سنڌ

خيرپور ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عورتن جي ريلي، احتجاجي مظاهرو

خيرپور ضلعي جي مختلف واهن ۽ شاخن ۾ نهري پاڻي جي کوٽ خلاف خيرپور ۽ ڀروارن علائقن جي سوين عورتن مريم توب کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ شهناز شيخ، بيبل ميتلو، فرحانه سومرو، حضوران، پروين شيخ، ريشما، ساجده ميتلو ۽ ٻيون عورتون ڪري رهيون هيون. ان موقعي تي شهناز شيخ چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، پاڻي نه هجڻ سبب هڪ طرف فصل سڪي رهيا آهن، جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، پاڻي نه هجڻ سبب مڇيءَ جا تلاءَ به سڪي رهيا آهن، هزارين مڇيون روزانو مري وڃن ٿيون. هن چيو ته پنجاب چشما لنڪ ڪئنال کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي پر سنڌ جا حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، اسان عورتون مجبور ٿي سخت گرمي ۾ احتجاج ڪري رهيون آهيون پر حڪمرانن جي ڪن تي جون به نه ٿي چري. هنن مطالبو ڪيو ته چشما ڪئنال بند ڪري سنڌو درياءَ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سنڌ پنجاب روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button