سنڌ

ڏهرڪي ۾ 2 مهينن کان پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي ريلي، ڌرڻو

ڏهرڪي تعلقي جي مختلف واهن ۽ شاخن ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه پهتو، آبادگارن احتجاج ريلي ڪڍي جي ٽي روڊ تي ڌرڻو هنيو. خبر موجب ڏهرڪي تعلقي جي مختلف واهن ۽ شاخن سيهڙ واهه، ڏهر واهه، نرلي مائينر، نهال واهه، الهيار شاخ سميت ٻين واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ خلاف آبادگارن سڪندر شر، رجب شر، شبير ڪوڀر، امير بخش راڄڙي، برڪت ڪوڀر ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب اڳ ئي ٻه مهينا گذرڻ باوجود گهوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ مختلف واهن سيهڙ واهه، نرلي مائينر، ڏهر واهه، نهال واهه سميت ٻين شاخن ۾ اڃان پاڻي ڇوڙ ناهي ڪيو ويو، جنهن جي ڪري اسان جو ڪمند ۽ ٻيو فصل سڙي تباهه ٿيڻ سان گڏوگڏ وونئڻن جي پوکائي پڻ متاثر ٿي رهي آهي. جنهن سان آبادگارن کي سخت نقصان رسڻ جو خدشو آهي، ويتر ايس ڊي او آبپاشي محمد سچل نائچ نرلي مائينر جا موڳا پٽ ڪري موڳن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ لاءِ هاڻي ڪم شروع ڪيو ۽ في موڳي تي آبادگارن کان نئين سر تعمير ڪرڻ جي آڙ ۾ 50 هزار رپيا رشوت گهري رهيو آهي. هنن چيو ته موڳن جي مرمتي ڪم ۾ دير سبب ويتر نرلي مائينر کي پاڻي دير سان ڏنو ويندو، جيڪو زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺي واهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري فصل بچايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button