سنڌ

تلهار ڀرسان مڙس ننڊ ستل زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

تلھار ويجھو جوابدار پنهنجي ننڊ ستل نوجوان زال کي ڪارنهن جي شڪ ۾ گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي پوليس وٽ پيش ڪري ڏوهه جو اعتراف ڪيو. خبر موجب تلهار ويجهو ڳوٺ نم درس ۾ جوابدار علي محمد ھاليپوٽي پنهنجي ننڊ ستل نوجوان زال 30 سالن جي مهڪ عرف تانيه عمراڻي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، تلهار پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل جائزو ورتو ۽ لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا ماتلي اسپتال پهچايو. جڏهن ته جوابدار ٿاڻي تي پهچي پاڻ کي پيش ڪيو. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او تلهار ٻڌايو ته جوابدار علي محمد ھاليپوٽو ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته مون کي شڪ هو ته منهنجي زال جا منهنجي ڀاڻيجي سان تعلقات آهن، انڪري کيس قتل ڪيو. جڏھن ته واقعي جو ڪيس سرڪار پاران داخل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button