ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊي سيٽ ٿيل پي ٽي آءِ جا “باغي” ميمبر

Editorial-Article- Yameen Jatoi

هن ملڪ ۾ ڪيڏي مهل ڪجهه به ٿيڻ جا امڪان هر وقت رهندا آهن. جڏهن نيازي خلاف سياسي وٺ پڪڙ شروع ٿي ته ايئن سمجهيو پئي ويو ته هاڻي سندس باب پورو ٿيو. پر ٿورن ڏينهن اندر ئي نيازي کي جلسن ذريعي مٿي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا هن مهل تائين جاري آهي. چيو پيو وڃي ته هي سڀ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ جي اندروني ڇڪتاڻ جو نتيجو آهي ۽ ان ڇڪتاڻ ۾ نيازي جي حامي اسٽيبلشمينٽي ڌڙي جو پلڙو ڀاري قرار ڏنو پيو وڃي. جنهن جو هڪ اظهار ته نيازي جي جلسن ۾ ماڻهن کي وڏي پئماني تي جيڪا شرڪت ڪرائي پئي وڃي، ان مان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٻيو اظهار وري پنجاب اسيمبلي جي پي ٽي آ جي 25 باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري فيصلي مان ٿي رهيو آهي.
اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي ۾ حمزا شهباز کي وڏي وزير جو ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي 25 باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن خلاف ريفرنس تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اتفاق راءِ سان باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جا ميمبر حمزا شهباز کي ووٽ ڏئي باغي ٿيا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ميمبرن وڏي وزير جي چونڊ ۾ مخالف ڌر جي اميدوار کي ووٽ ڏنو. مخالف ڌر جي اميدوار خلاف ووٽنگ انحرافي ثابت ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن انحراف ڪندڙ ميمبرن جي خلاف ووٽنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي مان منحرف ميمبرن جي رڪنيت ختم ڪئي پئي وڃي، انهن ميمبرن جون سيٽون هاڻي خالي آهن. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي 3 رڪني بينچ گڏيل طور تي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي طرفان منحرف ميمبرن خلاف موڪليل ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. انهن مان 5 ميمبرن جو تعلق عليم خان گروپ، 4 جو تعلق اسد کوکر گروپ ۽ 16 جو تعلق جهانگير ترين گروپ سان آهي. پي ٽي آءِ طرفان ڄاڻايل ريفرنس جي شنوائي دوران چيو ويو ته باغي ميمبرن ن ليگ جي اڳواڻ حمزا شهباز کي پارٽي جي فيصلي جي ابتڙ ووٽ ڏنو، ان ڪري منحرف ميمبرن پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، انهن کي هٽايو وڃي. ٻئي طرف منحرف ميمبرن پنهنجي دفاع ۾ چيو ته پي ٽي آءِ قيادت پنجاب اسيمبلي ۾ قائد ايوان بابت ڪا به هدايت ناهي ڏني. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي تحت صدارتي ريفرنس جي معاملي تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته پارٽي پاليسي خلاف اسيمبلي جي منحرف ميمبر جي ووٽ کي ڳڻپ نه ڪيو ويندو. جڏهن ته تاحيات نااهلي يا نااهلي جي فيصلي جو پارليامينٽ جي صوابديد تي ڇڏيو ويو. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جلد 25 منحرف ميمبرن جي ڊي سيٽنگ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. پي ٽي آءِ 5 مخصوص سيٽن لاءِ ميمبر نامزد ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکندي. اليڪشن ڪميشن 20 جنرل سيٽن تي ضمني چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪندي. جڏهن ته اختلافي ميمبرن جي ڊي سيٽنگ سبب خالي ٿيل 20 جنرل سيٽن تي ٻن مهينن ۾ چونڊون ڪرايون وينديون.
چيو پيو وڃي ته تحريڪ انصاف جي 25 باغي ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ کانپوءِ پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرن واري راند دلچسپ ٿي وئي آهي. موجوده صورتحال ۾ ايوان 345 ميمبرن جو آهي جنهن ۾ تحريڪ انصاف جا 158 ۽ اتحادي ق ليگ جا 10 ميمبر ملائي ڪري ڪل 168 ميمبر آهن. ٻئي پاسي حڪمران اتحاد جو انگ ن ليگ 165، پيپلز پارٽي 7، راهه حق پارٽي جو هڪ ۽ 4 آزاد اميدوار گڏائي ڪري 177 ٺهي ٿئي ٿو. پر ن ليگ جا چار ناراض ميمبر جيڪڏهن ووٽ ڪاسٽ نه ڪندا ته پوءِ اهو انگ 173 ٿي ويندو، چوڌري نثار آزاد اميدوار جي حيثيت سان اڃا تائين چپ آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف به مخصوص سيٽن تي 5 ميمبرن جي فوري شموليت لاءِ پراميد آهي پر ان باوجود خالي ٿيندڙ 20 سيٽن تي چونڊن کان پهريان مخصوص سيٽن جو تناسب طئي ٿيڻ ممڪن نظر نه پيو اچي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير لاءِ چونڊ ٻيهر ٿئي ٿي ته پوءِ جيڪو به اميدوار ڪل ميمبرن جي سادي اڪثريت جي حمايت حاصل ڪري ٿو هو وڏو وزير چونڊجي ويندو ۽ موجود پارٽي پوزيشن جي حساب سان ن ليگ کي سرسري حاصل آهي. 16 اپريل تي ن ليگ جي حمزا شهباز پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ٿيل چونڊ ۾ 197 ووٽ حاصل ڪيا هئا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حمايت يافته پرويز الاهي کي چونڊ عمل جي بائيڪاٽ سبب ڪو به ووٽ نه ڏنو ويو هو.
اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب اسيمبلي جي باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته باغي ميمبر فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو حق رکن ٿا. 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ سان پنجاب حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان هڪ هفتو پهريان اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ گهري رهيو، اڄ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي دهل وڄايا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن جو 25 باغي ميمبرن بابت فيصلو آيو آهي پر پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ ۽ اتحادين جو انگ پورو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته 25 ميمبرن کي ڏينهن جي روشني ۾ عمران خان جي مهانگائي واري پاليسي جي خلاف ويندي ن ليگ کي ووٽ ڏنو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هن ڪيس جو فيصلو ته هڪ مهيني ۾ اچي ويو پر فارن فنڊنگ جو 8 سالن کان شنوائي هيٺ آهي، ان جو فيصلو به ڪيو وڃي. ان ڪيس ۾ عمران خان سميت سڄي پي ٽي آءِ قيادت نااهل ٿيڻ گهرجي. هڪ هفتو پهريان عمران خان اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪري رهيو هو، آئين جي وقار لاءِ عدالتون کليون ته انهن کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا. هي 25 باغي ميمبر نتيجي بابت ڄاڻن پيا، اڄ 25 ڊي سيٽ ناهن ٿيا پر عمران خان جي منهن تي 25 چماٽون لڳيون آهن. باغي ميمبرن عمران خان جي پاليسي سان بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو.
مريم نواز پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪجهه به ڪن، سندن شينهن کان پنجاب کسڻ وارو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويو. هن چيو ته صوبي کي فرح گوگيءَ جي ڦرلٽ ۽ تباهي جي حوالي ڪري ڇڏڻ تي سخت ڪاوڙ آهي، پنجاب وارا ايندڙ چونڊن ۾ حساب پورو ڪري ڇڏيندا. مريم نواز وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گاريون ڏيندڙ عمران خان ٿورو شرمسار ته ٿيو هوندو پر لڳي نٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button