سنڌ

ڏهرڪي ۾ پورهيت ۽ ذهني مريض تي منشيات جا ڪيس داخل

ڏهرڪي پوليس پورهيت واجد ڪانڃون ۽ ذهني مريض جمال الدين ڀٽو کي گرفتار ڪري چرس رکڻ جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا، جنهن کانپو پوليس جي اهڙي زيادتي خلاف پورهيت ۽ دماغي مريض جي وارثن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت واجد ڪانڃون جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان شهر جي پبلڪ لائبريري ۾ هوٽل هلائي پورهيو ڪندو آهي، جنهن کان پوليس منٿلي گهري ته انڪار تي پوليس کيس گرفتار ڪري 500 گرام چرس رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته دماغي مريض جمال الدين جي ڀاءُ وسيم اڪرم ڀٽو چيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ 2 ڏينهن اڳ ڏهرڪي شهر ويل هو، جنهن جو دماغي توازن درست ناهي. هو سخت بيمار آھي، هن جو علاج هلندڙ آھي پر ايس ايڇ او ڏهرڪي اطهر چنا خانه پوري ڪرڻ لا دماغي مريض ڀاءُ مٿان چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button