آصف زرداريءَ جي پهرين پريس ڪانفرنس سوشل ميڊيا تي شور جو سبب بڻي آهي. هن جا حامي ته حامي پر هن جا مخالف به اهو مڃڻ تي مجبور ٿيا آهن ته هو ڪافي متاثر ڪندڙ محسوس ٿي رهيو هو. اها هن جي تعريف آهي يا اها هن تي تنقيد آهي؟ جڏهن ته 35 سالن کان وٺي پاڪستاني سياست جي مٿانهين پوزيشن تي آپريٽ ڪندڙ ۽ پنج سال پاڪستان جو پريزيڊنٽ ٿي رهندڙ شخص کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو اظهار جو فن ته اچڻ گهرجي! پر هن جي باري ۾ مشهور آهي ته هن کي اردو ٻوليءَ تي عبور ناهي. جڏهن ته هن ڀيري هو انگريزي به اچاري رهيو هو. ان جو مطلب ته اهو ئي ٿيو ته هن کي هن جي فرزند وانگر ان پريس ڪانفرنس جي سٺي تياري ڪرائي وئي هئي ۽ جيتري هن جي تياري ٿيل هئي، ايتري ته هن پرفارمنس پيش ڪئي. جتي هن جي تياري پوري ٿي، اتي پوئين سوال جو جواب ڏيندي هن پنهنجي پوري ڪئي ڪرائي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. هن جي مخالفن هن جي پوئين جواب کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي آفيس پاران تمام جلد ئي اهڙي جواب کي سندس “بي ڌياني” قرار ڏنو ويو پر سياستدان جي زبان مان نڪتل لفظ ۽ سپاهيءَ جي ڪمان مان نڪتل تير ڪڏهن به واپس وري نه ٿا سگهن. هونءَ ته مريم به پنهنجي اظهار ۾ سرخ لڪير ڪراس ڪندي رهي آهي پر آءِ ايس پي آر جو ڪالهه وارو بيان آصف زرداريءَ جي لاءِ چتاءَ هو.
آصف زرداريءَ جي ان انتهائي اهم پريس ڪانفرنس جي لاءِ ايترن اهم صحافين کي مدعو نه ڪيو ويو هو. سوال پڇڻ وارن ۾ اهي صحافي نه هئا، جيڪي زرداريءَ کان اهڙا زورائتا سوال پڇي سگهن، جن جي آڏو هن جو اعتماد ڍرو ٿي وڃي ها. ان پريس ڪانفرنس جي سلسلي ۾ اهم ڳالهه اها هئي ته اڪثر صحافين جو تعلق سنڌ سان هو ۽ انهن جي آڏو سنڌ جو سڌسماءَ وارو وزير به ويٺو هو. ان ڪري ڪنهن کي اهو خيال نه آيو ته هو آصف زرداريءَ کان اهو سوال به پڇا ڪري ته آخر اوهان جي صحت ايترو جلد بهتر ڪيئن ٿي وئي جو اوهان انتهائي نگهداشت واري ڪمري مان نڪري نواب شاهه ۽ لاڙڪاڻي جي لوءَ ۾ لهي پيا؟ ان کان سواءِ ٻيا به سوال ٿي پئي سگهيا پر پويون سوال جيڪو بي ڌيانيءَ ۾پڇيو ويو ۽ جنهن جو جواب به بي ڌيانيءَ ۾ ڏنو ويو، ان سڄو ڪم خراب ڪري ڇڏيو. پر ان تي ٻي راءِ ٿي نه ٿي سگهي ته اها انتهائي اهم پريس ڪانفرنس هئي.
اها پريس ڪانفرنس ان مهل ٿي رهي هئي، جڏهن مسلم ليگ ن جي انتهائي اهم ميٽنگ لنڊن ۾ جاري هئي. ڇا اها ميٽنگ وڊيو لنڪ تي ممڪن نه هئي؟ بلڪل هئي. پر جيڪي ڳالهيون کلي طرح سان مسلم ليگ ن کي ڪرڻيون هيون بلڪه جيڪي ڳالهيون کڙڪي تڙڪي سان ميان نواز شريف کي چوڻيون هيون، انهن جو اثر وڊيو لنڪ تي ممڪن نه هو. ميان نواز شريف پاران لنڊن ۾ ميٽنگ سڏائڻ جو هڪ اهم مقصد اهو به هو ته هن پوري پاڪستان کي اهو پيغام ڏيڻ ٿي چاهيو ته مسلم ليگ ن جوسربراهه اڄ به آئون آهيان ۽ منهنجي مرضيءَ کان سواءِ مسلم ليگ ن چري به نه ٿي سگهي. هن هر طرح سان اهو تاثر ختم ڪرڻ ٿي چاهيو ته ڪو شهباز شريف وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ هن کان وڏو ٿي ويو آهي. هونءَ به ميڊيا ۾ انهن تصويرن کي تمام اهميت ملي آهي، جن تصويرن ۾ شهباز شريف ميان نواز شريف سان جهڪي ملي رهيو آهي.
ميان نواز شريف ان تاثر کي هر حال ۾ ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪو مسلم ليگ ن مان “ش” نڪري ويو آهي يا مسلم ليگ (لنڊن) الڳ آهي ۽ مسلم ليگ (پاڪستان) جا رستا ڌار ٿي ويا آهن. جڏهن ته هن وقت ميڊيا تي اهو مباحثو پوري شدت سان جاري آهي ته آصف زرداري ميان نواز شريف سان گيم ڪري ويو آهي. هن جهڙي طرح مسلم ليگ ۾ ڏڦيڙ وجهي ڇڏيو آهي، ان سان مسلم ليگ لاءِ سياسي ۽ تنظيمي طرح مشڪلاتون پيدا ٿي پيون آهن. ڇو ته مسلم ليگ ن ۾ هڪ اهڙو ڌڙو باقاعده ڳالهائڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لڳو آهي، جيڪو شهباز شريف جي سياسي بصيرت تي اعتبار ڪري ٿو. جنهن کي پراڻي شڪايت هئي ته ميان نواز شريف جي مخصوص انتقامي عادت انهن جي لاءِ مسئلن جو سبب بڻجي رهي آهي. انهن جي نظر ۾ شهباز شريف هڪ عملي سياستدان آهي. جنهن کي اقتدار ۽ اختيار ۾ توازن پيدا ڪرڻ اچي ٿو. هن جي ان صلاحيت سبب اڄ مسلم ليگ اقتدار ۾ آهي. هن جي پويان هلڻ جو سلسلو جاري رهيو آهي ته مسلم ليگ سڀاڻي به اقتدار ۾ ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته ميان نواز شريف ۽ هن جي لابي اهو سمجهي ٿي ته شهباز شريف آصف زرداريءَ جي هٿان سياسي طور تي دسجي چڪو آهي. آصف زرداري مسلم ليگ ن ۾ اختلاف پيدا ڪري ان پارٽيءَ کي ورهائڻ چاهي ٿو. ان حوالي سان لنڊن ۾ ٿيندڙ ملاقات تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري وئي آهي.
لنڊن ميٽنگ جو موڊ اڳ ۾ ئي پڌرو هو. لنڊن ميٽنگ چونڊون جلد کان جلد ڪرائڻ جي لا گهرائي وئي هئي. اهو ئي سبب هو ته آصف زرداريءَ کي تڪڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي. جنهن ۾ هن کي چوڻو پيو ته “ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ چونڊون نه ٿينديون” جڏهن ته هن کي به معلوم آهي ته هن جو اهو فيصلو ۽ عزم ايستائين عمل ۾ نه ٿو اچي سگهي، جيستائين نواز شريف نه چاهي. ۽ نواز شريف ڇا ٿو چاهي؟
نواز شريف اهو ئي ٿو چاهي، جيڪو بيانيو مريم جو ان ساڳي ڏينهن تي هو، جنهن ڏينهن آصف زرداري حڪومت قائم رکڻ تي اصرار ڪري رهيو هو ۽ مريم نواز ڪنهن پارٽي ميٽنگ ۾ نه پر پبلڪ جلسي ۾ اهو چئي رهي هئي ته “مان مسلم ليگ ن کي چوان ٿي ته اها عمران خان جي ڪارنهن پنهنجي منهن تي نه هڻي” ۽ “عمران خان جي ناڪامين جو ٽوڪرو پنهنجي مٿي تي نه کڻي” ڇا ايترا سخت لفظ به ادا ٿي سگهن ٿا؟ آخر هن جو چاچو ۽ ملڪ جو وزير اعظم شهباز شريف ڪيستائين مريم نواز لاءِ “بچي هي” جا لفظ پيش ڪري پنهنجن خانداني اختلافن کي لڪائيندو رهندو؟ هن وقت مسلم ليگ ن ۾ گهڻي وقت کان پيدا اختلاف منظرعام تي اچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ اهم ترين فيصلا ٿي سگهن ٿا.
ڇا شهباز شريف ذهني طور تي پنهنجي ڀاءَ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي؟ جيڪڏهن هن اهو فيصلو ڪيو ته ڇا هن جهڙي عملي سياستدان جي لاءِ اهو فيصلو درست هوندو؟ جڏهن ته هو پاڻ به ڏسي رهيو آهي ته پوري پارٽي هن جي ڀاءَ جي هٿ ۾ آهي. ميان شهباز شريف ۾ ايتري جرئت ڪٿي جو هو انهن هٿن سان بغاوت ڪري سگهي، جيڪي هٿ سدائين وڏي ڀاءَ جي پيرن کي ڇهندا رهيا آهن.
مريم نواز لاءِ شهباز شريف ۽ مسلم ليگ جي ٻين عمليت پسند اڳواڻن جو موقف رهيو آهي ته “هوءَ ان گائيڊيڊ ميزائل آهي” جڏهن ته وقت انهن جي ان راءِ کي غلط ثابت ڪري رهيو آهي. مريم “ان گائيڊيڊ” نه پر “گائيڊيڊ” ميزائل آهي. هن کي معلوم آهي ته ڪٿي هٽ Hit ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي وقت هٽ ڪرڻو آهي؟
بهرحال اهو هڪ اهم ترين سياسي ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن نه صرف ميڊيا پر حڪومت جي سڀ کان وڏي مخالف ڌر يعني تحريڪ انصاف به ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي مستقل طور اک رکي ويٺي رهي ته “هيڏي ۽ هوڏي ڇا ٿي رهيو آهي؟” مسلم ليگ ن ۾ موجود اختلاف پنهنجو رنگ ڏيکارين ٿا يا نه؟ هاڻي ته تحريڪ انصاف کي به پڪ ٿي وئي آهي ته ميان نواز شريف حڪومت کي وڌيڪ وقت برداشت ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي. هن کي ڪنهن به وقت ڇڻي ڪرڻ واري سرڪاري ڇٽي نه گهرجي. هن کي پنهنجي بل بوتي تي ۽ پنهنجي سياسي سگهه سان اهڙي سرڪار جي ضرورت آهي، جيڪا پنج سال اقتدار ۾ رهڻ جو مئنڊيٽ حاصل ڪري ۽ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي ننڍي ڌيءَ کي ملڪ جي سڀ کان وڏي عهدي تي ڏسڻ چاهي ٿو. ڇا هن جي اها خواهش پوري ٿيندي؟
اهڙي خواهش ته آصف زرداريءَ جي به آهي. هو به اهو ٿو چاهي ته ملڪ جو وزير اعظم هن جو پٽ ۽ ملڪ جو صدر هڪ ڀيرو ٻيهر هو پاڻ بڻجي. پر صرف چاهت سان ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ان قول ۾ ڪيتري نه سچائي ۽ ڪيتري نه سياڻپ آهي ته جيڪڏهن خواهشون گهوڙا هجن ها ته ڪو به هيٺ پٽ تي نه هلي ها. ڪنهن جي ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي. پر اهو ضروري ته ناهي ته هر ڪنهن جي خواهش پوري ٿي سگهي. هن وقت نه صرف عمران خان پر هن کي چرين وانگر چاهيندڙ عوام جي هڪ حصي جي به شديد خواهش آهي ته هو ٻيهر وزير اعظم بڻجي. پر ڇا صرف خواهشن سان اهو سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو؟
پاڪستان پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي جنهن اڻ سڌي بنياد تي تعمير ٿيندو رهيو آهي، هن مهل جو سياسي بحران ان جو لازمي نتيجو آهي. هن وقت حالتن جو دٻاءُ اهڙي صورت اختيار ڪري چڪو آهي جو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ملڪ کي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ بڻائڻ جي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سياسي تفريق جي وچ تان هٽي ويل لڪيرون ثابت ڪري رهيون آهن ته سياست نظرئي کان بيگاني بڻجي صرف چالاڪ چالن وارو کيل بڻجي چڪي آهي. ان ۾ هر ڪوئي داءُ هڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اهو ضروري ناهي ته هر ڪنهن جو داءُ لڳي به وڃي. آصف زرداريءَ مسلم ليگ جي ڪمزور ڪڙيءَ جو فائدو وٺندي شهباز شريف کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي جيڪا ڳوٽ سوري آهي، اها هن جي سنڌ جو سنڌ وارو اقتداري سوا سال به وڃائي سگهي ٿي. هن مهل ته باقاعده محسوس ٿي رهيو آهي ته زرداريءَ جو تير پنهنجي نشاني تي نه لڳو آهي. ڇو ته ملڪ جون مجموعي سياسي حالتون نين چونڊن طرف وينديون نظر اچن ٿيون. جڏهن ته تمام گهڻي اصرار جي باوجود به شهباز شريف ۾ ڀاءُ کان بغاوت ڪرڻ جي همت نه آهي.