سنڌ

ڪوٽڏيجي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 13 ڄڻا زخمي

ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڪوٽ بنگلو وين اسٽاپ تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ھڪٻئي تي لٺين، ڪھاڙين ۽ سروٽن سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ڌر جا بشير گوپانگ، وحيد، سارنگ، گل محمد، ظهير، مکڻو سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته ٻي ڌر جا امتياز لنڊ، طاهر لنڊ، خالق لنڊ، معشوق لنڊ زخمي ٿي پيا. زخمين کي ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي آڻڻ بعد تعلقي اسپتال نيو ويو. ان موقعي تي هڪ ڌر جي زخمين ڪوٽڏيجي ٿاڻي آڏو مظاهرو ڪندي دانهيو ته امتياز لنڊ، مشتاق لنڊ، نادر لنڊ ۽ ٻين حملو ڪيو. پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته ٻي ڌر جي زخمين ٻڌايو ته مخالفن اسان جي 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button