سنڌ

ڪنڊيارو ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن جو پگهارن لا مظاهرو،ڌرڻو

ڪنڊيارو ۾ اين سي ايڇ ڊي جي استادن 7 سالن کان پگهار نه ملڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي استادن اياز لاکو، گل بهار لاکو، امام الدين رند، سڪندر مڱريو، ممتاز رند، وزير لاکو ۽ ٻين چيو ته 17 سالن کان اين سي ايڇ ڊي جي ماتحت مختلف اسڪولن ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون. ڪجھ سال پگهار ڏني وئي پر هاڻ 7 سالن کان پگهار نٿي ڏني وڃي، جنهنڪري سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته سنڌ گورنمينٽ اين سي ايڇ ڊي جي ڪجھه استادن کي پڪو ڪيو، جنهن ۾ پڻ اسان کي نظرانداز ڪيو ويو. پگهار نه ملڻ ڪري اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن دانهيو ته اسان سان وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته اين سي ايڇ ڊي استادن کي پگهار ڏئي ريگيولر ڪيو وڃي نه ته انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button