ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

12 مئي تي قتلام ڪندڙ اڄ به آزاد آهن

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

ھر سال جڏهن به ٻارھين مئي جو ڏينهن ويجهو ايندو آهي ته منهنجي ذهن جي اسڪرين تي ٻارھين مئي 2007 واري ٽپھريءَ جا ڏيل ڏکوئيندڙ منظر ايئن سامھون اچي ويندا آهن جيئن جنرل ٽڪا خان ۽ جنرل عبدالله نيازيءَ جي دور ۾ بنگلاديش اندر ڌرتي ڌڻين کي ڪھڻ لاءِ رٿيل آپريشن جا ڀوائتا منظر.
جيڪي بنگال ۾ ٿيو، سو ته مارچ 1971 کان 21 ڊسمبر 1971 تائين جاري رهيو ۽ نيٺ ٽٽل دلين پاڪستان کي ئي ٽوڙي ٽڪرا ڪري ڇڏيو. پر 2007 ۾ وڪيلن جي تحريڪ مھل جڏهن ان زماني جي فرعون جنرل پرويز مشرف ڪراچيءَ ۾ پنھنجي سياسي ھٿياربند طاقت دنيا کي ڏيکارڻ خاطر سوين بيگناهھ ڪارڪنن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو تڏهن به سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان گڏوگڏ سنڌين، پٺاڻن، پنجابين، بلوچن ۽ سرائيڪي ماڻهن جي دلين ۾ به اھڙا اونھا ڏار پئجي ويا جن جا گھرا گھاءَ ۽ رتو رت ڦٽ اڄ پنڌرهن سال لنگهي وڃڻ کان پوءِ به ڀرجي نه سگهيا آهن. ويتر اھي ڦٽ ان مھل ناسور بڻجي ٿا وڃن جڏهن پاڻ کي متحده قومي موومينٽ کان ڇڄي ڌار ٿيل سڏائيندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا وڇيرا سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندي وڏي بي شرمائي سان ھام ھڻندا آھن ته متروڪه سنڌ اسان جي آھي جيڪا اسان جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا پنهنجن ڪلهن تي ھندوستان مان 1947 ۾ کڻي آيا ھئا.
متروڪه سنڌ مان سندن مطلب رڳو اھو ھوندو آھي ته ھندو سنڌين جون ملڪيتون ڇاڪاڻ ته ھتان لڏي ويل ھندوئن کي ڀارت ۾ اسان جي پراپرٽي ملي آھي جيڪو نسورو ڪوڙ آهي.
A ridiculous distortion of the history of subcontinent, specially Sindh.
تاريخ سان ايڏي وڏي ھٿ چراند ته حڪمران ڌرين سدائين ڪئي آهي ۽ اڄ به ڪن پيا. پر ھندوستان مان بي گھر، دربدر ٿي سنڌ ۾ داخل ٿيل بي يارو مددگار انسانن جيڪو تاريخ سان مذاق ڪيو آهي ان کي خود سندن پنھنجن ئي دانشمند انسانن رد ڪري ڇڏيو آهي.
ڳالهه پئي ڪيم يارھين مئي 2007 جي ٽپھريءَ مھل ڪراچيءَ ۾ اکين سان ڏٺل ڊرامائي ڪارروائين جي جن کي جنرل مشرف جي اسٽيبلشمينٽ پاران سگھه ۽ پٺڀرائي حاصل هئي. هنن جو ھڪڙو ئي مقصد هو ته ٻئي ڏينهن سنڌ ھائي ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي طرفان زوريءَ لاٿل چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي مان ۾ رٿيل آجياڻو ڪنھن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏجي ۽ سندس آڌرڀا لاءِ ڪراچيءَ جي ھوائي اڏي تي ايندڙ سياسي ڪارڪنن کي روڪڻ خاطر جيڪڏهن اسرائيلي پوليس وانگر تترن جيان ماڻهن کي گوليون هڻي مارڻو به پوي ته بيشڪ رت جون نديون وهائي ڇڏيو!
جلاوطن ايم ڪيو ايم باني ليڊر الطاف حسين جي حڪم تي سندس ئي مقرر ڪيل وسيم اختر نالي وزير داخلا منهنجين اکين جي سامهون بندرگاهه تان آندل ھڪ ھزار کان وڌيڪ ڪنٽينر شهر جي مختلف رستن ۽ شاھراھن کي بند ڪرڻ لاءِ پاڻ بيھاري رھيو ھو. آئون ٽپھريءَ مھل جڏهن ايم پي ايز ھاسٽل مان نڪري منجھند جي ماني کائڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ڏانھن روانو ٿيس ته ڏٺم ايم ڪيو ايم جي ھٿياربند جٿن ھن اھم روڊ کي به چئني پاسن کان بند ڪري ڇڏيو هو ڇاڪاڻ ته سامھون سنڌ ھائي ڪورٽ ھئي جتي ٻئي ڏينهن 12 مئي تي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي دعوت رکيل ھئي.
تن ڏينهن ۾ جنرل پرويز مشرف جي بدحواسي بلڪل ايئن ٽاپ گيئر ۾ ھئي جيئن اڄڪلھه عمران خان ۽ اقتدار جي ايوانن منجهان زوريءَ لڏايل سندس وزيرن جي لٻاڙن مان پرکي سگهجي ٿي. 12 مئي تي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ کي ڪراچي ايئرپورٽ جي وي آئي پي لائونج ۾ سوڙھو ڪري، ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن سنڌ ھائي ڪورٽ واري دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان ھٿيارن جي زور تي بيشڪ روڪي ڇڏيو پر پوءِ شام جو اسلام آباد ۾ جنرل پرويز مشرف ھڪ عام جلسي ۾ جنھن فاتحاڻي نموني ھوا ۾ مڪ لھرائي جيڪا ھام ھنئي ته ڏسي وٺو ڪراچيءَ ۾ اسان جي طاقت، اھا ھٿ ٺوڪي طاقت به مشرف جي اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن کي فراهم ڪئي ھئي جنھن جي 2015 ۾ ٽن ڏينهن ۾ پڃ ڪڍي وئي. دھشتگردي ڪندڙ قاتلن ۽ بدمعاشن کي لڪڻ جي جاءِ نه پئي ملي سگهي. انھن ڏينھن ۾ اسان ڏٺو ته جڏهن به دفاعي ادارن جي سربراهن جي سنڌ لاءِ ٺاهيل ڪور ڪميٽي سان گورنر ھائوس ۾ گڏجاڻي ٿيندي هئي ته ان ۾ نواز شريف کان وڌيڪ سنڌ جو وڏو وزير ناراض ڏسڻ ۾ ايندو هو. آخر ڇو؟ ظاهر آهي ته آصف علي زرداري ايوان صدر تائين ايم ڪيو ايم جي ووٽن ذريعي پھتو ھو. زرداري کي ٻيهر وفاق ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ الطاف حسين جي مدد گھربل ھوندي ھئي. اھا حقيقت عمران خان کي وزير اعظم ھائوس منجهان نيڪالي ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي ووٽن ھڪ ڀيرو وري به ثابت ڪري ڇڏي.
انھيءَ ڳالهھ ۾ آصف زرداري جي دور انديشي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر وري جڏهن ھو متحده قومي موومينٽ سان پنھنجي ڪيل تازي معاهدي مطابق ڪنھن امن پسند ۽ وچٿري مھاجر اڳواڻ بدران سنڌ جي ورهاڱي جي وڪالت ڪندڙ انتھا پسند ALTAFIST نسرين جليل کي گورنر سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ٿو ته مون جھڙن جھونن ليکڪن جي دلين ۾ شڪ پيدا ٿيو پوي ته ھو ھڪ ڀيرو وري به سنڌ جي ماڻهن جي مرضيءَ خلاف ٻٽو نظام مڙهڻ جا گھاٽ گھڙي رهيو آهي ته جيئن صدر عارف علوي جي خالي ٿيندڙ جاءِ تي ٻيھر ملڪ جو صدر چونڊجي سگھي جنھن لاءِ ايم ڪيو ايم وارن جا ووٽ لازمي طرح گھربل آھن. جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان ھن مامري تي رسي وڃي تڏهن به ايم ڪيو ايم جي گھڻن ووٽن خاطر ھو مولانا صاحب جي رسڻ کي سھسائي سگھي ٿو. ھونئن به لاڙڪاڻي ۾ جمعيت علما اسلام جي اڳوڻي صوبائي سربراهه شھيد خالد محمود سومرو ۽ ان جي وفات کان پوءِ سامايل شهيد جي فرزند راشد محمود سومري پ پ وارن کي ڏاڍو سوڙھو ڪري ڇڏيو آهي جيڪا حقيقت زرداري صاحب لاءِ قابل برداشت ھرگز نه آهي.
مون کي محسوس ٿئي ٿو ته ھنن مونجھارن کي نبيرڻ نئين وزير اعظم شھباز شريف جي وس ۾ ناهي. تنهن ڪري ئي تڙتڪڙ ۾ مسلم ليگ نواز جا مکيه ليڊر پنهنجي جلاوطن اڳواڻ ميان نواز شريف سان ملڻ ۽ ساڻس صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ لنڊن پھچي ويا آهن.
پاڻ واپس اچون ٿا ٻارھين مئي 2007 تي ڪراچيءَ ۾ جنرل پرويز مشرف جي ساٿاري دھشتگردن ھٿان فوجي حڪومت مخالف سياسي جماعتن جي معصوم ڪارڪنن جي قتلام تي جنهن جو سڀني کان مک جوابدار وسيم اختر ان وقت سنڌ جو وزير داخلا ھو ۽ اڃا تائين سزا کان بچيل آهي سنڌ سرڪار ۽ ان جي اتحادين جي مھرباني سان، ڏکوئيندڙ حقيقت اها به آهي ته ان دور ۾ ارباب غلام رحيم سنڌ جو وڏو وزير جنهن کي جنرل مشرف صفا جڏو وزير ڪري ڇڏيو 11 مئي کان 13 مئي تائين.
انھيءَ رتوڇاڻ جي پلاننگ جنرل مشرف پاڻ متحده جي لنڊن ويٺل جلاوطن ليڊر الطاف حسين سان صلاح مشورن ذريعي ڪئي. سنڌ جي چيف منسٽر ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس کي حڪم ڏنو ويو ته ڪراچيءَ ۾ 12 مئي تي پوليس وارن کي ٿاڻن اندر قابو ڪري ڇڏجو ڇاڪاڻ ته وزير داخلا وسيم اختر پنهنجي پرائيويٽ فورس ذريعي سنڌ ھائي ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي وڪيلن پاران چيف جسٽس کي ڏنل دعوت کي پاڻيھي منھن ڏيندو. کين اها به تاڪيد ڪئي ويئي ته جيڪڏهن اعليٰ عدالت جي ججن جا فون اچن ته انهن کي ڪوبه جواب نه ڏجو.
12 مئي تي صبح جو سوير جيئن ئي سنڌ ھائي ڪورٽ جا جج پنهنجي ڊيوٽي تي پھتا ته ڏٺائون ته ججن جي داخل ٿيڻ وارو گيٽ ڪنٽينرن سان ايئن بند ڪيو ويو آهي جو ڪابه گاڏي ڪورٽ اندر داخل نه ٿي سگهي. اڀرندي پاسي وارو وڪيلن ۽ اصيلن جي داخلا وارو دروازو ته ھڪ ڏينھن اڳ منھنجي اکين آڏو ڪنٽينر بيھاري بند ڪري ڇڏيو ھئائون. ان دور ۾ سنڌ ھائي ڪورٽ جو چيف جسٽس صبيح الدين احمد نالي ھڪ انسان دوست ۽ اصول پرست جج ھوندو ھو. چيف جسٽس جڏهن پنهنجي عدالت جا مين گيٽ ڪنٽينرن ذريعي بند ٿيل ڏٺا ته ھن ڪاوڙ وچان ايم ڪيو ايم جي ھٿياربند جٿن سان گاڏيءَ مان لهي ڳالهايو ۽ کانئن پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو ته ھي غنڊاگردي ڪري ھو عدالت ۽ ججن جي تذليل ڇو ڪري رهيا آهن؟ جواب ۾ دھشتگردن سندس سرڪاري ڪار جي ڇت کي پنهنجن ھٿيارن سان ٽوڙي ڇڏيو. رات جو دير سان جڏهن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي پڪ ٿي ويئي ته چوڌري افتخار پنهنجي ساٿي بئريسٽر اعتزاز احسن سان گڏ واپس اسلام آباد جي اڏام ۾ وڃي چڪو آهي ته ھنن سمورن رستن ۽ شاھراھن تان ڪنٽينر ھٽائي ڇڏيا.
جيتوڻيڪ ٻئي ڏينھن تي سڀني ججن جي گڏجاڻي گھرائي طئي ڪيو ته متحده قومي موومينٽ جي جن دھشتگردن چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ کان وٺي سنڌ ھائيڪورٽ جي ججن سان جيڪا بدسلوڪي ڪئي آهي ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪَ بي گناهه شهرين کي قتل ڪيو اٿن، ان جي مک جوابدار وزير داخلا وسيم اختر ۽ سمورن قاتلن خلاف ڪيس داخل ڪري، قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن 2008ع واريون عام چونڊون ٿيون ته زرداري صاحب صدر ٿيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي ھيڊڪوارٽر نائن زيرو تي گلن جا هار کڻي دھلن دمامن سان پھتو. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي وفاق ۽ سنڌ ۾ سرڪار ٺاهي. الطاف حسين سان ڪيل واعدن مطابق صدر آصف علي زرداري ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي حڪم ڏنو ته ايم ڪيو ايم خلاف جيترا به قتل غارت جا ڪيس گذريل 25 سالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن، سي سڀ خارج ڪري ڇڏيو. ايڊوڪيٽ جنرل صاحب نھايت تابعداري سان دھشتگردن کي عام معافي ڏيڻ جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. وسيم اختر ۽ ٻيا نامي گرامي دھشتگرد اڄ به اتحادي حڪومت ۾ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button