سنڌ

ڪوٽڏيجي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر ۾ پورهيت ۽ ٻار فوت،3 ڄڻا زخمي

ڪوٽڏيجي ويجهو جسڪاڻي اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي، ٻن موٽرسائيڪلن ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب ٽيڪسي موٽرسائيڪل هلائيندڙ ڊرائيور نارو واسي پورهيت محمد عمر ڀنڀرو ۽ 15 مهينن جو معصوم ٻار سهيل پٽ سالم دائيداڻو موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ارشاد خاتون دائيداڻو، شھميران دائيداڻو ۽ سالم دائيداڻو شامل آهن، اطلاع تي ڪنب پوليس پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سرڪاري اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو. جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي ڇڏي فرار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button