آهي. حقدارن کان سندن حق کسي پنهنجن جاهل مٽن مائٽن ۽ بدبودار واٺن کي نواز ڇڏڻ واري روايت نه رڳو قابليت رکندڙ ذهين ۽ محنتي شاگردن کي مايوس ڪيو آهي، پر گهڻا ته ايم بي بي ايس ۽ انجنيرنگ ۾ ماسٽرس ڊگري رکندڙ ٿرپارڪر جا جوان مون پاڻ اکين سان ڏٺا آهن جن آ بي اي واري تازي ٽيسٽ اهو سمجهي حصو ورتو ته ماستري جي ٽيسٽ، سو به سنڌ جو سڀ کان شاندار ساک واري درسگاهه جي ٺاهيل پيپرن ذريعي ٿئي پيو ته ان ۾ سوڀارو ٿيڻ سندن کاٻي هٿ جو کيل آهي. اهڙن اميدوارن کي آ بي اي واري رزلٽ ڏسي سخت صدمو پهتو آهي ۽ انهن ۾ پکڙيل اداسي ۽ مايوسي آئون برداشت نٿو ڪري سگهان. آئون ماضي ۾ اهو لکي چڪو آهيان ته آ بي اي سکر يونيورسٽي جو معيار سرڪاري درسگاهن کانسوا زيبسٽ کان به مٿانهون ۽ عالمي ليول تي مڃيل آهي. گهڻو ڪري سرڪاري شعبي ۾ دنيا اندر جيڪو به ادارو آهي، سو ڪرپشن جي ور چڙهيو وڃي. پوليس ڊپارٽمينٽ کان وٺي اربن کربن جي زمينن جا ڪوڙا ڪاڳر ٺاهيندڙ روينيو کاتي بابت خبرون ته پاڻ روز پڙهون پيا. اسان جون اکيون تڏهن رت روئين ٿيون، جڏهن آ بي اي جهڙا معتبر ادار به تڪراري يعني Controversial بڻجي وڃن. ڪنهن به ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي ساک ٺاهڻ لا علامه آ آ قاضي جهڙا انسان ورهين تائين پورهئو ڪري جوڳون ڏيندا رهندا آهن. پر اهڙن ادارن جي ساک رڳو هڪڙي ٽيسٽ ۾ ئي لتاڙجي وڃي ته ان جا ذميوار انتظامي عملدار ٻيو ڪو ٻوٽو نه ٻارين ته گهٽ ۾ گهٽ استعيفيٰ ڏيئي گهر هليا وڃن ها. اهو شانائتو فيصلو نه رڳو سنڌي سماج ۾ پر سڄي جڳ جهان ۾ سندن عزت ۽ وقار ۾ واڌارو ڪري ها. آئون هتي هڪ سنڌي اخبار ۾ لکيل سنڌ جي نامياري ليکڪا ادي زاهده ابڙو جي ڪلهوڪي آرٽيڪل مان هي ٻه چار جملا هتي دهرائي ڇڏيان ٿو ته جيئن واسطيدار اختياري وارا پنهنجون اکيون پٽين، زاهده ڀيڻ لکيو آهي ته: “جڏهن هر سال اسان جا ڪيترائي شاگرد ننڍن وڏن شهرن منجهان انجنيئرنگ ۽ ايم بي بي ايس لا تياري ڪري اچن ٿا ۽ پنهنجي محنت آڌار ڏکيون ٽيسٽون پاس ڪري نه رڳو ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪن ٿا پر پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ پڻ داخلا سان گڏوگڏ اسڪالرشپ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن لا استادن جي ڀرتي واري ٽيسٽ ۾ آخر اهڙو ڪهڙو جادو ٿي ويو جو ميٽرڪ تائين پڙهجندڙ عام نصاب ۾ به نوانوي سيڪڙو اميدوار فيل ٿي ويا؟”.
ادي زاهده ابڙو جو هي سوال ملين ڊالر Question آهي. هو اڳتي لکي ٿي ته: “لڳي ٿو ته هن ٽيسٽ لا پيپر تيار ڪندڙ نااهل ۽ غير سنجيده عنصرن تي ڪم رکيو ويو. شايد انهن ماڻهن کي حياتي ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ پيپر تيار ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو هو. سندن ٺاهيل پيپرن مان صاف ظاهر آهي ته هنن پاڻ به تعليمي نصاب نه پڙهيو آهي ۽ ٻاراڻي نموني وڏي اٻهرائي سان بدنيتي تي ٻڌل ٽيسٽ پيپر ٺاهي ڇڏيائون، جن سان نوجوانن جو مستقبل دا تي لڳي ويو آهي”.
آئون چوان ٿو ته جنهن ريت هن اداري جي چڱن مڙسن سنڌ جي نوجوانن کي بدنام ۽ رسوا ڪيو آهي. ان جي باقاعدي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ته ساڍن ٽن لکن اميدوارن مان نوانوي سيڪڙو شاگرد ناپاس ڪيئن ٿيا؟ ڇا هي ڪا رٿيل سازش آهي؟ ان کان اهم سوال هي ٿو ذهن ۾ پيدا ٿئي ته اڳوڻي وزير تعليم سعيد غني خاصخيلي کان آ بي اي ٽيسٽ جي اعلان بعد تعليم کاتو کسي هڪ اهڙي وزير ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن حوالي ڇو ڪيو ويو جيڪي اڳ ۾ ئي ثقافت کاتي مان اربين روپين جي ڪرپشن وارن ڪيسن ۾ نيب وٽ ملوث آهن؟ ڇا اسان جو وطن سنڌ جي حڪمرانن جي خانداني جاگير آهي، جنهن تي اهڙا وزير ۽ ڪامورا ٿاڦيندا رهن ٿا، جيڪي پاڻ به هن قسم جي ٽيسٽ ۾ پاس ٿي نٿا سگهن.
ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button