ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا نين چونڊن سان مسئلا حل ٿي ويندا؟

Editorial-Article-Allahbux Rathore

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڪ جون معاشي توڙي سياسي حالتون انتهائي خطرناڪ موڙ تي پهتل آهن، هي رڳو موجوده حڪمرانن جو ڏوهه ناهي، نه ئي اهي سو سيڪڙو ذميوار آهن، پر اڳوڻن حڪمرانن جيڪو ٻوڙ هاريو،ان کان ڪيئن منهن موڙي سگهجي ٿو؟ عمران خان کي موجوده بدترين سياسي ۽ معاشي صورتحال جو هڪڙو ئي حل نظر اچي ٿو ته نيون چونڊون ڪرائي اقتدار ان جي حوالي ڪيو وڃي، بقول هن جي موجوده بحران انڪري منهن ڪڍيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ کيس گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. هن کي هر شهر ۽ جلسي کي خطاب دوران هڪڙي ئي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت ختم نه ٿئي ها ته ملڪ ۾ ماکي جون نديون وهن ها. هو پنهنجن پوڻن چئن سالن جي بدترين حڪمرانيءَ کي وساري ويهي ٿو ته ڪيئن ملڪ جون حاليون انتهائي ڳنڀير ٿي چڪيون هيون، موجوده حڪمرانن ته ملڪ کي ٻڏڻ کان بچايو، هاڻ جيڪڏهن ڪجهه عالمي قوتن سان معاملا طئي ٿي وڃن ٿا ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري وٺندي، ٻي صورت ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿي سگهي ٿو. ڪي سياسي پنڊت چون ٿا ته جيڪڏهن چئن کان ستن مهينن اندر عام چونڊون ڪرايون وڃن ته سمورو ملبو اڳوڻن حڪمرانن مٿان ئي ڪرندو. انڪري صورتحال جو اندازو لڳائڻ کانپوءِ طئي ڪيو پيو وڃي ته ڪيترو عرصو وڌيڪ حڪمرانيءَ ۾ رهي سگهجي ٿو. هينئر به (ن) ليگ اندر اهڙا اڳواڻ موجود آهن، جيڪي کلي عام چئي رهيا آهن ته جيئن عمران خان جي حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ٿي، تيئن ئي اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن ها. پر اتحادي، جيڪي موجوده حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، انهن جو عام طور تي پيپلز پارٽيءَ جو خاص ڪري هي خيال سامهون اچي چڪو آهي ته ترت عام چونڊن ڪرائڻ بدران سڌارن جو پيڪيج سامهون آڻڻو آهي، جنهن کانپوءِ نين چونڊن جو اعلان ڪرائڻ ۾ ڪوبه حرج ناهي.
هينئر اتحادي حڪومت ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ ڪجهه ٻين (ن) ليگ جي اڳواڻن کانسواءِ اڪثريت جو هي خيال سامهون آيو آهي ته موجوده اسيمبلين کي پنهنجو مدو پورو ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي، انهيءَ ساڳي خيال جا حامي واڳ ڌڻي به نظر اچن ٿا. انهن جو شروع کان اهو ئي خيال رهيو آهي ته عمران خان حڪومت ڀلي تبديل ٿئي پر اسيمبليون مدو پورو ڪن. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جا خيال به ڪنهن کان لڪل ناهن. ان حوالي سان هي ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ته پ پ ۽ واڳ ڌڻي شروع کان هڪ ئي پيج تي آهن. ممڪن آهي ته ان ۾ ڪنهن حد تائين سچائي هجي، پر ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ ضروري آهي. ان ۾ واڳ ڌڻين جي ڪهڙي دلچسپي آهي، اها پڻ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. هينئر واڳ ڌڻي پڻ ورهايل نظر اچن ٿا، جڏهن هو پاڻ ساڳي پيج تي ناهن ته سياسي نظام کي ڪيئن مستحڪم ڪري سگهن ٿا!
واڳ ڌڻين جا تضاد پنهنجي جاءِ تي پر مائنس عمران خان جي باقي سموريون سياسي قوتون هڪ پيج تي ضرور آهن، انهن هينئر تائين عمران خان جي سوچ جي ابتڙ رخ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. انهن جو خيال آهي ته عمران خان پنهنجي حڪومت وڃائڻ جي نتيجي ۾ تباهي کي دعوت ڏئي رهيو آهي. هينئر جيڪي اهم سياسي پنڊت آهن، اهي به سمجهن ٿا ته ملڪ جنهن ڀونچال جي ور چڙهيو آهي، اهڙي صورتحال ماضي ۾ ڪڏهن به نظر نه آئي. هي رڳو سياسي حڪومتن جو پيدا ڪيل بحران ناهي پر واڳ ڌڻي به هڪجيترا ڀاڱي ڀائيوار آهن. انهن ئي ماضي ۾ ملڪ کي تباهي ڪناري تي پهچايو. هاڻ هو پاڻ کي نيوٽرل جنهن به Sense ۾ سمجهن پر تاثر هي پيدا ٿئي ٿو ته واڳ ڌڻي، پنهنجو ٻوجهه کڻڻ لاءِ تيار ناهن. اهي سمجهن ٿا ته جيئن 1971ع ۾ انهن ڀڄي جان آجي ڪرائي هئي ۽ سمورو بار ذوالفقار علي ڀٽو کي کڻڻ لاءِ چيو ويو، ساڳي صورتحال هاڻ به آهي. مختلف ملڪن جي تاريخ ۾ اهڙا موڙ ايندا رهندا آهن، اهي جيڪي سمجهن ٿا ته پاڪستان جو حال به سريلنڪا جهڙو ٿيندو، اهي معاملن کي سمجهڻ کان قاصر آهن. هي ساڳيو سريلنڪا آهي، جتي ڊگهي عرصي تائين تامل ٽائيگرز رهيا ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جهڙن ملڪن تي الزام لڳي رهيا آهن. اتان جي ڀيٽ ۾ اسان جا ادارا گهڻا سگهارا آهن ۽ سياسي نظام به گهڻو بهتر آهي، انڪري نه صرف پاڪستان جي ڏيوالي نڪرڻ جا امڪان گهٽ آهن، پر صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ ڪجهه وقت جي ضرورت آهي. اهي عالمي ادارا جن ڊگهي عرصي کان پاڪستان ۾سيڙپ ڪئي آهي، اهي ڪيئن چاهيندا ته انهن جو سڀ ڪجهه لڙهي وڃي؟
پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. پر موجوده صورتحال کان ڪن لاٽار ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ واڳ ڌڻي ڪيستائين پاسيرا ٿي ويهي رهندا ۽ نيوٽرل جو راڳ الاپيندا، اها جلد خبر پئجي ويندي. انهن هينئر تائين عالمي قوتن سان گڏجي جيڪي ڪم ڪيا، اهي به ڪنهن کان لڪل ناهن. عمران خان جو هي چوڻ ته جيڪڏهن ملڪ جا ٻه اهم ادارا عدليا ۽ فوج ان جي حمايت ڪن ها ۽ 8 کان 10 ماڻهن کي سزائون ڏنيون وڃن ها ته صورتحال ٻي هجي ها ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿي وڃي ها. جيڪڏهن ٻئي ادارا ائين ڪن ها ۽ ملڪ مان سياسي قيادت جي صفائي ڪن ها ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي وڃي ها. عمران خان جي اڪثر پاليسين عوام کي تباهي کانسواءِ ڇا ڏنو؟ ڇا ملڪ اندر سواءِ ريئل اسٽيٽ جي ڪو اهڙو شعبو آهي، جنهن کي نفعو ٿيو هجي؟ جيڪڏهن عمران خان سٺي حڪمراني ڏئي ها ۽ ان جي ڪا شاندار ڪارڪردگي هجي ها ته موجوده حالتون پيدا نه ٿين ها. سموري دنيا حيران آهي ته عام طور تي ائين ئي ٿيندو آهي ته جيڪا حڪومت گهر ڀيڙي ٿيندي آهي، اها ٻيهر ۾ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ پنهنجي دور جي ڪارڪردگي ڳڻائيندي آهي، پر هي واحد حڪمران آهن، جيڪي سازشي ٿيوريز کي بيان ڪرڻ ۾ پورا آهن. ان مان هي ڳالهه سمجهي وڃي پئي ته عمران خان جي حڪومت جي شايد ڪابه ڪاميابي نه هئي، جنهن کي هو ڳڻائي سگهي. مهانگائي ڪيترا سو ڀيرا وڌي؟ معاشي انڊيڪيٽرز ڪٿي پهتا؟ ملڪي ادارا ڪيترا سگهارا ٿيا؟ عام ماڻهوءَ جي زندگي ڪيتري آسان ٿي؟ انهن سمورن سوالن جا جواب عمران خان وٽ ناهن. انڪري ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته عمران خان خاموشي اختيار ڪري ها ۽ پنهنجن مخالفن کي ڏسي ها ته هو ڇا ٿا ڪن؟ پر هن بلڪل ان جي ابتڙ رويو اختيار ڪيو آهي.ائين لڳي ٿو ته عمران خان کي حڪومتي ايوانن مان ڪڍي ڪري ڪو گناهه ڪبيرا ڪيو ويو هجي. عمران خان کي ته شڪراني جا نفل پڙهي ها ته ان جي مخالف ڌر اڳتي وڌي، سندس گناهن کي اپنايو ۽ هن کي ريسڪيو ڪيو.
عمران خان جي حڪمرانيءَ جا پوڻا چار سال آهن، انهن کي ڳڻي ٻڌائي سگهجي ٿو، هن ڪيتريون غلطيون ڪيون ۽ سندس تباهي مچائيندڙ فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪ جو سمورو نظام تباهيءَ جي ڪنڌي تي پهتو. اڳوڻي حڪومت اهو تاثر ڏيندي رهي ته اها صاف ۽ شفاف هئي، پر ان جي پيٽ مان جيڪي بلائون نڪري رهيون آهن، اهي عمران خان ۽ ان جي ساٿين کي ڪٿان جو به نه ڇڏينديون. هنن جيڪي دعوائون ڪيون هيون، اهي به درست ثابت نه ٿيون، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان کي نين چونڊن سميت ٻيا مطالبا ڪرڻ سونهن نٿا. هينئر اسد عمر ۽ ٻيا چون ٿا ته موجوده حڪمرانن جي اچڻ سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 6 ارب ڊالرن جي گهٽتائي آئي آهي، ان جو هڪڙو سبب ته عمران خان جا پنهنجا طوفاني جلسا آهن، جنهن سان ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي. ان سان بقول (ن) ليگ جي ته اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار ۾ ٻاڙائي ۽ ٻئي تباهي عمران خان جي ڪري اچي رهي آهي.
اها ڳالهه ته مڃڻي پوندي ته ملڪ جي تاريخ ۾ حڪمرانن عالمي مالياتي ادارن سان جيڪو ٺاهه ڪيو، اهو سڀني کان وڌيڪ تباهي مچائيندڙ ثابت ٿيو، هينئر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سميت جيڪي قدم کنيا ويا، انهن جي جيتري واکاڻ ڪجي گهٽ آهي. حڪومت ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي، انهن عالمي ٺاهن جي حوالي سان آءِ ايم ايف ۽ ٻين سان ٻيهر ڳالهائڻو پوندو. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته جيڪڏهن اتحادي حڪومت سنڀالڻ جي سگهه نه رکندا ته ان جا امڪان وڌيڪ هوندا ته جلد عام چونڊون ٿينديون. جيڪڏهن چونڊن کانپوءِ به عمران خان اقتدار ۾ نٿو اچي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ممڪن آهي ته ملڪ اندر سياسي بحران وڌيڪ عرصو جاري رهي، عمران خان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي هٿ پير هڻي رهيو آهي، ممڪن آهي ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين ان جي گنجائش نه هجي. موجوده سياسي ڍانچي ۾ عمران خان جهڙن حڪمرانن جي شايد ڪابه گنجائش نه هوندي. اها ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته عمران خان جي نه ئي سياسي stamina آهي، نڪي وري هن وٽ مارن کائڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ وارو ڪاڊر آهي،هي ممي، ڊيڊي جا ٻار ڪيستائين ميدان ۾ رهندا، اها ٿوري عرصي اندر خبر پئجي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button