
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نگراني هيٺ ڪرڪيٽرن جي ڪنڊيشننگ ڪيمپ لاهور ۾ شروع ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف، بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ ۽ فيلڊنگ ڪوچ عبداللطيف رانديگرن کي ڪيمپ جي اهميت بابت ڄاڻ ڏني آهي. جڏهن تھ فخر زمان، محمد حسنين ۽ محمد وسيم جونيئر پهرين ڏينهن شريڪ نھ ٿيا، جيڪي اڄ کان شامل ٿي ويندا. جڏهن تھ زاهد محمود والدا جي وفات سبب جمعي کان ڪيمپ کي جوائن ڪندو.