رانديون

جبلن سان عشق آهي، جبل چاڙهو هيرو رهيا آهن: سرباز خان

دنيا جون 8 هزار کان مٿي بلند 10 چوٽيون فتح ڪندڙ پهرئين پاڪستان هجڻ جو اعزاز رکندڙ جبل چاڙهو سرباز خان چيو آهي تھ مون کي هنن بلند ۽ وڏن جبلن سان عشق آهي ۽ انهن کي فتح ڪندڙ جبل چاڙهو ننڍپڻ کان منهنجا هيرو رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هن ٻڌايو تھ ننڍپڻ کان ايٿليٽ هئس، هنزا ۾ والي بال کيڏڻ منهنجي شوق ۾ شامل رهيو آهي.

سرباز خان ۽ ساٿي جبل جي چوٽي ڏانهن سفر ڪندي

جڏهن تھ ڪچن بوائي هجڻ ڪري مشهور جبل چاڙهن جي ويجهو رهيس، سندن گائيڊ بڻيس ۽ ائين ڪيريئر شروع ڪيو. هن چيو تھ ڪينچن جونگا جي چوٽي فتح ڪندي اکين مان ڳوڙها ٽمي پيا، خوشي بھ ٿي هئي، ڇوتھ اها وڏي ڪاميابي هئي. هن چيو تھ باقي 4 چوٽيون بھ سر ڪرڻ هدف آهي، اڃا تائين رڳو 40 ماڻهن وٽ اهو اعزاز آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button