ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوشل ميڊيا جو شور ۽ تنقيد جو شعور

Editorial-Article-Umer Qazi

عمران خان پاران مريم نواز جي حوالي سان ملتان واري جلسي ۾ جيڪو رمارڪ ڏنو ويو آهي، ان جي گونج سوشل ميڊيا تي هڪ ڏينهن گذرڻ جي باوجود به پوري زور شور سان موجود آهي. هونءَ ته اسان جو سوشل ميڊيا هڪ اهڙو ماڳ بڻجي ويو آهي، جنهن جي باري ۾ ڪا به ادب جي حد مقرر ڪرڻ تمام گهڻي مشڪل آهي. سوشل ميڊيا تي ان قسم جو نمونو ڏسي تمام گهڻا ڀيرا اسان جي ملڪي حڪمرانن کي به اهو خيال آهي ته ڇو نه سوشل ميڊيا تي پابندي عائد ڪري ڇڏي. بقول شاعر ”نه رهي گا بانس، بجي گي بانسري“ هونءَ به هن دور ۾ به هن دنيا ۾ اهڙا ملڪ موجود آهن، جتي سوشل ميڊيا تي اهي فورم موجود ئي ناهن، جن جي ڪري هن مهل نه صرف حڪمران هيسجي ويا آهن پر رياستن جو اهڙو حشر ٿي ويو آهي جو اهي سوشل ميڊيا تي پيدا ٿيل را عاما سبب پنهنجو توازن برقرار رکي نه ٿيون سگهن.
ڇا اها حقيقت ناهي ته سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم تمام گهڻو بي لغام بڻجي ويو آهي. هن پليٽ فارم تان اهڙيون اهڙيون حرڪتون ٿين ٿيون، جن جو ذڪر اسان هڪ اخباري ڪالم ۾ ته ڪنهن به صورت ڪري نه ٿا سگهون. ڇو ته اسان جي پرنٽ ميڊيا جون اخلاقي حق بنديون آهن ۽ هجڻ به گهرجن پر سوشل ميڊيا ته پنهنجي جوهر ۾ بنهه آزاد آهي. اها ايتري ته آزاد آهي جو ان جي آزادگيءَ کي آزادگي نه پر آوارگي قرار ڏئي سگهجي ٿو. اسان جي آواره سوشل ميڊيا تي ڪو به پنهنجي اخلاقي معيار جي مهر هڻي نه سگهيو آهي. ڇو ته اهو ممڪن به ناهي. هونءَ به اسان جي حڪومتن جي هٿ ۾ ايتروئي آهي ته اهي سوشل ميڊيا جي سروس بند ڪري سگهن ٿيون. پر انهن جي هٿن ۾ اهو ڪجهه ناهي جنهن سان سوشل ميڊيا جي پاليسيءَ کي تبديل ڪري سگهجي. پاڪستان ته هڪ مسڪين ملڪ آهي. دنيا جا امير ۽ تمام گهڻا طاقتور ملڪ به سوشل ميڊيا جي مٿان پنهنجي پاليسي هلائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. ان ڪري اسان جهڙن ملڪن هي حڪمرانن جي حوالي سان ته اردوءَ جو اهو محاورو ئي پيش ڪري سگهجي ٿو ته ”ڪيا پدي ڪيا پدي ڪا شوربا“ اسان جا حڪمران ته سوشل ميڊيا جي آڏو پاڻ بيوس آهن. ڇو ته آئي ڏينهن سوشل ميڊيا تي انهن جو جيڪو به حشر ٿئي ٿو، ان کي هو روڪي ته ڇا پر انهن جي هو مزاحمت به ڪري نه ٿا سگهن. انهن کي معلوم آهي ته سوشل ميڊيا جي حوالي سان ڪجهه به چوڻ ککر ۾ کڙو هڻڻ جي برابر هوندو. ان ڪري هو سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ گند کي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان نه وٺندا آهن. انهن کي معلوم آهي ته هو سوشل ميڊيا جي مٿان ڪا به پابندي هڻي نه ٿا سگهن.
سوشل ميڊيا پنهنجي سائنسي سگهه سبب ئي نه پر پنهنجي آزاديءَ جي انتها تي پهچڻ جي حوالي سان ايتري ته سرڪش ٿي چڪي آهي جو ان کي ڪو به قابو ڪري نه ٿو سگهي. جڏهن جنهن شيءَ جي مٿان ڪنهن جو ڪو حق نه هلي ته ان شيءَ جي حوالي سان ڪوئي ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ان شيءَ جي باري ۾ ماڻهو ماٺ رهي ته بهتر آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا هڪ اهڙو ديو بڻجي ويو آهي، جنهن کي اسان ڪنهن به ڳالهه تي پنهنجي وس ۾ ڪري نه ٿا سگهون. اسان جي بيوسيءَ جي ان ڪيفيت کي ان مهل حيرت به محسوس ٿئي ٿي، جڏهن هر ڏينهن غيرت جو جنازو ڪڍندڙ سوشل ميڊيا کي هڪ ليڊر جي رمارڪ تي ايتري ته ڪاوڙ اچي وڃي جو اها آپي ۾ نه رهي.
ملتان واري جلسي ۾ عمران خان مريم نواز جي باري ۾ جيڪو جملو چيو اهو جملو هن مهل سوشل ميڊيا تي هڪ وڏي احتجاج جو باعث بڻجي ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار تي تمام گهڻي ڪاوڙ محسوس ڪندڙ ماڻهو پاڻ حيران آهن ته سوشل ميڊيا کي اهڙو ڇا ٿي ويو آهي جو هن ۾ غيرت جو هڪ وڏو آتش فشان ڦاٽي پيو آهي. جڏهن ته اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته هر شيءَ کي ڪرڻ جي هڪ حد به هوندي آهي ۽ هر شيءَ کي ڪرڻ جو هڪ هنڌ نه هوندو آهي. اسان ڪڏهن به حد کان وڌي بهتر ڪم ڪري نه ٿا سگهون ۽ اسان کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته اسان هر ڪم هر هنڌ تي نه ٿا ڪري سگهون. هر ڪم جي سلسلي ۾ ڪا نه ڪا روڪ ٽوڪ ۽ ڪا نه ڪا پابندي عائد ٿيل هجي ٿي.
سوشل ميڊيا پنهنجي آواره سرڪشيءَ جي حوالي سان ايترو ته اڳتي وڌيل آهي جو هن کي ڪنهن جي به ڪا پرواهه ناهي. جڏهن اسان اهڙي فورم تي غيرت برگيڊ جو اچانڪ تمام وڏو مارچ ڏسون ٿا ته اسان کي حيرت ٿئي ٿي. اسان کي ان مهل سوشل ميڊيا تي ٿيل تمام گهڻا گند ياد اچن ٿا. اسان کي ان مهل محسوس ٿئي ٿو ته ڇا سوشل ميڊيا کان اهو وسري ويو آهي ته هن جي ان پليٽ فارم تي ڇا ڇا نه ٿيو آهي؟ ان حوالي سان اها شيءَ به محسوس ڪرڻ گهرجي ته ڪير ڇا پيو ڪري؟
سوشل ميڊيا جي سرڪش طاقت آڏو جڏهن حڪومتون ۽ رياستون مجبور هجن ته اسان ڪير ٿيندا آهيون، ان کي ڪنهن به اخلاقي پابنديءَ جو اسير بڻائڻ وارا؟ اسان کي اها سگهه ناهي پر اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ته حق حاصل آهي جو اسان سوشل ميڊيا کي هڪ قسم جو آئينو ڏيکاري سگهون. هن کي چئي سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ غيرت جو ايترو گهڻو مظاهرو ان ميڊيا کي هرگز نه ٿو سونهين جنهن جي پاليسيءَ کي هن مهل تائين ڪو به روڪي نه سگهيو آهي. اسان سوشل ميڊيا کي پنهنجي مرضيءَ مطابق موڙي نه ٿا سگهون پر گهٽ ۾ گهٽ اسان اهو ضرور ڪري سگهون ٿا جو سوشل ميڊيا کي اهو ٻڌايون ته هن کي اخلاق جا معيار سمجهائڻ جو حق صرف ۽ صرف ان صورت ۾ حاصل ٿي سگهندو، جڏهن اها ميڊيا پاڻ به اخلاقي پابندين جو خيال رکي. جنهن سوشل ميڊيا تي عمران خان جي خلاف ايترو ته مواد آيو آهي ۽ ايترو ته گندو مواد آيو آهي، جنهن کي اسان بيان ته ڇا پر پرنٽ ميڊيا جي مٿان عائد پابندين جي ڪري حوالي ۾ به ڪم آڻي نه ٿا سگهون ته ان ميڊيا کي جڏهن اسان مريم نواز جي باري ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ ڏسون ٿا ته اسان کي غصي سان گڏ هڪ اميد ۽ هڪ دلاسو به محسوس ٿئي ٿو. اسان کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا اهو محسوس ڪيو آهي ته هر عورت کي عزت سان ڏسڻ گهرجي ته پوءِ انهن عورتن جي سلسلي ۾ به ساڳي پاليسي رکي وڃي، جيڪي عورتون سوشل ميڊيا تي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن بري سلوڪ جي سلسلي ۾ مثال بڻجن ٿيون. ڇا اسان جي سوشل ميڊيا کي اهو معلوم ناهي ته هر عورت عزت جي لائق هوندي آهي. جڏهن اسان عزت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته پوءِ اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته نه صرف هر عورت پر هر مرد کي به اهو حق آهي ته هو پنهنجي ذاتي عزت ۽ وقار جي سلسلي ۾ پنهنجا حق محسوس ڪري ۽ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تي انهن سان ٿيندڙ ڪلورن جي باري ۾ اهو ڪجهه بيان ڪري جيڪو ڪجهه انهن جي روحن کي رنجائيندو رهيو آهي.
سوشل ميڊيا کي جيڪڏهن مريم نواز جي باري ۾ عمران خان جا لفظ برا لڳا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ عمران خان جي حوالي سان سوشل ميڊيا جي ڪردار کي به ڪنهن طرح سان فراموش نه ڪرڻ گهرجي. ڇا اها ساڳي ميڊيا ناهي ته جنهن عمران خان جي ڪنهن به خاندان کي ڪنهن به طرح سان نه بخشيو آهي. جنهن ميڊيا عمران خان جي مٿان تمام گهڻا حملا ڪيا هجن. جنهن سوشل ميڊيا عمران خان جي عزت ۽ وقار کي مجروح ڪيو هجي، ان ميڊيا کي اهو حق ڪيئن حاصل ٿيندو ته اها عمران خان کي اخلاقيات جو سبق پڙهائي. جڏهن ته ان ڳالهه جو مطلب اهو ڪنهن به صورت ۾ نه وٺڻ گهرجي ته عمرا خان مريم نواز جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چيو هو ٺيڪ هو. عمران خان جي اهڙي عمل کي ته هن جي پارٽي به بهتر نه ٿي سمجهي پر اسان سوشل ميڊيا جي ان ڪردار تي حيران آهيون، جيڪو عمران خان جي سلسلي ۾ ته يوٽرن جو لفظ تمام گهڻي سخاوت سان استعمال ڪري ٿو پر هن کي پنهنجي يوٽرن جو ڪو به خيال نه ٿو اچي. جڏهن ته جيترا يوٽرن سوشل ميڊيا وٽ آهن، ايترا ته ڪو به سياستدان افورڊ ڪري نه ٿو سگهي. ان ڪري سوشل ميڊيا کي ڪجهه سمجهڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button