ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روڊ حادثا: رڳو رپورٽ طلب ڪرڻ ڪافي ناهي!

اڄ به سنڌ ۾ روڊ حادثن ۾ ڪيترائي ماڻهو مرندا رهن ٿا، روڊ حادثن جو ڪو هڪ سبب ناهي هوندو. تيز رفتاري، سنگل روڊ ۽ روڊ جي ناقص ڊزائن سبب روڊ حادثا ٿيندا رهندا آهن. سنڌ ۾ ڪي روڊ اهڙا آهن، جيڪي رڳو حادثن جي ڪري مشهور آهن. ڄامشورو – سيوهڻ روڊ به اهڙن ئي روڊن مان آهي. جتي وڏي وقت کان حادثا ٿيڻ معمول بڻيل آهي، گذريل ڪيترن سالن کان اهو روڊ اڏاوتي مرحلي مان گذري رهيو آهي پر تنهن هوندي به اهو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. جيڪڏهن رڳو هڪ سال جو حساب لڳائجي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ حادثا ان روڊ تي ٿيا آهن. جڏهن ته محفوظ سفر هر شهريءَ جو حق آهي. پر هن وقت تائين ڪيترائي اهڙا مسافر آهن، جيڪي اجل جو شڪار ٿي چڪا آهي. ٽي ڏينهن اڳ جيڪو حادثو مانجهند ڀرسان پيش آيو آهي، اهو نه رڳو هانءُ ڏاريندڙ آهي پر ان مان اهو به اندازو ٿئي ٿو ته ان روڊ تي ڊرائيونگ دوران ڪيتري ڪوتاهي ڪئي ويندي آهي.
خبر موجب مانجھند ڀرسان شاھه اڀريو اسٽاپ وٽ انڊس ها وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ٽرڪ ۽ ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو مان لوڻ جي ڪارخاني ۾ پورهئي لا ڪراچي ويندڙ وين ۾ آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنڊيارو جي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو جي رهواسين سوڌو 16 فوت ٿي ويا. جڏهن ته فوتين ۾ عورت ريٽا ڪولهي پڻ شامل آهي. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين ٽن فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. هوڏانهن فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال مانجھند منتقل ڪيو ويو، جتان زخمين کي ڄامشورو جي لمس اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته حادثي واري هنڌ پهتل تعلقي اسپتال مانجھند جي ايمبولينس خراب هجڻ ڪري علائقي واسين ڌڪا ڏئي اسپتال تائين پهچايو، جنهن ڪري لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش آيون. ٻئي طرف ڪيترائي ڪلاڪ لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جڏهن ته زخمي پڻ روڊ تي تڙپندا رهيا. هوڏانهن تعلقي اسپتال ۾ 16 ڊاڪٽر مقرر هجڻ باوجود ڊيوٽي تي فقط هڪ ئي ڊاڪٽر هجڻ ڪري به زخمين جو صحيح علاج نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري اتان جي مقامي ماڻهن زخمين کي ڄامشوري جي لمس اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو. حادثي جو شڪار بدنصيب وين سوار عيد ڳوٺ ڪرڻ کان پوءِ مزدوري تي واپس ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. جڏهن ته موري شهر مان وين ڊرائيور هڪ مرد، عورت ۽ هڪ نينگر کي پڻ رستي تان کنيو، جنهن مان عورت فوت ٿي وئي. جڏهن ته ڄاڻايل مرد ۽ نينگر سخت زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي خوفناڪ روڊ حادثي جو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جڏهن ته وڏي وزير زخمين جو علاج صحيح نه ڪرڻ تي ايم ايس مانجهند کي معطل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته واقعي کان پوءِ ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ، ڊي سي ڄامشورو فريد الدين، ڊي ايڇ او ڄامشورو واقعي واري هنڌ پھچي تفصيل ورتا. هن قسم جي حادثن کان پوءِ ترت رپورٽ ته طلب ڪئي ويندي آهي پر ان رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ڪوبه عمل نه ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو حادثن جو سلسلو جاري رهندو آهي پر ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل هونديون آهن. حڪومت ان ڳالهه کان چڱي ريت واقف آهي ته هن روڊ تي حادثا گهڻا ٿيندا آهن، تنهنڪري پهرين ان تان وڏين گاڏين، ٽرڪن ۽ ٽرالرن کي بند ڪيو وڃي يا انهن لاءِ ڪو مخصوص وقت مقرر ڪيو وڃي. ان کان سواءِ روڊ تي اسپيڊ مقرر ڪئي وڃي ته جنهن تحت ڪابه گاڏي هڪ خاص اسپيڊ تحت هلندي رهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڊرائيور ان جي ڀڃڪڙي ڪري ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي انساني حياتين جو معاملو آهي. جيڪڏهن ائين روڊ حادثن ۾ ماڻهو مرندا رهيا ته پوءِ ڪوبه ماڻهو سفر نه ڪندو.
اسين سمجهون ٿا ته ڄامشورو – سيوهڻ روڊ جو ڪم بنا ڪنهن رنڊڪ جي ترت پورو ڪيو وڃي. ان کي ڊبل روڊ ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. بلڪه ان کي هنگامي بنيادن تي پورو ڪيو وڃي. ٻيو ته حڪومت رڳو رپورٽون طلب ڪري پنهنجي ذميواري کان آجي نه ٿئي بلڪه ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي عملي اپاءَ ڪري ڏيکاري. ڇاڪاڻ ته هي ڪو آخري حادثو ناهي، جهڙي روڊ جي حالت آهي، ان مان لڳي ٿو ته حادثن جو سلسلو ايترو جلدي ختم نه ٿي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button