يامين جتوئي
اسٽريٽجي ۽ ٽيڪٽڪس:
انقلابي سياست ۾ اسٽريٽجي ۽ ٽيڪٽڪس جي سوال جي وڏي اهميت رهندي پئي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو انقلابي جدوجهد هر سياسي پارٽي کان ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿي ته هو ان جي وضاحت ڪري ته هو ڪٿي بيٺل آهي. يعني پنهنجي اسٽريٽجي ۽ ٽيڪٽڪس کي چٽائي سان بيان ڪري. جيڪڏهن ڪا به انقلابي پارٽي ڪو پروگرام ترتيب نه ڏئي سگهندي ته ان جي انقلابي جدوجهد واضح حڪمت عملي ۽ ٽيڪٽڪس کان وانجهيل ئي رهندي. پارٽي پرگرام، اسٽريٽجي ۽ ٽيڪٽڪس کان سوا ڪا به انقلابي جدوجهد ٿي نٿي سگهي. اهو هڪ اهڙو ڪائناتي سچ آهي، جنهن کي هر انقلابي ڪارڪن هينئين سان هنڍائڻ گهرجي. تنهنڪري، اها هر انقلابي پارٽي ۽ ان جي ليڊرشپ يا قيادت جي بنيادي ذميواري هوندي آهي ته پنهنجو پروگرام (لائحه عمل) اسٽريٽجي (حڪمت عملي) ۽ ٽيڪٽڪس (طريقيڪار) کي واضح ڪري. اهڙي نموني ڪامريڊ بخشل به پنهنجي انٽرويو ۾ اسٽريٽجي ۽ ٽيڪٽڪس تي ڳالهيون رکيون آهن. هو انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چئي ٿو: ”انقلاب ۾ هڪ تياري جو ڏاڪو هوندو آهي ٻيو حملي جو ڏاڪو. تياري جي ڏاڪي ۾ توهان جون اسٽريٽجيز ۽ ٽيڪٽڪس ٻيون هونديون، حملي واري ڏاڪي ۾ اسٽريٽجيز ۽ ٽيڪٽڪس ٻيون هونديون.“ ان بيان مان اهو لڳي ٿو ته ڪامريڊ بخشل ڄڻ اسٽريٽجي ۽ ٽيڪٽڪس کي هڪ ئي لقا سمجهندو هجي. جيڪڏهن ايئن نه به هجي، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن اهي اصطلاح گڏگڏ استعمال ٿي ويندا آهن، تڏهن به هڪ ڳالهه طئي آهي ته هو بهرحال ان ڳالهه تي ”چٽو“ آهي ته تياري ۽ حملي جي ڏاڪن جون ”اسٽريٽجيز“ ۽ ٽيڪٽڪس مختلف هونديون آهن. اسان سمجهون ٿا ته ان بيان ۾ هڪ بنيادي غلطي آهي، جنهن جي درستگي ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ڏاڪو تياري جو هجي يا حملي جو، پارٽي جي اسٽريٽجي ان دور جي بنيادي تاريخي سوال جي نبيري تائين ڪڏهن به نٿي بدلجي، اها ساڳي ئي رهي ٿي. ٽيڪٽڪس ضرور بدلجي وڃن ٿيون. ان مونجهاري کي ختم ڪرڻ لا پاڻ اسٽريٽجي ۽ ٽيڪٽڪس جي تصورن کي ڌار ڌار واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
اسٽريٽجي:
اسٽريٽجي يا سياسي حڪمت عملي پارٽي جي عام سياسي لائين هوندي آهي، جنهن تحت سڄي تاريخي دور جي بنيادي ۽ مک فرضن کي پورو ڪيو ويندو آهي. اها ملڪ اندر ۽ ان کان ٻاهر طبقاتي قوتن جي صفبندي کي اظهاريندي. اسٽالن چئي ٿو: ”انقلاب جي ڪنهن خاص مرحلي ۾ مزدور طبقي جي مک حملي جو رخ طئي ڪرڻ، انقلابي قوتن جي رجحان ۽ جهڪا سان ٺهڪندڙ خاڪي جي تفصيلي وضاحت ڪرڻ ۽ انقلاب جي خاص مرحلي دوران ان خاڪي کي عمل ۾ آڻڻ لا جدوجهد ڪرڻ کي اسٽريٽجي چيو وڃي ٿو.“ (پرابلمز آف ليننزم)
هو وڌيڪ لکي ٿو: ”اسٽريٽجي انقلاب جي مک قوتن ۽ انهن جي هنگامي مدد لا محفوظ ڪيل فوجن سان تعلق رکي ٿي. اها انقلاب جي هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ تي تبديل ٿي وڃي ٿي. پر اها خاص مرحلي دوران تبديل نٿي ٿئي.“ (پرابلمز آف ليننزم)
اسٽالن جي مٿين بيان مان اهو واضح آهي ته هر تاريخي دور جي انقلابي جدوجهد جي اسٽريٽجي ان پوري دور ۾ ساڳي رهي ٿي. جيستائين اها ڪنهن ٻئي تاريخي دور ۾ داخل نٿي ٿئي. ٻئي تاريخي دور جي انقلابي جدوجهد به ان دور سان گڏ بدلجي وڃي ٿي. هاڻي ان کي اسان ڪجهه مثالن ذريعي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
بالشويڪن جون 1903ع کان 1917ع تائين ڪل ٽي حڪمت عمليون رهيون. هڪڙي حڪمت عملي 1903ع کان 1917ع جي فيبروري جي بورجوا جمهوري انقلاب تائين جاري رهي. ان سڄي دور ۾ ان حڪمت عملي ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. يعني اها ساڳي رهي. ان حڪمت عملي جو بنيادي ٽاسڪ انقلاب وسيلي زارشاهي جو خاتمو آڻڻ هو. اهو تاريخي فريضو مڪمل ڪرڻ کان پو ٻئي مرحلي يعني سوشلسٽ انقلاب جي مرحلي جي حڪمت عملي تبديل ٿي وئي. جنهن تحت بورجوا جمهوري ۽ سامراجيت جو خاتمو آڻي سوشلست رياست قائم ڪئي وئي. ٽئين مرحلي (دور) جي حڪمت عملي سوشلسٽ سماج جي اڏاوت هئي، جيڪا سوويت يونين جي قائم رهڻ تائين تبديل نٿي.
هن مهل تائين سوشلزم قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻه حڪمت عمليون (عام لائينون) رهيون آهن. هڪ انقلابي ۽ ٻي سڌارپسند. مثال طور، اسان جي خطي سميت سڄي دنيا جون هڪڙيون سوشلسٽ پارٽيون سرمائيداري جي ڍانچي اندر رهندي، جمهوري رستي وسيلي سوشلزم قائم ڪرڻ گهرن ٿيون. جڏهن ته ٻيون ليننسٽ ڪميونسٽ پارٽيون آهن جيڪي انقلاب وسيلي بورجوازي جي اقتدار کي اونڌو ڪري، سرمائيداراڻي رياستي مشينري ٽوڙي پورهيت آمريت قائم ڪري، سوشلسٽ سماج اڏڻ چاهين ٿيون. اهي ٻه لائينون آهن، جن تحت سڌارپسند ليفٽ ۽ انقلابي ڪميونسٽ پارٽيون هڪٻئي کان بنيادي طور ڌار ٿي بيهن ٿيون. يعني سڌارپسند ليفٽ جي حڪمت عملي سرمائيداري سان ڪنهن به وڏي ويڙهه کان سوا پارلياماني جمهوريت وسيلي سوشلزم قائم ڪرڻ (اهو سوشلزم اهڙو ئي هوندو جيڪو هن مهل فرانس ۾ سوشلسٽ پارٽي جو صدر ايمانوئل ماڪرون قائم ڪري ويٺو آهي.) ۽ لينني ڪميونسٽ پارٽي جي حڪمت عملي انقلاب وسيلي سوشلزم قائم ڪرڻ آهي.
ٽيڪٽڪس:
ٽيڪٽڪس پارٽي جي موجوده پاليسي ۽ جدوجهد جي انهن طريقن ۽ شڪلين جو اظهار هونديون آهن جن کي مخصوص صورتحال تحت استعمال ۾ آندو ويندو آهي. انهن تي پارٽي جي عام لائين (حڪمت عملي) کي آڏو رکي ڪم ڪيو وڃي ٿو، جن جي بنياد تي تڪڙن مسئلن کي نبيريو ويندو آهي. جيڪي ڊگهي عرصي لا تاريخي دور جي اصولي مقصدن جي حاصلات ۾ پنهنجو حصو وجهندا آهن. جيئن اسٽالن چئي ٿو: ”ٽيڪٽڪس نالو آهي تحريڪ جي لاهن چاڙهن، انقلاب جي عروج يا زوال، جدوجهد ۽ تنظيم جي پراڻين شڪلين جي جا تي نين شڪلين، پراڻن نعرن جي جا تي نوان نعرا اختيار ڪرڻ، ۽ انهن شڪلين کي گڏڻ لا نسبتن مختصر دور ۾ مزدور طبقي جي واٽ کي متعين ڪرڻ ۽ ان واٽ کي ڪامياب بڻائڻ لا ويڙهه ڪرڻ جو. اسٽريٽجي جو مقصد زارشاهي خلاف جنگ کٽڻ آهي، زارشاهي يا سرمائيدارن خلاف جدوجهد کي انتها تائين وٺي وڃڻ آهي، ٽيڪٽڪس جو تعلق نسبتن گهٽ اهميت جي مقصدن سان هوندو آهي. انهن جو مقصد مجموعي طور جنگ کٽڻ ناهي، بلڪ هڪ خاص ويڙهه کٽڻ آهي. انقلاب جي عروج يا زوال جي ڪنهن خاص دور جي حالتن موجب هڪ خاص ويڙهه جي هڪ خاص عمل کي ڪاميابي سان پڄاڻي تائين پهچائڻ آهي. ٽيڪٽڪٽس اسٽريٽجي جو هڪ جز آهي. ان جي ماتحت آهي ۽ ان جي ضرورت کي پورو ڪري ٿي.“ (پرابلمز آف ليننزم)
هو وڌيڪ لکي ٿو: ”ٽيڪٽڪس لاهن چاڙهن مطابق تبديل ٿيندي رهي ٿي. انقلاب جي پهرين دور (1903ع کان فيبروري 1917ع تائين) ۾ اسٽريٽجڪ پلان ۾ ڪا به تبديلي ڪونه آئي. پر ان دور ۾ ٽيڪٽڪس ڪيترائي ڀيرا تبديل ٿيون. 1903ع کان 1905ع تائين جي دور ۾ پارٽي حملي جي ٽيڪٽڪس اختيار ڪئي، ڇاڪاڻ ته انقلاب جي لهر اڀري رهي هئي، تحريڪ اڀار ۾ هئي، ٽيڪٽڪس کي ان حقيقت کان شروع ٿيڻو هو. اهڙي نموني انقلاب جي لهر جي ضرورتن پٽاندر جدوجهد جون شڪليون انقلابي هيون، مقامي سياسي هڙتالون، سياسي مظاهرا، عام سياسي هڙتالون، دوما جو بائيڪاٽ، بغاوت، انقلابي ويڙهاڪ نعرا، ان دور ۾ جدوجهد جون هڪٻئي پويان اهي ئي صورتون هيون. جدوجهد جي شڪلين ۾ جيڪي تبديليون ٿيون، اهي تنظيم جي شڪلين ۾ تبديلين مطابق ٿيون. فيڪٽري ڪميٽيون، هارين جون انقلابي ڪميٽيون، هڙتالي ڪميٽيون، مزدورن جي نمائندن جون سوويتون، مزدورن جي پارٽي جيڪا گهٽ يا وڌ کلي عام ڪم ڪر رهي هئي، ان دور ۾ تنظيم جون اهي ئي شڪيلون هيون. 1907ع کان 1912ع جي دور تائين پارٽي پوئتي هٽڻ جون ٽيڪٽڪس اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان کي اهو تجربو ٿيو ته انقلابي تحريڪ زوال پذير آهي، انقلاب لاٿ ۾ آهي. ان ڪري ٽيڪٽڪس ۾ ان حقيقت کي غور ويچار ۾ آڻڻ ضروري هو. جدوجهد گڏوگڏ تنظيم جون شڪليون به ان لحاظ کان تبديل ٿيون. دوما جو بائيڪاٽ ڪرڻ بدران دوما ۾ شريڪ ٿياسين. دوما کان ٻاهر سرعام انقلابي عمل بدران دوما ۾ پارلياماني تقريرون ۽ پارلياماني ڪم ٿيو. عام سياسي هڙتالن بدران جزوي معاشي هڙتالون ٿيون. بيشڪ، ان دور ۾ پارٽي کي انڊرگرائونڊ ٿيڻو پيو. جڏهن ته انقلابي عوامي تنظيمن جي جا تهذيبي، تعليمي، ڪو آپريٽو، انشورنس ٻين قانوني تنظيمن والاري. انقلاب جي ٻئي ۽ ٽئين دور بابت به اها ئي ڳالهه چئي سگهجي ٿي. انهن ۾ به ٽيڪٽڪس ته هر هر تبديل ٿي پر اسٽريٽجي ۾ ڪا به تبديلي ڪونه آئي.“ (پرابلمز آف ليننزم)
گوريلا وارفيئر هجي، يا پرامن جدوجهد، عدم تشدد تحت ٿيندڙ جدوجهد هجي يا هٿياربند جدوجهد، جدوجهد جون اهي سڀئي صورتون ٽيڪٽڪس جا سوال آهن. مائوسٽن جي سڀ کان وڏي غلطي اها آهي ته انهن ٽيڪٽڪس (هٿياربند جدوجهد) جي سوال کي حڪمت عملي جي مسئلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. چي: انقلاب ته بندوق سان ئي ايندو. جيئن مائو چيو هو ته Political power grows out of the barrel of a gun. سياست ۾ ان کي والنٽرزم (Voluntarism) چيو ويندو آهي. جنهن تحت تاريخي عمل جي معروضي قانونن کي غور هيٺ آڻڻ بدران پنهنجي من ماني تي ٻڌل فيصلا ڪندي داخلي خواهشن مطابق جدوجهد ڪئي ويندي آهي. لينن سياست کي آلجبرا چيو آهي. انقلابي سياسي قيادت کي ان تي عبور هئڻ ضروري آهي. انقلابي قيادت سائنس ۽ آرٽ جي وحدت هوندي آهي. سياسي قيادت جو فن جدوجهد جي سڀني صورتن تي عبور، ۽ ان مان ڪهڙي صورت ڪهڙي وقت ۽ لمحي ۾ اثرائتي ٿي سگهي ٿي، ان جي چونڊ ڪري سگهڻ جي اهليت ۽ ان جي استعمال جي ڄاڻ تي آڌاريل هوندو آهي. انقلابي قيادت ۾ ان اهليت جو هجڻ به ضروري آهي ته هو گهربل وقت ۾ مکيه فرض جي تز انداز ۾ چونڊ ڪري سگهي، جنهن (فرض) جو حل ٻين فرضن جي ڪاميابي جو فيصلو ڪندڙ هجي. متضاد ۽ پيچيده سياسي اڳڀراين جي ڪري ”مک ڪڙي“ کي ڳولي لهڻ ايڏو آسان ناهي هوندو. پر جدوجهد جي آرٽ ۽ سائنس کان واقف لينن ۽ اسٽالن جهڙي انقلابي قيادت ان ڪڙي کي ڳولي لهندي آهي.
(هلندڙ)