سنڌ

پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن جا مظاهرا

سنڌ حڪومت طرفان آ بي اي سکر ٽيسٽنگ سروس معرفت پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتين لا ورتل ٽيسٽ ۾ سمورن سبجيڪٽن ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ وارو شرط لازم قرار ڏيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سڪرنڊ، سجاول، نوابشاهه، بدين، دادو، جوهي، ڪشمور، ٺري ميرواهه ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي 46 هزار 6 سئو خالي جايون ڀرڻ لا آ بي اي سکر ٽيسٽنگ سروس معرفت ٽيسٽ ورتي، جنهن ۾ سمورن سبجيڪٽن ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازم قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سبب 80 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوار به فيل ڄاڻايا ويا آهن. .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button