جيئي سنڌ نعري جو باني عظيم انقلابي طبقاتي ۽ قومي تحريڪ جو مھندار باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي 7 آڪٽوبر 1901ع تي فقير الھداد خان جتوئي جي گھر ۾ سنڌ جي عظيم تاريخي ماڳ موئن جي دڙي لڳ تعلقي ڏوڪري (اڳوڻي لب درياهه) ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ اڃان 4 سالن جو ھو ته سندس امڙ لاڏاڻو ڪري وئي،کيس سندس پي ڏاڏي، ڏاڏي ۽ پڦي پاليو.
ڪامريڊ پنھنجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ بکي ديري ۽ پو ڳوٺ پٺاڻ لڳ باقراڻي ۾ سال 1911ع تائين ورتي، جتان ھن سنڌي ست درجا پڙھي سنڌي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پھريون نمبر کڻي پاس ڪيو. موٽ ۾ سرڪار کيس اسڪالرشپ ڏني. ھن لاڙڪاڻي جي مدرسته الاسلام “ھاڻوڪي گرلس ڪاليج” مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو1924ع ۾ھن ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. 1927ع ۾ بي اي جو امتحان ممبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. 1928ع ۾ روينيو کاتي ۾ ھيڊ منشي مقرر ٿيو روينيو جي امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ پھريون نمبر آيو ۽ کيس مختيارڪار طور ذميواريون مليون. ھو 1931ع ۾ بدين جو مختيارڪار مقرر ٿيو. نوڪري دوران ڊگھڙي، ڏوڪري،گھوٽڪي، بدين، ميھڙ ۽ جيڪب آباد رھيو. گھوٽڪي ۾ نوڪري دوران کيس ٻيو نمبر پٽ ڪامريڊ مظھر جتوئي ڄائو، جيڪو پوءِ 1995ع ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر چونديو ويو. 1998ع ۾ ڪمون شھيد وٽ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻي مھل دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ان ڌرڻي جي قيادت ڪامريڊ مظھر، بينظير ڀٽو، امداد محمد شاهه ۽ ٻيا ترقي پسند، قوم پرست ۽ جمھوريت پسند اڳواڻ شامل ھئا.
جڏھن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊگھڙي ۾ مختيارڪار ھو ته مولوي حاجي محمد لغاريءَ سان سندس ويجھڙائپ ھئي، جتي ھو اڪثر ويندو رھندو ھو. ھڪ ڀيري مولوي احمد لغاري جي دعوت تي سندس ڳوٺ ويو، مولوي سندس لاءِ کاڌي جو وڏو بندوبست ڪيو. ڀلا ڀلا طعام تيار ڪيا ويا. ڪامريڊ اھي سڀ طعام ھارين نارين ۽ مدرسي جي شاگردن ۾ ورھائي ڇڏيا ۽ پاڻ ٻاجھري جي ماني کير سان کاڌي. سندس ان قدم جي وڏي واکاڻ ٿي. اتي ئي ھڪ شاگرد غلام محمد لغاري سندس ان ڪردار کان متاثر ٿيو، اھو ئي غلام محمد لغاري سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي سڄي عمر ملڪ ۾ھاري انقلاب سان گڏ قومي، جمھوري ۽ طبقاتي حقن لا جاکوڙيندو رھيو ۽ هن قيد ۽ بند جون سزائون ڪاٽيون.
1943ع کان 1944ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسر مقرر ٿيو. 1944ع ۾ کيس ترقي ڏئي ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو. 1945ع ۾ ھن ماڻھن تي ظلم ٿيندي ڏسي نوڪري کي لت ھڻي اچي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو.
سنڌ جي ھاري تنظيم جو بنياد جيتوڻيڪ 1930ع ميرپورخاص ۾ پيو ۽ ان کي 1936ع ٽنڊو ڄام ڪانفرنس سنڌ ھاري ڪميٽي جو نالو ڏئي ان جي جھنڊي ھيٺ ھارين جي حقن لا جاکوڙ ڪئي پر ان تحريڪ کي ڪامريڊ جتوئي سگھارو ڪرڻ، ڪاميابيون ڏيارڻ ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي کي ملڪ جي سگھاري طبقاتي، قومي ۽ جمھوري تحريڪ جو حصو بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
1945ع ۾ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شموليت کانپوءِ 3-4مارچ 1947ع تي سرھاري ھاري ڪانفرنس ۾ اڌو اڌ بٽئي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ان کي ڪاميابي ڏياري ان کي قانوني تحفظ ڏيارڻ لاءِ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ جي تحريڪ ھلائي، 1950ع ۾ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (ھارين جي حقن جو قانون سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو. اھا سنڌ ھاري ڪميٽي جي ٻي وڏي ڪاميابي ھئي).
ناليوارو دانشور علي احمد بروھي لکي ٿو “ھاري انقلاب جي سنيھي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦھلائڻ ساڻ گڏ، حيدر بخش جتوئي جو وڏو ڪارنامو ھي ھيو ته ھن ھارين جا سچا ھڏ ڏوکي ورڪر پيدا ڪيا. ھي سندس خوش نصيبي پڻ ھئي جو کيس پاڻ جھڙا جوشيلا، سر ڦريا ۽ سرويچ ساٿي ھمراهه مليا جن آخري دم تائين تحريڪ سان توڙ نڀايو.”
ڪامريڊ جتوئي جي قيادت ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي نه رڳو ھاري انقلاب لاءِ جدوجھد ڪئي پر ملڪ جي قومي جمھوري تحريڪ ۾ پڻ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1948ع ۾ جڏھن گورنر جنرل محمد علي جناح ۽ وزير اعظم لياقت علي خان ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج ھئي، رتوديرو ھاري ڪانفرنس جنھن ۾ ڪامريد حيدر بخس جتوئي کي صدر چونڊيو ويو، ان ڪانفرنس ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ خلاف قرارداد پاس ڪندي مرڪز جي آمراڻي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ٻين ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۾ ٺھرا پاس ڪيا ويا. 1955ع ۾ جڏھن سنڌ سميت ٻين قومي وحدتن جي وجود کي ڪاپاري ڌڪ ھڻي، ون يونٽ کي ٿوپيو ويو ته ڪامريڊ جتوئي ان فيصلي خلاف سينو ساھي بيٺو، کيس سنڌ اينٽي ون يونٽ ڪميٽي جو سيڪريٽري چونڊيو ويو.
سنڌ ھاري ڪميٽي ون يونٽ کي ختم ڪري سنڌ جي وجود کي ٻيھر بحال ڪرائڻ ترجيح بڻائي ڇڏيو. ڪامريڊ حيدربخش ھن تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. ھن ون يونٽ خلاف فڪري ۽ عملي جدوجھد ڪئي. ون يونٽ خلاف ڪيترائي پمفليٽ لکيا، جنھن جي پاداش ۾ کيس قيد ۽ بند جون سختيون سھڻيون پيون. ان کي سائين جي ايم سيد ھن طرح بيان ڪيو آھي.”1955ع ون يونٽ ٺاھڻ وقت ان جي خلاف ڪتاب لکيا، احتجاجي آواز بلند ڪيو ٺھرا پاس ڪرائين، ان جي عيوض اسان سان گڏ کيس جيل موڪليو ويو، پر ھن جي ھمٿ ۽ استقلال ۾ ڪابه ڪمي نه ٿي.” سندس بي لوث جدوجھد سبب کيس نوابشاهه ۾”بابا سنڌ” جو خطاب ڏنو ويو. 1970ع ۾ ون يونٽ ٽوڙيو ويو ۽ سنڌ صوبي جي بحالي جو اعلان ٿيو.
1956ع ۾ جڏھن ڪراچي يونيورسٽي پاران سنڌي ٻولي جي ذريعي امتحان واري حيثيت ختم ڪئي وئي ته ڪامريڊ جتوئي انگريزي ۾ ھڪ نھايت ئي فڪر انگيز ۽ مدلل پمفليٽ لکيو، جيڪو (Shall Sindhi language stay in Karachi or not ) جي عنوان سان شايع ٿو. اھڙي ريت جڏھن 1954ع ۾ گورنر جنرل غلام محمد دستور ساز اسمبلي ٽوڙي ڇڏي ته ھن “ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽر شپ ان پاڪستان” نالي پمفليٽ لکيو ۽ جڏھن جسٽس منير احمد ان فيصلي کي جائز قرار ڏنو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي “ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس” نالي ان خلاف پفليٽ لکيو. جنھن جي نتيجي کيس گرفتار ڪري سخت سزا ڏني. هن “ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي، ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي، اپيل ٽو سٽيزنز آف پاڪستان” سميت ڪيترائي پمفليٽ، انقلابي گيت،ھاري ڪھاڻين ۽ ڊراما لکي عوام جو ڪيس وڙھيو. ان کان سواءِ ھن قرآن مجيد جو موضوع وارا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ھن جتي ھارين مزدورن ۽ نوجوانن لاءِ گيت لکيا اتي ھن مصطفيٰ جي ماءُ جي عنوان سان گيت لکي پنھنجي زال جي ڪردار کي ساراھيندي ھن چيو “اي حيدر، گيت پنھنجي زال جا گاءِ! تو غالب ۽ شيرازيءَ کي شرماءِ! ھارين ۽ پورھيتن جو ھي عظيم اڳواڻ 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. پاڪستان جي فاشسٽ حڪمرانن پاڪستان جي نعري تي جڏھن پاڪستان کي قومن جو قيد خانو بنائڻ ۽ جمھوري آواز کي چيڀاٽڻ واري روش اختيار ڪئي ته ھن پاڪستان زندہ آباد جي عنوان سان لکيل گيت پاڪستان جي حڪمرانن کي وائکو ڪندي لکيو:
“ڀريو ڀل قيدخانن کي! ڪيو قابو جوانن کي،
مرايو مهربانن کي نهوڙيو نڪته دانن کي،
اجهايو شعدانن کي ڇڏيو ڪاٽي زبانن کي،
پڙهو قومي ترانن کي ته پاڪستان زنده آباد.”