سنڌ

پير جو ڳوٺ ۾ پورهيت تي فائرنگ،واٽهڙو نينگر مرڻينگ

پير جو ڳوٺ جي شاهپور اسٽينڊ وٽ جوابدارن دڪان تي ويٺل پورهيت رمضان لانگاهه تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ڀرسان گذرندڙ 12 سالن جو نينگر اشرف پٽ خير محمد منگي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پهريان پير جو ڳوٺ ۽ بعد ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن پوليس هڪ جوابدار راشد شاہه کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ رهواسين اڪبر لانگاهه ۽ ٻين چيو ته رات دير سان عمران شاہه ۽ ٻين جي منهنجي پٽ رمضان لانگاهه سان موٽر سائيڪل تيز هلائڻ تان منهن ماري ڪئي، جنهن کانپو ڪالهه جوابدار عمران شاہه، ظهير شاہه ۽ ٻين دڪان تي حملو ڪري نوجوان رمضان لانگاهه کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ واٽهڙو نينگر اشرف منگي زخمي ٿي پيو. ٻئي طرف پير جو ڳوٺ پوليس چيو ته حملي آور راشد شاہه کي پسٽل سميت گرفتار گرفتار ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button