اعجاز منگي
ملڪ اهم سياسي ۽ انتظامي تبديلين سان هم آغوش ٿي رهيو آهي. هاڻي آءِ ايس آءِ جو سربراه جنرل فيض حميد نه پر جنرل نديم احمد انجم آهي. جڏهن ته مخالف ڌر جي ميڙمنٿ ڪرڻ جو ڪشٽ کڻڻ بدران حڪومت هڪ آرڊيننس سان نيب سربراهه جو مدو وڌائي ڇڏيو آهي. مريم نواز اسٽيبلشمينٽ سان سڌو ٽڪراءَ ۾ آيل آهي. وفاق سنڌ کي هن مهل به پنهنجا حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. پورو ملڪ مهانگائيءَ جي جنڊ ۾ پيسجي رهيو آهي. سنڌ کي پنهنجا اصل حق نه ملڻ سبب سنڌي ماڻهو ٻٽي مصيبت ۾ آهن. بلوچستان جي اسيمبليءَ ۾ اقتداري بغاوت پنهنجي عروج تي هئي ته صوبي جي هرنائي نالي صوبي ۾ اهرو زلزلو آيو، جنهن ويهن کان وڌيڪ انسانن جون زندگيون کسي ورتيون آهن.
جيڪڏهن مجموعي طور تي ڏسجي ته مٿين سموري صورتحال ۾ ڪهڙو موضوع مضمون ٿيڻ جو حقدار آهي؟ ملڪ ۾ جيڪي به سياسي ۽ انتظامي تبديليون اچن ٿيون، انهن جو عام ماڻهن جي زندگين سان ڪو تعلق ڪونهي. ڪجهه خاندانن تي فرق پوندو هجي ٻي ڳالهه آهي. باقي لکين ماڻهو اڄ به بي حال ۽ بنا ڪنهن آسري جي آهن. انهن جي هيٺان مٽيءَ، واري يا گاهه واري زمين ۽ مٿان نيري ڇت آهي. هو نسلن کان وٺي رياست کان پنهنجو حقيقي حق گهرندا رهيا آهن پر انهن کي ڪٿان به انصاف نه ملي. هو ڇا ڪن؟ ڪنهن جو در کڙڪائن؟ انهن کي خبر ناهي. انهن کي صرف ايترو پتو آهي ته ملڪ ۾ قانون جو ڪڙو کڙڪائڻ جي لاءِ به تمام گهڻا پئسا گهرجن. ڇو ته وڪيلن کي “فيس” گهرجي. وڪيل في سبيل الله ڪنهن کي انصاف وٺي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ان پوري صورتحال جو جائزو وٺبو ته اسان جي نظر وري به موٽي بلوچستان جي انهن ماڻهن مٿان پوندي جيڪي هر قسم جي آزار جو شڪار آهن. انهن ماڻهن کي هن مهل تائين زندگيءَ جا بنيادي حق حاصل ٿي نه سگهيا آهن. سياستدانن ۽ سردارن کي ته گهڻو ڪجهه گهرجي. جڏهن ته هي ماڻهو صرف جياپي جو حق گهري رهيا آهن.
گذريل ڏينهن به جڏهن سڄي رات جو پاسا ورائي سور سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي مٿان زلزلو ڪڙڪي پيو ۽ انهن جا ڪچا گهر انهن جون قبرون بڻجي ويون. انهن جي مدد لاءِ گهڻا جهاز ۽ گهڻا هيلي ڪاپٽر پهتا؟ ميڊيا ان باري ۾ ماٺ آهي. ميڊيا جي ماٺ جا ٻيا سبب به ٿي سگهن ٿا پر بنيادي طور تي ميڊيا انهن ماڻهن جي لاءِ ايترو گهڻو خفو ۽ خطرو سر مٿان ڇو کڻي؟ جڏهن سرڪار ۽ رياست کي فڪر ناهي. جڏهن ٻيو ته ٺهيو پر قومي ۽ وفاقي سياست کي فڪر ناهي ته پوءِ ميڊيا کي ڪهڙو مٿي ۾ سور پيو آهي جو انهن مئل ماڻهن جا لاش ۽ زخمين جا زخم ڳڻڻ وڃي. اسان کي ان سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه ٻڌايو ويو آهي، اسان اهو پيش ڪيو آهي. جڏهن ته سان به اهو ڄاڻون ٿا ته بلوچستان دکن سان ڀريل دل وانگر تمام ڪشادو صوبو آهي.
بلوچستان ۾ ٻهراڙين ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کان وٿيرا رهندا آهن. اهي سهولتون نه هجڻ سبب پنهنجي متاثر ماڻهو سرڪار وٽ رپورٽ ڪرڻ به نه ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو زلزلي سبب گذاري ويو ته هو ان کي دفن ڪري ڇڏيندا ۽ جيڪڏهن ڪوئي زخمي ٿي پيو ته هو پاڻ ئي انهن کي پٽيون ٻڌي ڇڏيندا آهن. اها ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي ته سان پنهنجي ملڪ جي متاثر ماڻهن جي ڏکن سورن جي پوري رپورٽ به ڪري نه ٿا سگهون.
بلوچستان رياست ۽ سرداري نظام جي وچ واري ٽڪراءَ جو منظر پيش ڪري ٿو. بلوچستان جي عام ماڻهوءَ جو ذڪر ڪڏهن به سياست جو موضوع نه بڻيو آهي. جيڪڏهن رياست ڳالهائيندي آهي تڏهن به بلوچستان جي ذخيرن تي ۽ جيڪڏهن سردار ڳالهائيندا آهن ته به بلوچستان جي سرزمين تي! عام ماڻهو جو تذڪرو ته ان باب ۾ ڪڏهن به نه ٿيو آهي. ڪجهه سالن کان وٺي جڏهن بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جا اڳواڻ عمرين ۾ وڏا ٿي ويا ته بلوچستان جي سياست ۾ مڊڪل ڪلاس جو به تذڪرو ٿيڻ لڳو آهي، اڳ ۾ ته انهن جو به ڪو نالو کڻڻ وارو نه هوندو هو. عام ماڻهو جنهن کي ڪجهه به معلوم ناهي، نه جنهن کي ننڍي هوندي تعليم جو حق مليو ۽ نه جنهن کي وڏو ٿي روزگار جو حق نصيب ٿيو، اهو جيڪڏهن وڃي به ته ڪيڏانهن وڃي؟ اهو سوال بلوچستان جي سياست مٿان ڇپ هڻي ويٺو آهي. جڏهن ته شدت پسنديءَ واري بغاوت سبب بلوچ مسنگ پرسنس جي سلسلي ۾ سڀ کان مشهور صوبو بڻجي ويو آهي. هن مهل تائين ته ڪنهن اهو پتو به نه لڳايو آهي ته اصل ۾ ڪيترا انسان ساڙيا ويا آهن ۽ انهن ۾ ڪيترا سڪا ۽ ڪيترا آلا هئا؟ بلوچستان جي باري ۾ ڪجهه به نه ڪڇڻ واري پاليسي ڪيتري نه ڪٺور رهي آهي ۽ ان پاليسيءَ سبب عام ماڻهن ڪيترو نه ڀوڳيو آهي؟
بلوچستان جو درد طويل آهي. اهو صرف هرنائيءَ ضلعي ۾ آيل زلزلي تائين محدود ناهي. بلوچستان ۾ زندگيءَ جون عام ضرورتون، جيڪي ڪنهن به رياست کي پوريون ڪرڻ کپن سي نه ٿيون ملن ۽ اتان جا اصلوڪا ماڻهو جڏهن تعليم ۽ تربيت جهڙي بنيادي حق کان محروم رهجي ٿا وڃن ته هو ٻين سکين ۽ ٻاهر کان ايندڙ ماڻهن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري اسان کي بلوچستان ۾ بيگناهن جو لاش ڪرندي به نظر آيا آهن. جڏهن به ڪو وڏو واقعو ٿيندو آهي، ان مهل وڏا واعدا ڪيا ويندا آهن ۽ اهي واعدا فوري طور تي وسرڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لڳندا آهن. ڇا بلوچستان جي سرزمين جو وڏو حصو علم ارضيات جي مطابق “فالٽ لائن” تي آهي؟ ان ڪري زلزلا اچڻ فطري ڳالهه آهي. پر اسان انهن زلزلن جي ڳالهه نه ٿا ڪريون، جيڪي قدرتي آهن. اسان ته انهن زلزن جو تذڪرو ڪري رهيا آهيون، جيڪي ڪڏهن دهشتگرد بم ڌماڪن جي صورت ۾ ته ڪڏهن حملن جي صورت ۾ انسانن کان جيئڻ جو حق کسين ٿا ۽ جڏهن به خاص طور تي صوبي جو گاديءَ وارو شهر ڪوئيٽا ڪنهن وڏي مصيبت جو شڪار ٿيندو آهي ته همدرديءَ جي لاءِ وڏي مشڪل کان پوءِ وزير اعظم به ايندو آهي ۽ اهو جيڪو ڪجهه چئي ويندو آهي، ڇا ڪڏهن به ان جي مٿان عمل ٿيو آهي؟
بلوچستان جو وڏو مسئلو ڪهڙو آهي؟ بلوچستان جو سڀ کان وڏو مسئلو بي انصافي آهي. اها بي انصافي جيڪا سماجي توڙي سياسي صورتن ۾ ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي ۽ ماڻهن کي ڪنهن به سطح تي سهائتا نظر نه ٿي اچي. بلوچ انسانن جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي ۽ جيتري انهن جي تاريخ قديم آهي، ايترا انهن جا سور پراڻا آهن. بلوچستان ۾ اڄ به تمام گهڻي غربت آهي. بلوچستان اڄ به ملڪ جو سڀ کان پوئتي پيل صوبو آهي. جڏهن هي اهو صوبو آهي، جنهن ۾ قدرتي خزانا تمام گهڻا آهن ۽ هي اهو صوبو آهي، جنهن جون سرحدون ٻن ملڪن سان ملن ٿيون، ان حوالي سان هي صوبو واپار جو وڏو مرڪز بڻجي سگهي ٿو پر جيئن ڪنهن صوبي تي ڌيان ڏجي ۽ جيئن ڪنهن صوبي جي باري ۾ پاليسي ٺاهجي، ان طرح سان ڪڏهن به بلوچستان تي ڪڏهن سوچيو ئي نه ويو آهي. جيڪڏهن ڪو باغي ساٿين سان گڏ پهاڙن تي چڙهي ويو ته ان خلاف آپريشن تي ايندڙ خرچ جو حساب ته رکيو ويندو پر جڏهن عام ماڻهو بيمار يا زخمي ٿئي ٿو ته ان جي علاج يا آپريشن جي لاءِ سرڪاري سطح تي ڪجهه به ڪونهي. جيڪڏهن انهن حالتن ۾ ڪو ماڻهو شدت پسنديءَ جي رستي تي هلڻ لڳي ٿو ته ان ۾ ڪنهن کي به اچرج لڳڻ نه گهرجي. ڇو ته بلوچستان ۾ بغاوت جا ٻج ڦٽڻ جي سلسلي ۾ جيڪا سورن جي سرزمين آهي، اها ته سرڪار پاڻ ٺاهي جوڙي راس ڪئي آهي ۽ جڏهن به ان تي خون وهي ٿو ته بغاوت جا ٻج پنهنجو پاڻ ڦٽي نڪرن ٿا. ان صورت ۾ اسان ڪنهن ٻي جي مٿان تهمت هڻڻ بدران پهريان پاڻ کي ڏسون ته ڇا اسان پنهنجن ماڻهن کي حق ڏنا آهن؟ ڇا اسان انهن سان انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيون آهن؟ جيڪڏهن “نه” ته پوءِ پهرين اسان کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي. ان کان پوءِ ڪنهن ٻي جي مٿان ڪيس ٺاهڻ جي تياري ڪجي.
بلوچستان کي ته اسان قومي سطح تي ڪڏهن به ياد نه ڪندا آهيون پر جڏهن ڪو ڌماڪو ٿيندو آهي ۽ جڏهن ڪو زلزلو ايندو آهي ته بلوچستان پنهنجي سمورن سورن سان اسان جي اندر جو ڪڙو کڙڪائيندو آهي. هن ڀيري به اهڙو ڪجهه ٿيو آهي. ڇا اسان بلوچستان جي سار تڏهن لهنداسين جڏهن اتي جا ماڻهو ڪنهن قدرتي يا مصنوعي طور تي مڙهيل عذاب جو شڪار ٿين؟ ڇا اها ريت ڪنهن به رياست کي سونهين ٿي؟ بلوچستان کي اسان ڀلي ڪو ماڊل صوبو نه بڻايون پر بلوچستان کي اسان ڦرلٽ، بدامني، غربت ۽ ڪرپشن جو مثال ته نه ٺاهيون!! بلوچستان جي باري ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون ۽ تمام وڏا قصا آهن. انهن ۾ بلوچ ڪلچر جا رنگ روپ ۽ ساز سنگيت به آهن پر جڏهن هڪ ٻارڙو ڪنهن تڪليف سبب چيخي ٿو، تڏهن سمورا ساز سانت ٿي وڃن ٿا. اسان کي بلوچستان جي باري سٺيون ڳالهيون به لکڻ گهرجن پر ان جو شرط اهو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اسان پهرين بريون ڳالهيون ته بند ڪريون. عرب شاعر ۽ مفڪر خليل جبران لکيو آهي ته “جيڪڏهن اوهان بکئي ماڻهوءَ جي سامهون گيت ڳائيندا ته هو اوهان جو گيت ڪنن بدران پيٽ سان ٻڌندو” بلوچستان جو به ڪجهه اهڙو حال آهي. بلوچستان جي پڌري ۽ ڳجهي سياست في الحال ته پري ڪيو. هن وقت هرنائي ۽ ڀرپاسي مان جيڪي سورن جو صدائون اچي رهيون آهن، في الحال انهن کي ته ٻڌو. اهي صدائون جيڪڏهن نه سڻيون ويون ته پوءِ بلوچستان ۾ قدرتي نه پر سياسي ڀونچال ايندو ۽ ان ڀونچال جو الزام ٻين قوتن تي مڙهيو به ويندو ته ڇا ٿيندو؟ بلوچستان انصاف کي پڪاري رهيو آهي. بلوچستان جا ماڻهو ئي نه پر بلوچستان جي سرزمين به پڪاري رهي آهي ته هن کي انصاف گهرجي.