ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي بحران پيدا ڪندڙ صدر علوي ۽ گورنر پنجاب

ملڪ جي صدر جي عھدي جي پنھنجي جاءِ تي مکيه اھميت ھوندي آھي، جيتوڻيڪ عوام جو مکيه چونڊيل نمائندو ته وزيراعظم ھوندو آھي پر ملڪ جي صدر جي اختيار جي خيال کان ٻئي نمبر تي آھي. جيتوڻيڪ قانوني طور سندس عھدو پھرين نمبر تي ئي ھوندو آھي.
بھرحال، اسان کي رڳو عھدي جو نه پر چونڊيل ملڪ جي صدر عارف علويءَ جي انوکي ڪردار جو به ڳُوڙھو جائزو وٺڻو آھي ته جيئن صورتحال کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. ملڪ جي بدلجندڙ حالتن موجب، ڪاٿو لڳائڻو پوندو ته سندس ڪارڪردگي ملڪ جي ڀلائيءَ واري آھي يا ھاڃيڪار. جيڪڏھن ملڪ جي صدر جي ڪارڪردگي، سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڀلائيءَ واري آھي ته ان جي واکاڻ ڪرڻي پوندي پر جيڪڏھن سندس ڪردار، سندس سياسي پارٽيءَ (پي ٽي آءِ) ڪارڻ عوام جي فائدي ۾ گهٽ ۽ سندس پارٽيءَ جي ذاتي فائدن ۾ وڌيڪ آھي ته ان تي جائز ڪاوڙ ڪرڻ ھر ڪنھن جو بنيادي ۽ جائز حق آھي جنھن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.
ھونئن به ملڪ جو صدر عارف علوي، سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ سان لاڳاپيل آھي ۽ کيس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان سندس پارٽيءَ يعني پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ھئڻ ڪارڻ، اڳ ئي مقرر ڪيو آھي، جڏھن ته گذريل مھيني يعني پاڪستان جي اٽڪل 75 ورھين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عمران خان کي پوڻا چار سال پورا ٿيڻ تي وزيراعظم جي اھم عھدي تان ھٽائڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڪنھن به وزيراعظم کي ووٽن ذريعي ھٽائڻ جو ملڪي تاريخ ۾ اھو پھريون مثال آھي. ترت پوءِ، عمران خان مڇرجي احتجاج طور پنھنجن اسيمبلي ميمبرن کان استعيفائون ڏياريون پر اھا حيرت جهڙي ڳالھه آھي ته ملڪ جي صدر عارف علويءَ کان ھيلتائين نه ته استعيفيٰ ڏياري وئي آھي ۽ نه ئي ھن پاڻ استعيفيٰ ڏني آھي. بھرحال، اھو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته عمران خان نيازيءَ کي وزيراعظم جي عھدي تان جائز طريقي سان ھٽائڻ کانپوءِ، نيازي پاڻ مکيه ناڪاري ڪردار ادا ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ چاھي ٿو تنھن ۾ ملڪ جي صدر عارف علوي جي کيس پٺڀرائي به حاصل آھي.
ھونئن به ڏسجي ته عمران خان اڳوڻي وزيراعظم طور پوڻن چئن ورھين دوران بار بار ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي، بيروزگاريءَ کي چوٽ چاڙھي ۽ ملڪي توڙي پرڏيھي پاليسيون بلڪل غلط اختيار ڪري، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام لاءِ مجموعي طور جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي پر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، وڏي پيماني تي ترت گهٽجي نه سگھندي ڇاڪاڻ ته پرڏيھي اداري انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ڳاٽي ٽوڙ شرطن تي اڳ ئي قرض ورتل آھن. انھيءَ کانسواءِ، ملڪ جي صدر عارف علوي توڙي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازيءَ کي سڄي سنڌ جي به ڳڻتي ڪانه ھئي، رڳو ھڪ شھر جي سکڻي ڀلائيءَ جو بيان ڏيندا رھندا ھئا پر اصل ڳالھه اھا آھي ته ملڪ جي صدر جو واسطو سنڌ جي گاديءَ واري شھر سان آھي ته پوءِ ھن عمران خان جي دور ۾ سڄي سنڌ سان وفاق جي لاڳيتين زيادتين خلاف آواز بلند ڇو ڪونه ڪيو ۽ ٻيو ته سنڌ جا جائز ۽ رھيل اربين رپيا، عمران خان نيازي ڪيترا ڀيرا سنڌ کي ڪونه ڏنا، ميديا ۾ اھڙو اعلان به شايع ٿيندا رھيا پر ملڪ جي صدر عارف علويءَ کي ظاھري طور سنڌ جي ٽڪو به ڳڻتي ڪونه ھئي نه ته سنڌ سان عمران خان جي زيادتين ۽ ناانصافين خلاف آواز اٿاري ھئا پر افسوس ھو ماٺ رھيو ۽ اڻسڌي ريت اھو به تاثر پيدا ٿيو ته ھو سڄي سنڌ جو ھمدرد ناھي رڳو ظاھري طور ٿوري گهڻي ھڪ شھر ڪراچيءَ جي ڳڻتي اٿس.
پنجاب جي وڏي وزير طور ميان محمد حمزا شھباز قومي اسيمبليءَ کان گهربل ووٽ وٺي ڪامياب ٿيو، جڏھن ته وفاق طرفان، پنجاب جي تازو ڊسمس ڪيل گورنر عمر سرفراز چيما طرفان پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير کي اڳ ئي پنھنجي عھدي جو قسم کڻائڻو ھو جنھن کي عمران خان نيازي تازو گورنر مقرر ڪيو ھو پر ھو حيرت انگيز طور سازشي بيان جاري ڪندو رھيو. پنجاب جي چونڊيل وڏي وزير کي قانوني طور گورنر چيما کان قسم کڻائڻو ھو پر ھو بدنيتي ڪندو رھيو. اھا حيرت جهڙي ڳالهھ آھي ته آباديءَ جي خيال کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾، چيما طرفان قسم نه کڻائڻ ڪري اٽڪل 26 ڏينھن، وڏي صوبي جو ڪو وڏو وزير ڪونه رھيو ۽ اھو عھدو خالي رھيو. اھا ڪا معمولي ڳالهھ ناھي پر ظلم جي حد ھئي. ھاڻي وري ملڪ جي صدر جو حوالو ڏيڻو پوندو ته وزيراعظم شھباز شريف کيس پنجاب جي چونڊيل وڏي وزير جو قسم کڻائڻ لاءِ چيو پر ملڪ جو صدر ناٽڪ رچائيندو رھيو. اڳ لاھور ھاءِ ڪوڙٽ فيصلو ڏنو ھو ته پنجاب جي چونڊيل وڏي وزير کان قسم ورتو وڃي پر اڳوڻي گورنر چيما پنھنجون سازشون جاري رکيون ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف (16 اپريل 2022ع کان آھي) جنھن جو واسطو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان آھي، تنھن قانوني طور کيس پنھنجي عھدي جو قسم کڻايو.
وفاقي سرڪار، پنجاب جي تڪراري گورنر چيما کي سندس سازشن سبب ھٽايو آھي پر ايوان صدر کان جاري ٿيل دعوى موجب پنجاب جي گورنر کي، صدر جي منظوريءَ کانسواءِ ھٽائي نٿو سگهجي. سندس دعوى آھي ته گورنر، ملڪ جي صدر جي مرضيءَ سان پنھنجي عھدي تائين رھندو آھي. ملڪ جي صدر عارف علويءَ اھا به اچرج جهڙي دعوى ڪئي آھي ته: گورنر تي بدانتظاميءَ جو ڪو به الزام ناھي ۽ نه ئي آئين خلاف ڪو ڪم ڪيو آھي، انھيءَ ڪري کيس ھٽائي نٿو سگهجي. مون کي يقين آھي ته پنجاب جي گورنر کي ھٽائڻ غير منصفاڻو ۽ انصاف جي اصولن جي خلاف آھي. بھرحال، صدر علويءَ جي اھي غلط دعوى پڙھي ڏاڍو ڏک ٿيو. پنجاب جي وڏي وزير 26 ڏينھن گذرڻ باوجود قسم ڪونه کڻايو ھو جيتوڻيڪ لاھور ھاءِ ڪورٽ قسم کڻائڻ جو فيصلو اڳ ئي ڪيو ھو. بھرحال، وفاق جي قسم کڻائڻ کانپوءِ پنجاب ۾ چيما جي سازش سبب ھڪ وزير به ھيلتائين قسم نه کڻي سگهيو آھي ڇاڪاڻ ته اڳوڻي گورنر چيما سھڪار نه ڪيو ھو.
بھرحال، ملڪ جي مفاد ۾ منھنجي اھا راءِ آھي ته جيترو ترت ٿي سگهي، انھيءَ غلط سوچ واري ملڪ جي صدر کي ھٽايو وڃي. اھا اھم ڳالهھ نوٽ ڪرڻ جي آھي ته پاڪستان سرڪار، پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما کي سندس عھدي تان ھٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نئون گورنر پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي عارضي طور مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته عمران جي حامي اسپيڪر، قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو پر ملڪ جي تڪراري صدر عارف علوي، گورنر کي ھٽائڻ واري جائز فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُاالله چواڻي ملڪ جو صدر، وزيراعظم جي صلاح کي مڃڻ جو پابند آھي.
بھرحال، ملڪ جي صدر عارف علويءَ جو ڪردار ملڪ دشمن ۽ اعتراض جوڳو رھيو آھي ۽ ھن وفاق طرفان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾عمران خان نيازيءَ جي کليو کلايو زيادتين خلاف ڪڏھن به آواز بلند ڪونه ڪيو. پنجاب گورنرکي وفاق قانوني طور ھٽايو ويو پر عارف علوي قبول ڪونه ڪيو، جيڪا کليو کلايو زيادتي آھي ۽ لڳي ٿو سندس ڪردار مجموعي طور ملڪ دشمن آھي. بھتر آھي ته عوام، ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ ملڪ جي صدر عارف علويءَ کي قانوني طور ھٽائڻ لاءِ سندس خلاف زوردار مھم ھلائي جنھن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڀلائي سمايل ھوندي. تازو قومي اسيمبليءَ، ملڪ جي صدر خلاف نندڻ جوڳو ٺھراءُ منظور ڪيو آھي. ٺھراءُ ۾ چيو ويو آھي ته ملڪ جي صدر، پنجاب جي گورنر جي مقرريءَ لاءِ غير آئيني حڪم جاري ڪيا ھئا ۽ صدر جي ايوان واري آفيس کي به غير آئيني طور ڪم آندو ويو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button