آزاد ڄمون ۽ ڪشميرايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اصل سازشي ڪير آهي؟

عمران خان نيازيءَ کان جيئن اقتدار ويو آهي، تيئن ئي هن جي بي چيني ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، هو جنهن سياسي بيانيي کي هر جلسي ۾ بيان ڪري رهيو آهي، ان کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ته هن طئي ڪري ورتو آهي ته کيس اقتدار واپس ڏنو وڃي يا وري هاڻوڪي حڪومت کان اقتدار کسيو وڃي. هو جنهن عالمي سازش يا مداخلت جو ذڪر ڪري رهيو آهي، ان جو ڪو وجود ڪونهي، پر 9 اپريل واري رات جيڪا سازش عمران خان نيازي ڪرڻ وارو هو، ان جون حقيقتون آهستي آهستي سامهون اچي رهيون آهن. ان رات هن نه رڳو آئين کي پائمال ڪندي ملڪ ۾ مارشل لاءِ ماحول جوڙي ورتو هو پر هن ڀيري آرمي چيف قمر جاويد باجوه پنهنجي اداري جي بهتري ان ۾ سمجهي ته ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو غير آئيني ايڊوينچر نه ڪيو وڃي، جنهن سان سڄي نظام جي ئي تڏا ويڙهه ٿي وڃي. جيڪڏهن ملڪ ۾مارشل لا لڳي به وڃي ها ته ان کان پوءِ ڇا ٿئي ها. ان کي جاري رکڻ ۽ ڏنڊي جي زور تي حڪمراني ڪرڻ هن وقت ڪو سولو ڪم ناهي.
عمران خان نيازيءَ جي تقريرن ۾ جيڪا ڪاوڙ ۽ نفرت هن وقت آرمي خلاف نظر اچي رهي آهي، ان جو اندازو انهن اصطلاحن مان ٿئي ٿو، جيڪي هو ذر ذر پنهنجن تقريرن ۾ استعمال ڪندو رهندو آهي. هو جڏهن مير جعفر ۽ مير صادق جا نالا وٺي ٿو ته بظاهر ته هو شهباز شريف لاءِ چوي ٿو ته هن جو نشانو آرمي چيف هوندو آهي، جنهن کان کيس اها شڪايت آهي ته ان رات کيس گهربل مدد ڇو فراهم نه ڪئي وئي. نواز ليگ هڪ وڏي سياسي ۽ آئيني بحران کان پوءِ حڪومت جون واڳون ته سنڀالي ورتيون آهن پر مسئلو وري به اهو آهي ته حڪومتي معاملا ڪيئن هلايا وڃن. ملڪ جي معاشي حالت کي ڪيئن بهتر ڪيو وڃي ۽ ڊالر جي ڊوڙ کي ڪيئن روڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته گذريل پوڻن چئن سالن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ايترو ته نقصان ڪري وئي آهي جو هاڻ ان نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ وڏو وقت گهربل آهي. جيڪڏهن هي حڪومت به معاشي حالتون بهتر نٿي ڪري سگهي، عوامي مسئلن کي حل نٿي ڪري سگهي ته پوءِ عوام لاءِ جهڙي پي ٽي آءِ جي حڪومت اهڙي ئي نواز ليگ جي حڪومت.
پي ٽي آءِ اڃا به اهو مطالبو ڪري رهي آهي ته ملڪ ۾ ترت چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازيءَ کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن چونڊون جلدي ڪرايون وينديون ته هو چونڊون کٽي ويندو. پر هاڻ اهو ايترو سولو نه رهيو آهي. ضروري ناهي ته هو جنهن سازش جو ذڪر پنهنجن جلسن ۾ ڪري رهيو آهي، ان کي سچ سمجهي ماڻهو کيس ووٽ ڏين ۽ هو وزير اعظم چونڊجي پنهنجي مرضيءَ جو نئون آرمي چيف مقرر ڪري. هن وقت نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جيڪي ٻه اهم معاملا آهن، انهن ۾ هڪ چونڊون جو اعلان ۽ ٻيو چونڊ سڌارا ڪرڻ آهي. ان حوالي سان ڪالهه آصف زرداريءَ جون جيڪي ڳالهيون رپورٽ ٿيون آهن، انهن مان لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي بنا چونڊ سڌارن جي ڪنهن به ريت چونڊن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته چونڊ سڌارن تائين چونڊن ۾ نه وينداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سندس چوڻ هو ته اسين چونڊن کان ڊڄڻ وارا ناهيون پر جلد چونڊون ڪرائڻ سان ڇا ٿي ويندو، مان اڳ چوندو هئس ته چونڊون ڪرايون وڃن پر منهنجي ڳالهه نه ٻڌي وئي، هاڻ جلد چونڊن سان ڇا ٿي ويندو، نواز شريف سان گذريل رات ڳالهه ٻولهه ٿي، مون کيس سمجهايو، اسان جو گڏيل فيصلو آهي ته جيستائين چونڊ سڌارا نه ٿيندا تيستائين چونڊن ۾ نه وينداسين، خواجا آصف جو بيان درست آهي پر سڌارن کانپوءِ چونڊون ٿينديون. اڳوڻي صدر چيو ته پهرين چونڊ سڌارا آڻينداسين ۽ نيب ۾ سڌارا آڻينداسين، ڪوشش ڪنداسين ته نيب جو غلط استعمال نه ٿئي، ان ۾ غير سياسي آفيسر هوندا، اوورسيز پاڪستانين کي هتي جي مسئلن جي خبر ناهي، کين قومي اسيمبليءَ ۾ مخصوص سيٽون ڏئي سگهون ٿا. آصف علي زرداري چيو ته عمران خان چوي ٿو ته مان نه ته پوءِ ڪير به نه، هو جلد چونڊون ڪرائي ڇا ڪري وٺندو، جيڪڏهن فوج غير سياسي آهي ته آرمي چيف جنرل باجوه کي سلام پيش ڪرڻ گهرجي يا وڙهڻ گهرجي، هڪ رانديگر ڪير ٿيندو آهي، ڪنهن کي مير جعفر ۽ مير صادق جو لقب ڏيڻ وارو، سڄي معاملي ثابت ڪري ڇڏيو ته ادارا غير جانبدار رهي سگهن ٿا، ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو پر انهن جي مدد به ڪئي وڃي، بي بيءَ کي شهيد ڪري پاڪستان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان مشرف کي ڊڪٽيٽر چوندا هئاسين پر اسان ان جي خلاف ڪا مهم نه هلائي. اڳوڻي صدر چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ بيوروڪريسي ۽ ملڪ تباهه ٿي ويو، اڄ 50 هزار پگهار کڻندڙ ماڻهو به مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان کي پاڻ ئي مسئلا حل ڪرڻا آهن، پاڙيسري ملڪ سان واپار ڪري فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، شهباز شريف جا سعودي عرب سان سٺا لاڳاپا آهن، واپاري برادري گڏ ويهي، ساڻن مشاورت ڪرڻ چاهيان ٿو. پرڏيهي سازش بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته هن آمريڪي ڌمڪي بابت خط نه پڙهيو آهي، عام طور تي آمريڪي سفير اهڙي ٻولي استعمال نه ڪندا آهن، پي ٽي آءِ اهو خط پاڻ ٺاهيو آهي، آمريڪي صدر بائيڊن منهنجو دوست آهي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هجي ها ته مون کي فون ڪري ها. هن چيو ته مان عمران خان کي چوان ٿو ته هو سنڌ مان اليڪشن وڙهي، ڏسان ٿو کيس ڪيترا ووٽ ملن ٿا، اڳوڻي حڪومت جو مدو پورو نه ٿي رهيو هو، اها سڏڪي رهي هئي، اسان ان کي کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. هن چيو ته عارف علوي ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، کيس ڪهڙي خبر ته سياست ڇا آهي، اسان کيس ڊيل ڪري وٺنداسين، جمهوريت ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ ٿيندو رهندو آهي، اسان کي ڪو خوف ناهي.
جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ان ڳالهه تي راضي آهن ته چونڊ سڌارن کان پوءِ چونڊن ۾ وڃڻو آهي ته ان سان ڪيترائي معاملا حل ٿي ويندا. هڪ ته اي وي ايم وسيلي ووٽ ڏيڻ وارو معاملو به هڪ پاسي ٿي ويندو ۽ بيلٽ ذريعي ووٽ ڏيڻ وارو سلسلو وري شروع ٿي ويندو. ان کان پوءِ نيب جي اختيارن کي گهٽائي، ان کي ايترو محدود ڪيو ويندو، جو ڪنهن به سياستدان خلاف انتقامي ڪارروايون نه ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي پنهنجي حڪومتي دور ۾ نيب کي رڳو پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ۽ هن هر ان سياستدان کان انتقام ورتو، جيڪو کيس ڪونه وڻندو هو. پر نيب ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي به سياستدانن کان ٽڪو به اوڳاڙي نه سگهيو.
ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن واقعي به صاف شفاف چونڊون ٿين ٿيون ۽ اقتدار پرامن طريقي سان چونڊون کٽي ايندڙ پارٽيءَ جي حوالي سان ٿئي ته اهو ملڪ جي لاءِ بهتر عمل هوندو. ان ڳالهه جا گهڻا امڪان آهن ته عمران خان نيازي چونڊون هارائڻ جي نتيجي ۾ چونڊ نتيجن کي قبول نه ڪندو ۽ هن جي چڙهائي وري به اسلام آباد ڏانهن هوندي. پر ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو گهڻي وقت تائين نه هلي سگهندو، ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي هن وقت پنهنجي سياسي بقا جي ويڙهه پيو وڙهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button