سنڌ

ڪراچي جي عدالت ٻاھران کنڀيل 2 ڀائر پيرڳوٺ پهچي ويا

ڪراچي ۾ ملير جي عدالت مان حاضري بعد واپسي دوران کنڀي گم ڪيل پيرجوڳوٺ واسي 2 ڀائر پرويز علي لاکو ۽ فياض لاکو 5 ڏينھن گذرڻ بعد پيرجوڳوٺ پھچي ويا آھن. ان سلسلي ۾ آزاد ٿيل ڀائرن پيرجوڳوٺ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ اسان ملير جي عدالت مان حاضري بعد واپس اچي رھيا ھئا سين تھ روڊ تي بيٺل سادي لباس ۾ پوليس اھلڪارن اسان کي کنڀي اکين تي پٽيون ٻڌي ھڪ انڌيري ڪمري ۾ بند ڪري مختلف طريقن سان پڇاڳاڇا ڪئي ۽ اسان جي مخالفن سان ھلندڙ پلاٽ جي مامري تي ڌمڪيون ڏنيون، بعد ۾ سنڌي ميڊيا تي اسان جي گم ٿيڻ جون خبرون ھلڻ بعد اسان کان کسيل رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪري اسان جون اکيون ٻڌي قائد آباد واري علائقي ۾ ڦٽو ڪري ويا جنھن بعد اسان ڳوٺ پھتا آھيون. ھنن الزام ھڻندي چيو تھ اسان جي مخالفن جي چرچ تي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو ميڊيا جي مھرباني سان آزاد ٿي گهر پهتا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button