ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ حڪومت سستو اٽو فراهم ڪري

Editorial

ملڪ ۾ اٽي جو بحران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪري غريب عوام لاءِ اٽو وٺڻ پڻ مسئلو ٿي ويو آهي. ڪئين شهر آهن جن ۾ اٽي جي کوٽ وڌي رهي آهي. اٽُو هڪ اهڙو اسم آهي، جنهن کي هر ماڻهو استعمال ڪري ٿو پر اهو اسم ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿي رهيو آهي. ڪٿي اٽو 90 روپيا ڪلو ته ڪٿي 100 ڪلو وڪامي رهيو آهي. پاڪستان هڪ اهڙُو ملڪ آهي، هڪ ملڪ ڪڻڪ جي پيداوار ججهي ڪندو آهي، پر تنهن هوندي به هتي اٽي جو بحران لڳو پيو آهي ۽ ان کان پوءِ وقت بوقت ڪڻڪ ٻاهران گهرائي ويندي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي ملڪ ايترو پاڻڀرو نه ٿي سگهيو آهي جو پنهنجي ڪڻڪ وسيلي اٽي جو بحران ختم ڪري سگهي. پر هتي اڄ ڏينهن تائين عام ماڻهوءَ لاءِ اهڙي صورتحال پيدا نه ٿي سگهي آهي جو عوام کي سستو اٽو ملي سگهي. ڪڻڪ ملڪ جي هر صوبي ۾ پيدا ٿئي ٿي، تنهنڪري ان جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ ان کي سستو ڪرڻ جي ذميواري صوبائي حڪومتن جي آهي. پنجاب حڪومت اٽي جو بحران ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. ان کان سواءِ اتي اٽي جا اگهه به مناسب مقرر ڪيا ويا آهن. ان سان اتان جي عوام کي وڏو رليف ملي سگهي ٿو.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب پنجاب حڪومت عوام کي رليف ڏيندي 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 650 مان گهٽ ڪري 490 روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حمزا شهباز چيو آهي ته اٽي لاءِ پنجاب ۾ ڪٿي به لائنون لڳڻ نه ڏينداسين. پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حلف نه وٺڻ جي بيماري ايوان صدر مان هلي ۽ گورنر هائوس ۾ ديرو ڄمائي ورتو. پرويز الاهي ڪسٽوڊين آف دي هائوس ٿي ويٺل آهي. ڪسٽوڊين آف دي هائوس غنڊن ذريعي حملو ڪرايو. اسپيڪر آئين جي تحت وقتي گورنر جو حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو، ڏيڍ مهينو ٿي ويو آهي، مون وٽ ڪابه ڪابينا نه آهي. حمزه شهباز چيو ته صوبي جي خدمت جي جذبي سان اڳيان وڌندو رهندس. عمران نيازي سياست نه پيو ڪري پر هو سياست جي آڙ ۾ انتشار پکيڙي رهيو آهي. عمران نيازي ملڪ ۾ افراتفري چاهي ٿو. اڄ هي انقلاب جا نعرا لڳائي رهيا آهن. 4 سالن ۾ ملڪ کي سونامي ذريعي تباهه ڪيو ويو. عمران خان ادارن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته معيشت وينٽي ليٽر تي آهي، جڏهن ته سياسي ڇڪتاڻ عروج تي آهي. هي ماڻهو فوج کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس کي 7 سال ٿي ويا. ادارن کي چوڻ چاهيان ٿو ته هن ماڻهوءَ تي نظر رکو. جيڪڏهن رات جو 12 وڳي عدالتون نه کلن ها ته ملڪ ٺاهڻ بنانا ري پبلڪ هجي ها. هن چيو ته اسان آمريڪا سان برابريءَ جا لاڳاپا چاهيون ٿا. هن ماڻهو پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچايو آهي. سنڌ ۾ به اٽو مهانگو ملي رهيو آهي، اهڙي ريت جيڪڏهن رڳو سنڌ ۾ ڪڻڪ غيرقانوني طور ذخيرو ڪئي پئي وڃي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪڻڪ گودامن مان ڪڍي عوام لاءِ استعمال ڪئي وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ عوام کي اٽو مهانگي اگهه تي ملي رهيو آهي، تنهنڪري جيترو جلدي ٿي سگهي، سنڌ حڪومت به اٽو سستو ڪري ۽ عوام کي رليف ڏنو وڃي. ان کان اهم ڳالهه اها آهي ته اٽي جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته عوام کي هر حال ۾ سستو اٽو گهرجي ٿو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اٽي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ لائحه عمل تيار ڪيو وڃي. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ عوام کي سستو اٽو ته ملي ويندو ۽ عوام جي کيسي تي بار به هلڪو ٿيندو. تنهنڪري سنڌ حڪومت اٽي کي جيترو سستو ڪري سگهي ٿي، ان ۾ دير نه ڪري. ڇاڪاڻ ته عوام هڪ پاسي مهانگائيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ٻيو غربت جو شڪار آهي. اهڙي حالت ۾ عوام کي سستو اٽو فراهم لازمي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button