سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مبينا خودڪشي ڪندڙ پورهيت جي وارثن جو مظاهرو

لاڙڪاڻي جي الھ آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪجهھ ڏينهن اڳ مبينا خودڪشي ڪندڙ پورهيت جي پيرسن والدين پٽ جي خودڪشي کي قتل قرار ڏيندي معاملي جي شفاف جاچ لاءِ ڌيئرن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نظر پاڙي جي پيرسن ذوالفقار چنو گهرواري نجمه خاتون، ڌيئرن سميت دانهيندي چيو ته 4 سال اڳ نوجوان پٽ آصف علي الھ آباد پاڙي جي رهواسڻ نگينه خاتون سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس پٽ جو اولاد آهي، شادي جي ڏيڍ سال بعد پٽ گهرواري جي چوڻ تي اسان کان ڌار ٿي ساهرن ويجهو مسواڙ جي جڳھه وٺي رهائش اختيار ڪئي. هن الزام لڳايو ته 28 سيپٽمبر تي پٽ آصف علي چنو کي گهرواري نگينه، سس ذليخان خاتون، سالي زبير هليو، زبيده خاتون ۽ علي خان شيخ قتل ڪرڻ بعد واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏنو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button