ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

علم کان محروم سنڌ

علي رضا کوسو

ڪنهن به قوم لاءِ علم ۽ ان جي بدلجندڙ وقت سان گڏ ارتقا انتهائي ضروري هوندي آهي. صدين کان انسان جو دماغ زمين ۽ ٻين هزارين ستارن جي جاکوڙ ۾ رهيو آهي. موجوده علم انساني جاکوڙ جو تسلسل آهي ۽ هر دور کي نئين ۽ جديد علم جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ڪا قوم يا ڪا تهذيب وقت سان بدلجندڙ حالتن جي باري پنهنجي علم، عقل ۽ فهم ۾ جدت نه آڻي سگهندي آهي ته ان قوم جي ان دور ۾ ڪا اهميت ناھي رهندي ۽ موجوده حالتن ۾ رهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي رهي سگهندي. جيڪڏهن تهذيبن جي تاريخ جي ڳالهھ ڪجي ته دنيا جون عظيم سڀيتائون اوڀر مان اڀريون. زرعي انقلاب کان پوءِ انسان پاڻ وڌيڪ ويجھا ٿيا ۽ ڪاروبار شروع ڪيائون. جڏهن ته اولهه ۾ انسان ڪافي عرصي کان پوءِ تهذيب يافته ٿيو. پر جڏهن اسان موجوده اولهھ کي ڏسون ٿا ته اهو دنيا جو ترقي يافته حصو آھي ۽ اوڀر کان سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ جام اڳيان آهي. ان جي خالص وجهھ اها آهي ته اتي جهالت جي خلاف ماڻھو اٿي بيهي رهيا ۽ هڪ طويل جنگ کان پوءِ جيئن اولھه جا ماڻهو سوين سالن جي ننڊ مان اٿيا ته هنن دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏي.
هنن پنهنجي دور جي جديد علم کي نه صرف اپنايو پر زندگي جو مقصد سمجهي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ اڳيان به وڌايو. سنڌي قوم جي اها بدقسمتي آهي جو سائنسي انقلاب کي 300 سال کان به مٿي ٿي ويا آهن پر اسان وٽ هڪ سائنسدان ناهي پيدا ٿي سگهيو ۽ اسان جي موجوده علم ۾ ڪنٽريبيوشن ٻڙي آهي. سنڌ جنهن مان سڀيتائن جنم ورتو. جيڪا پنهنجي دور جي قومن کان سوين سال اڳيان هئي. اها سنڌ آخر ايترو پوئتي ڇو رهجي وئي؟ اچو ته ڪجھه اسان جي ڪوتاهين جي انگن اکرن تي نظر وجهون. جيئن اسان کي ڪارڻ خبر پئجي سگهن ته اسان جو استحصال ڪيئن ٿيو.
ڊيلي ٽائيمس جي هڪ رپورٽ مطابق سنڌ جي 12 ملين ٻارن مان 6.7 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ باقي 5.3 ملين ٻارن مان به 50 سيڪڙو ٻارن کي پرائمري اسڪول دوران ئي پنهنجي پڙهائي تان هٿ کڻڻو ٿو پئي. يعني 12 ملين ٻارن مان صرف 3.3 ملين ٻار پرائمري تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ۽ ان ۾ به وڌيڪ ريشو استادن ۽ غير معياري تعليمي ادارن جي ڪري صحيح سان پڙهي ناهي سگهندو. سنڌ ۾ صرف 27.5 سيڪڙو ٻار پرائمري پڙهي سگهندا آهن ۽ وڌيڪ اعليٰ تعليم لا اها ريشو اڃان جام گهٽ آهي. ايم ايم نيوز ۾ سلمان راشدي جي ريسرچ مطابق سنڌ ۾ ٻين ڪلاس جي 73 سيڪڙو ٻارن کي انگريزي جو جملو پڙهڻ ڪونه ٿو اچي، جيڪا بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کان به وڌيڪ ريشو آهي يعني ملڪ جي بدترين تعليم سنڌ ۾ آهي.
ASER جي رپورٽ موجب پنجين ڪلاس تائين صرف 31 سيڪڙو ٻار سنڌ ۾ ٻن عددن جي ونڊ ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته بلوچستان ۾ 35 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 53 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 82 سيڪڙو ٻار ساڳيو ئي ڪم سرانجام ڏيڻ جي قابل آهن.
2017 جي الف آئي جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ انفرااسٽرڪچر ٺهيل اسڪولن جو ريشو 54 سڪڙو آهيو. صرف 48 اسڪولن ۾ بجلي سهولت ميسر آهي. 42 سيڪڙو اسڪولن وٽ پيئڻ جو پاڻي ناهي، ۽ صرف 65 سيڪڙو اسڪولن جون عمارتون ٻارن جي ويهڻ جي لائق آهن. جڏهن ته 47 سيڪڙو اسڪولن ۾ صرف هڪ ئي استاد پڙهائي ٿو ۽ 27 سيڪڙو اسڪولن ۾ صرف هڪ ڪلاس روم آهي. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جا اسڪول تمام بهترين آهن. ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ پراڻو ڪورس ۽ غيرمعياري استادن کي سفارش تي ڀرتي ڪرڻ پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي جيڪڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ لٽريسي ريٽ ڏسجي ته تمام گهٽ آهي بلڪ نه هجڻ جي برابر آهي ۽ ٿر ۾ صرف 18.4 سيڪڙو لٽريسي ريٽ آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ ڪنهن حد تائين بلوچستان جي تعليم سنڌ کان بهتر آهي. سنڌ حڪومت جي ڪرپٽ ڪامورن نه صرف سنڌ کان علم کسي ورتو آهي پر هنن هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته هن قوم لاءِ روشنين جو هر ڏيئو اجهائي ڇڏين. سنڌ ۾ علم اڻلڀ آهي ۽ اسان ان ڳالهھ تي ڪڏهن به غور ناهي ڪيو. دنيا جتي انفو ٽيڪنالاجي ڏانهن وڌي رهي آهي، انسان مصنوعي دماغ ٺاهي ورتو آهي ۽ هاڻي دنيا ۾ G5 لاءِ ٽسل هلي رهيو آهي. جتي دنيا تيزي سان ترقي طرف وڌي رهي آهي، اتي اسان جو علم صدين کان رڪيل آهي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سائنس ۾ جيڪا ترقي 20ع هين صدي ۾ 100 سالن ۾ ٿي آهي اها 21ع هين صدي ۾ فقط 10 سالن ۾ ٿيندي. ان دور ۾ اسان سوين سال پويان ڪيئن ٿا افورڊ ڪري سگهون؟ سنڌ ۾ 40 سيڪڙو ٻار اسڪول جو منهن ئي ڪونه ڏسندا آهن ۽ يونيورسٽي تائين ڪي چند ٻار پهچندا آهن. وڌندڙ آبادي ۽ تعليمي درسگاهون گهٽ هجڻ ڪري سنڌ ۾ ڪيترا آئنسٽائين ۽ هاڪنگ اسڪولن کان محروم آهن. سنڌ جي ڪورس کي سالن کان اپڊيٽ ناهي ڪيو ويو، جيڪي ٿيوريون ناڪارا ٿي ويون آهن، انهن کي پڙهائڻ ۽ ٻارن کي جديد علم کان پري رکيو ويو آھي. غربت ۽ بيروزگاري جي ڪري جن ٻارن کي اسڪول ۾ هجڻ کپي، اهي مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن سڀني ڳالهين جي ذميوار هڪ ته حڪومت آهي ٻيو اسان پاڻ آهيون. اسان پنهنجي بنيادي حقن کي ڪڏهن اهميت ئي ناهي ڏني ۽ تعليم سان ته وڌ کان وڌ ڪمپرومائيز ڪيو آهي، جيڪڏھن سنڌ ۽ سنڌي تهذيب کي بچائڻو آهي ته اسان کان پري ويل علم کي واپس آڻڻو پوندو. موجوده دور ۾ علم کان سواءِ انسان جڳ ۾ جيئڻ جي لائق ئي ناهي. علم اکين تان انڌيري جون پٽيون لائي سمجھه جي روشني ڏي ٿو. ۽ موجوده دور ۾ ڪنهن به قوم جي بقا لاءِ علم ضروري آهي. نه صرف مرد پر عورتن جو تعليمي يافته هجڻ اوترو ئي ضروري آهي. علم جنهن سان عقل جي باک ڦٽندي آهي. ان علم کان ڪوهين پري هڪ قوم انڌيري رات ۾ ڀٽڪي پئي.
ان قوم کي احساس به ناهي ته موجوده دور ۾ علم جي بلب کان سواءِ ٻاٽ اونداهي آهي. جتي دنيا ڪائناتن ۽ ڪهڪشائن جي رازن جي تلاش ۾ ڌرتي کي صديون پهرين ڇڏي آسمان جي سفر تي نڪتل آهي. ان دنيا ۾ اسان جهالت جي بليڪ هول ۾ ڦاسي پيا آهيون. اتان نڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ پنهنجي قوم کي جهالت جي انڌيرن مان آزاد ڪرڻو آهي. شيخ زيد چيو آهي ته ڪنهن به جديد قوم جو اصلي سرمايو ان جا تعليم يافته ماڻهو هوندا آهن ۽ ان جي خوشحالي ۽ ترقي تعليمي معيار جي پئماني ۾ ماپي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button