سنڌ

صدر جي آفيس آرڊيننس فيڪٽري بڻجي وئي آهي:شازيا مري

پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامنٽيرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري چيو آهي ته اڄ ملڪي صدر عارف علوي جي آفيس آرڊيننس فيڪٽري بڻجي چڪي آهي، صدر کي گھٽ ۾ گهٽ انهن آرڊيننس کي پڙهڻ ضرور گھرجي جيڪي هو ڪڍندو آهي. هن کي احساس ڪرڻ گھرجي ته هاڻ هو ملڪ جو صدر آهي، سندس پاڪستان جي آئين ۾ هڪ ڪردار آهي، هو ان ڪردار کي ادا ڪري، بجائي ان جي جو هو ڪنهن جو منشي بڻجي. چيئرمين نيب جي جي ملازمت ۾ واڌري جي معاملي تي شازيه مري چيو ته هاڻ حڪومت پنهنجي سڪيلڌي ۽ لاڏلي چيئرمين نيب جي نوڪري ۾ واڌارو ڪرڻ وڃي رهي آهي جيڪا ملڪي آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي آهي، حڪومت کي هوش ڪرڻ گھرجي، اها هڪ صدارتي آرڊيننس جي ذريعي چيئرمين نيب کي ٻيهر مقرر نٿي ڪري سگھي. اهو آئين ۽ قانون جي خلاف آهي. انهن ڳالهين جو اظهار هن ڪلفٽن ڪراچي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button