ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدر بخش جتوئي: هڪ ثابت قدم انقلابي

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

ڪلهه 21 مئي هئي جنهن ڏينهن تي سنڌ جي مظلوم ھارين، ھارياڻين، پورھيتن ۽ پيڙيل ماڻهن جو عظيم اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جو يگانو ليڊر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجن لکين چاهيندڙن کي وڇوڙي جا وڍ ڏيئي پاڻ ته ھميشه لاءِ جدا ٿي ويو پر سندس وفات کان پوءِ ھارين جي ھي سگھاري تنظيم پڻ يتيم ٿي ويئي. ڇاڪاڻ ته حيدر بخش جتوئي صاحب جا پراڻا ساٿي ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ھن جھان مان موڪلائي ويا. ڏھن ٻارھن سالن جي وڇوٽي کان پوءِ جتوئي مرحوم جو پوٽو اظھر حسين جتوئي جڏهن جوان ٿيو ته ھن ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي ڏاڏي جي ورثي کي بچائڻ ۽ ان ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي جيڪا به ڪوشش ڪئي ان جو ڪو خاص نتيجو نه نڪتو، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ جي سخت بيماريءَ وارن پڇاڙڪن مھينن ۾ مزدورن ۽ ھارين جي حقن خاطر سوشلزم جا نعرا هڻندڙ ھڪ نئون لاڙڪاڻي ڄائو سياسي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي افق تي نه رڳو ظاهر ٿيو بلڪ ڪجھه ھفتن اندر چترال کان ڪراچيءَ تائين سندس ھاڪ ۽ ڌاڪ کيس ايئن ئي مقبول عوامي ليڊر بڻائي ڇڏيو جيئن اڄڪلھه پاڻ اقتدار مان ڪڍي ٻاهر ڪيل تحريڪ انصاف جي سربراھه عمران خان جي مقبوليت جو عالم ڏسون ٿا پيا.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1901 ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جي بکوديرو نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي اعليٰ تعليم پرائڻ جو شوق هوندو هو. پرائمري ۽ فائينل لاڙڪاڻي مان پاس ڪري پاڻ ڪراچيءَ جي سڀ کان شاندار ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ اتان بي اي(آنرز ) ڪيائين. 1927 ۾ 26 سالن جي ڄمار ۾ کين سنڌ جي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ سروس ملي ويئي. سندس ڀلي ڪارڪردگي کي ڏسندي انگريز ڪمشنر حيدر بخش جتوئي صاحب کي پروموشن ڏيئي مختيارڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو. ڪراچيءَ ۾ سندس دوستي کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ اديبن شاعرن ۽ دانشورن سان ٿي. پنھنجو سرڪاري ڪم ڪار پورو ڪري، جتوئي صاحب باقي وقت مارڪسي فڪر کي پڙهڻ ۽ گڏوگڏ ھيگل، چارلس ڊارون، اينجلز کي پڙهندو هو. شاھه لطيف سائين وانگر مولانا جلال الدين روميءَ جو ديوان به پاڻ وٽ محفوظ رکيل ھوندو ھئس. اھو ان ڪري جو فارسي ادب ۽ شاعريءَ کي به ڪامريڊ شوق سان نه رڳو پڙھندو ھو پر فارسي ۾ عالم فاضل جي ڊگري به حاصل ڪئي ھئائين.
مختيارڪار جي حيثيت ۾ کيس سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زميندارن ۽ سندن ھارين سان ملڻ جو بار بار موقعو ملندو هو، جنهن مان ھن حساس انسان دوست آفيسر اندازو لڳائي ورتو ھو ته سنڌ جا ھاري ۽ سندن ٻچڙا غلاميءَ جھڙي بدترين حياتي گھارين ٿا جڏهن ته زميندار ۽ نواب ڏاڍي ٺٺ ٺانگر سان عياشيءَ ۾ رڌل آهن. حيدربخش جتوئي صاحب محسوس ڪيو ته انساني اڪثريت جي ڏينهن رات پورھئي مان زميندارن جي اقليت جاوا ڪري ٿي جڏهن ته ھارين ۽ پورھيتن جي زندگي ڏکن ڏوجھرن ۾ گذري ٿي. زميندار کين سندن محنت جو اجورو به نالي ماتر ڏين ٿا ۽ ڌن دولت چند وڏا ماڻهو ميڙي رهيا آهن. ان زماني نه ٽريڪٽر ايجاد ٿيا ھئا ۽ نه ئي ڪا ٻي مشينري تنھن ڪري سياري جي سيءَ توڙي اونهاري جي ڪاڙھن ۾ ڪڙھي جيڪي محنت ڪش پورھئو ڪن ٿا تن جي پيرن ۾ جتي به ناهي ۽ نه سندن مٿي تي پڪي ڇت آهي. ھي اھو ئي دؤر ھو جنھن ۾ مشهور شاعر ڪشنچند بيوس جو ھي نظم گھڻو مقبول ٿيو ته:
الله جھري م شال غريبن جي جھوپڙي.
سرڪاري نوڪري جي ڪري جتوئي صاحب کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃڻو پوندو هو. اھو ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويندو هو ته مغلن، ڪلھوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ جن وطن دوست قومي اڳواڻن آزاديءَ خاطر جدوجهد ۾ پنھنجن سرن جا نذرانا پيش ڪيا ۽ ڦاھيءَ جي ڦندي کي چمندي ڦاسي چڙهي ويا تن جو اولاد ڏکن ۽ سورن ۾ آهي يا قيدخانن ۾ پوريل آهي پر جن ماڻهن وطن سان غداري ڪري، ڌارين آقائن سان وفاداري ڪئي ھئي، انھن کي ئي ھر دؤر ۾ انعام طور ٻنيون ٻارا ۽ جاگيرون ڏنيون ويون. سندس ايمان ڪارل مارڪس جي انھيءَ فلسفي تي پختو ٿيندو رهيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سرمائيدار ۽ جاگيردار نوي سيڪڙو کان به وڌيڪ پورھيتن، ھارين، ڪمين ڪاسبين جي محنت تي ڄؤرن جيان رت پياڪ بڻجي پلجن پيا ۽ انسان ذات جي تمام وڏي گھڻائي سندن پورهئي جي استحصال سبب زندگيءَ جي سکن کان وانجهيل آهن. ھي ظالماڻو نظام جيستائين قائم رهندو تيسين دنيا جا مزدور سک نه ڏسندا.
اھڙي ريت ھڪ سرڪاري آفيسر مان حيدر بخش جتوئي صاحب اھڙو انقلابي بڻجي ويو جنهن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مختيارڪار مان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيڻ شرط اھو فيصلو ڪري ورتو ته انگريزن جي نوڪريءَ بجاءِ غريب مسڪين ھارين ۽ پورھيتن جي نوڪري ڪرڻ وڌيڪ افضل ۽ عزت شان واري آهي. نيٺ پاڻ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي کي لت هڻي، استعيفا ڏيئي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي ويو. 22 جون 1947 تي ميرپورخاص ڀرسان جھڏو ۾ ھڪ عظيم ھاري ڪانفرنس ڪوٺائي ان ۾ اھو تاريخي ٺھراءُ منظور ڪرائي ڇڏيائين ته ھرھڪ زميندار پنهنجي فصل مان اڌو اڌ ھارين کي بٽئي ڪري ڏيندو. انھيءَ ٺھراءُ ۾ انگريز سرڪار کان ھن مطالبو ڪيو ته ھارين جي حقن جي حفاظت لاءِ اھڙو قانون پاس ڪرڻ گهرجي. جھڏي ۾ ڪوٺايل ھن ھاري ڪانفرنس ۾ ڏھه ھزار محنت ڪش مرد ۽ زالون شريڪ ٿيا ھئا.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1955 ۾ جيئن ئي پنجاب جي چوڌرين ملڪ مٿان ون يونٽ جو نظام مڙهيو ته حيدر بخش جتوئي صاحب پنهنجي تنظيم جي سمورين شاخن جي عھديدارن کي وفاق جي انھيءَ ظالماڻي فيصلي خلاف ھر ھنڌ ھڙتال ۽ احتجاج ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. کيس گرفتار ڪري جيل ۾ واڙيو ويو. جيل ۾ به ھو سنڌ ھاري ڪميٽي کي تحرڪ ۾ رکڻ لاءِ نوان نوان پمفليٽ لکي موڪليندو هو ته جيئن ساٿ ھلندو رھي، لاٽ ٻرندي رهي. ورھاڱي کان پوءِ ڪامريڊ جي حياتيءَ جو وڏو وقت جيلن ۾ ئي گذريو پر ھن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجي قول ۽ فعل ۾ فرق پيدا ٿيڻ نه ڏنو. 28 نومبر 1969 تي جنرل يحيٰ خان جڏهن ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ته ان سان گڏ سمورن سياسي قيدين کي به آزاد ڪيو ويو. اسان جيل مان نڪرڻ بعد شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي سان گڏجي ڪامريڊ جي گھر حيدر چوڪ پھتاسين جتي سخت بيمار ھوندي به مون سندس جوش جذبي کي سلامت ڏٺو. سندس مشهور نظم آھي:
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ،
جام محبت پيئي سنڌ.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button